بلاگنئون

جيسين اميد جي چمڪ باقي آهي، تيسين زندگيءَ جو سفر روان دوان رهندو

زندگيءَ جي اونداھين راتين ۾ جڏھن ھر طرف مايوسيءَ جو راڄ ھجي، تڏھن به انسان جي دل ۾ هڪ اهڙي اميد جي آس ھجي جيڪا ايئن چمڪي جو جڳ کي روشن ڪري ڇڏي، جيئن اونداهي رات ۾ ڏيئو جلي پوي ۽ سنسار کي جڳمڳ ڪري ڇڏي. اميد انسان جي روح جو اھم جزو آھي، جيڪا کيس مايوسيءَ جي دوزخ مان نجات ڏياري، زندگيءَ جي نئين صبح ڏانھن وٺي وڃي ٿي. لفظ اميد عربي لفظ “اَمل” مان ورتل آھي، جنھن جو مطلب آھي اميد، آسرو، آسرو، خواهش “چڱيءَ جي اميد رکڻ” يا سڀاڻيءَ جي سهائيءَ جو انتظار. مذھبي نقطهءِ نظر سان تاريخ جي ورقن ۾ جڏهن گهري مطالعي سان نظر وجهون ٿا ته اها خبر پوي ٿي ته اميد انسانيت جي بقا جو بنياد رهي آھي. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام کي باھ ۾ اڇلايو ويو، تڏهن به هو اميد جي عنصر تي قائم رهيو ۽ ان اميد سان باھ پڻ ٿڌي ٿي وئي ۽ پاڻ سلامتي سان نڪري آيا.  جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام نيل درياءَ ۾ پنهنجي قوم سان گڏ داخل ٿيا ته کين اميد هئي ته سندن لاءِ ڪو نه ڪو رستو پيدا ٿيندو ۽ ٿيو به ائين جو هو پنهنجي قوم سان گڏ سلامتيءَ سان درياءَ جي پار هليا ويا، اهوئي اميد جو اعليٰ ترين مثال آھي. ساڳي طرح جديد سانئسي فڪر ۾ به اميد جو تصور اهم جاءِ والاري ٿو. دنيا جي جڳ مشهور سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن چيو هو ته، “اميد علم کان وڌيڪ اهم آھي، ڇو ته اميد ئي نون خيالن ۽ دريافتن جو سرچشمو آھي.” ساڳي طرح سنڌ توڙي دنيا جي شاعري جو بي تاج شھنشاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اميد کي روحاني زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏيندي چئي ٿو.

“اُميد نه ڇڏين، توڙي ڏک ڏاڍا ڏسي،

آخر ٿيندس سي، جن سان دل لڳي.”

شاهه لطيف جو پيغام آھي ته سچي محبت ۽ سچي اميد ڪڏهن خالي نه ويندي آخرڪار روشني ضرور ايندي. ائين وري جديد سائنسي ماهر اسٽيفن هاڪنگ جيڪو زندگي جي سڀ کان ڏکين مرحلن ALS جهڙي بيماري سان جنگ وڙھندي به سائنسي تحقيقن ۽ نون کوجنائن ۾ مصروف رهيو. چئي ٿو: “جتي زندگي آھي ته اميد به آھي. انسان جي فطرت ۾ اميد قدرتي طور تي شامل آھي.” جيڪا انسان کي انوکا ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏياري ٿي. نفسيات جي ماهر چارلس آر سنيڊر جي مطابق. “اميد صرف احساس ناھي، پر سوچڻ جو ھڪ انداز آھي، جيڪو انسان کي نوان رستا ڳولهڻ ۽ مشڪلاتن کي قابو ڪرڻ سيکاري ٿو.” اميد جيڪا انسان کي اهڙي طاقت بخشي ٿي جيڪا هر تڪليف، درد، آزار کان سڪون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ماهر نفسيات مارٽن سيلگمن پنهنجي ڪتاب Learned Optimism 1991)) ۾ لکي ٿو ته، “جيڪي ماڻھو اميد رکندا آھن، سي زندگيءَ ۾ وڌيڪ خوش، ذھين ۽ ڪامياب ٿيندا آھن.” هو چوي ٿو: “سماجيات جي لحاظ سان به اميد قومن جي ترقيءَ جو بنياد آھي. جڏھن قومون بحران ۾ ھجن، جيئن وبائن، سياسي افراتفري يا معاشي ڏکين حالتن ۾  تڏھن اميد جي ھڪ چمڪ ئي نئين سفر جي شروعات بڻجي ٿي.” مطلب ته زندگي جي اهنجن کي مٽائڻ جي سگھ اميد ئي رکي ٿي.

