زندگيءَ جي اونداھين راتين ۾ جڏھن ھر طرف مايوسيءَ جو راڄ ھجي، تڏھن به انسان جي دل ۾ هڪ اهڙي اميد جي آس ھجي جيڪا ايئن چمڪي جو جڳ کي روشن ڪري ڇڏي، جيئن اونداهي رات ۾ ڏيئو جلي پوي ۽ سنسار کي جڳمڳ ڪري ڇڏي. اميد انسان جي روح جو اھم جزو آھي، جيڪا کيس مايوسيءَ جي دوزخ مان نجات ڏياري، زندگيءَ جي نئين صبح ڏانھن وٺي وڃي ٿي. لفظ اميد عربي لفظ “اَمل” مان ورتل آھي، جنھن جو مطلب آھي اميد، آسرو، آسرو، خواهش “چڱيءَ جي اميد رکڻ” يا سڀاڻيءَ جي سهائيءَ جو انتظار. مذھبي نقطهءِ نظر سان تاريخ جي ورقن ۾ جڏهن گهري مطالعي سان نظر وجهون ٿا ته اها خبر پوي ٿي ته اميد انسانيت جي بقا جو بنياد رهي آھي. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام کي باھ ۾ اڇلايو ويو، تڏهن به هو اميد جي عنصر تي قائم رهيو ۽ ان اميد سان باھ پڻ ٿڌي ٿي وئي ۽ پاڻ سلامتي سان نڪري آيا. جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام نيل درياءَ ۾ پنهنجي قوم سان گڏ داخل ٿيا ته کين اميد هئي ته سندن لاءِ ڪو نه ڪو رستو پيدا ٿيندو ۽ ٿيو به ائين جو هو پنهنجي قوم سان گڏ سلامتيءَ سان درياءَ جي پار هليا ويا، اهوئي اميد جو اعليٰ ترين مثال آھي. ساڳي طرح جديد سانئسي فڪر ۾ به اميد جو تصور اهم جاءِ والاري ٿو. دنيا جي جڳ مشهور سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن چيو هو ته، “اميد علم کان وڌيڪ اهم آھي، ڇو ته اميد ئي نون خيالن ۽ دريافتن جو سرچشمو آھي.” ساڳي طرح سنڌ توڙي دنيا جي شاعري جو بي تاج شھنشاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اميد کي روحاني زندگيءَ جو سرچشمو قرار ڏيندي چئي ٿو.