تنهنڪري پاڪستان جي قيام دوران قائداعظم محمد علي جناح قوم کي ھميشه اميد ڏياريندي چوندو ھو. “ھيءَ  هڪ اميد ئي هئي جنهن هڪ خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو.” مطلبت ته اميد هڪ ڪٺن رستو آھي، جيڪو انسان کي پنهنجي منزل تائين پهچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. جڏھن اردو ادب  جي پنن تي نظر وجهون ٿا ته خبر پئي ٿي ته اميد ھميشه انسان کي خوابن جون تعبيرون ڏنيون آھن.

علامه اقبال چوي ٿو:

ستارون سي آگي جهان اور ڀي هين،

اڀي عشق ڪي امتحان اور ڀي هين.

ھي شعر انسان کي حوصلو ڏئي ٿي ته موجوده حالتن کان مايوس نه ٿيو، اميد تي يقين رکو ڇو ته زندگي ۾ نوان امڪان ھميشه موجود ھوندا آھن. ائين اميد جو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪندي فلاسافر گيبريل مارسيل لکي ٿو ته: “اميد روح لاءِ ايتري ضروري آھي جيترو جسم لاءِ ساهه، بغير اميد جي انسان جي اندر جي دنيا مرجھائجي وڃي ٿي.” معلوم ٿئي ٿو ته اميد زندگي جو روح آھي، زندگي ۾ جنهن وٽ اميد جي دولت ناهي اها زندگي شاپنگ سينٽر ۾ پيل ڪنهن پتلي جيان آهي، جيڪو بظاهر ته ڏاڍو وڻندڙ آهي، پر بيجان آھي. وري جيڪڏهن بغاوت جي دنيا ۾ کلي اک سان نهاريون ٿا ته آفريڪا جو مشھور ڪامريڊ نيلسن منڊيلا تي اکيون کپن ٿيون، جيڪو پنهنجي اڌ ڄمار لوهي ڪوٽن جي پٺيان رهيو تڏهن به اميد جو دامن انتهائي مضبوطي سان پڪڙي بيٺل رهيو، آخرڪار پنهنجي وطن کي آزادي جهڙي نعمت سان نوازڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انهن جي زندگي ۾ مان اهو سبق معلوم ٿئي ٿو ته اميد انسان کي هر تڪليف مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي. ذڪر ڪيل مڙني عظيم اسڪالرن جا قول اسان کي سيکارين ٿا ته اميد رڳو مذھبي يا جذباتي ڳالھ نه آهي، پر اها سانئسي سوچ ۽ ترقي جو به بنياد آهي. اڄ جڏهن دنيا ۾ جنگ، غربت، ماحولياتي تباهي جا طوفان هلي رهيا آھن. تڏهن به اميد ئي آھي، جيڪا انسان کي نون رستن جي تلاش تي مجبور ڪري ٿي. تعليم، سائنس ۽ انساني همدردي ۾ اميد جي روشني سان ئي دنيا اڳتي وڌي سگهي ٿي. اميد جي ھڪ چمڪ صرف لفظي اظهار ناھي، پر زندگيءَ جو فلسفو آھي. جڏھن انسان مايوسيءَ جي ڪناري تي بيھي، اکين اڳيان ڪو رستو نظر نه اچي، تڏھن به دل ۾ ھڪ ننڍڙي اميد جي چمڪ اُڀري ٿي، جيڪا کيس اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏئي ٿي. اميد هڪ اهڙو شعلو آهي، جيڪو تاريخ ۾ به نٿو وسامي. اها انسان جي اندر جو ايمان آھي، جيڪو کيس هر طوفان، هر ڏک ۽ هر ناڪامي کانپوءِ ٻيهر اڀرڻ جو اتساهه بخشي ٿو. جيتوڻيڪ حالتون ڪيتريون به ڏکيون هجن، جيستائين دل ۾ اميد جي هڪ چمڪ باقي آھي. تيستائين زندگي جو سفر روان دوان رهندو. اھائي چمڪ دنيا جي سڀني تبديلين، ترقي ۽ محبت جي ڪهاڻين جو آغاز آھي.