ڊينگي جو مرض ھن سال به خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري رھيو آھي، سنڌ ۾ سوين ڪيس سامھون اچي چڪا آھن، هڪ رپورٽ موجب 2013ع ۾ ڊينگي جا 5970، 2014ع ۾ ڊينگي جا 1295، 2015ع ۾ ڊينگي جا 3962، 2016ع ۾ ڊينگي جا 2418، 2017ع ۾ ڊينگي جا 2927 ۽ 2018ع ۾ ڊينگي جا 2088 ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران سوين ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. ڊينگي جي ڪري هن سال ڪجھ متاثر فوت ٿي چڪا آهن.
سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ ڊينگي وائرس جو ڦهلاءُ ھاڻ هر سال جو معاملو ٿي ويو آهي، جڏهن سنڌ جا عام طور تي سمورا ضلعا ۽ خاص طور تي 7-8 ضلعا برسات تباھ ڪري ڇڏيا ھئا تڏھن ان موقعي تي به ڊينگي وائرس جي ظاهر ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جي مرڻ جون خبرون انتهائي خوفناڪ بڻجي ويون ھيون، هنن ئي مهينن ۾ تقريبن ھر سال ڊينگي وائرس ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو ڪارڻ بڻبو رھيو آھي. ھن سال اھا مصيبت ۽ قدرتي آفت وڏي پيماني تي ٿر تي نازل ٿي آھي. ھن کان اڳ ٿر ۾ معصوم ٻار بک وگھي مرندا رھيا ھئا ۽ موتن جو اھو سلسلو اڃان جاري ئي آھي ته ان ئي ڏکئي وقت ۾ اتي وري ڊينگي جي صورت ۾ ھڪ نئين مصيبت سامھون آئي آھي، ڊينگي وائرس ڦھلائيندڙ خاص مڇر بيٺل ۽ صاف پاڻي تي اچي ٿو، ٿر ۾ ماڻھو پاڻي جي کوٽ سبب ھٿ جي ٺاھيل حوضن، تلائن يا کڏن ۾ پاڻي جمع ڪري رکندا رھيا آھن ان ڪري چيو وڃي پيو ته ھن سان ڊينگي ان سبب ڪري اتي ڦھليو آھي،
ھي سٽون لکجڻ ۽ ڇپجڻ تائين ٿر جي مختلف علائقن ۾ ٿورن ڏينھن اندر 2 سئو جي لڳ ڀڳ ماڻھو متاثر ٿيا آھن. سرڪار ۽ صحت کاتي جا پنھنجا انگ اکر آھن، پر سرڪار ۽ ان جي صحت کاتي جي ڊينگي کي روڪڻ جي حوالي سان ڪا به مناسب حڪمت عملي نظر نه آئي آھي، جنھن سبب ٿر جا غريب ماڻھو ھن سال ھڪ نئين وبا ۾ مبتلا ٿيا آھن، ھنن ئي مھينن دوران حيدرآباد ۾ به ڊينگي وائرس ڪلور ڪري ھڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت 50 جي لڳ ڀڳ ماڻھن کي اسپتالن تائين اچڻ تي مجبور ڪيو، سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوھو جي والده به ڊينگي جي حملي ۾ فوت ٿيڻ جي خبر آئي. خود تعليم وارو وزير جيڪو تعليم جي سڌراري لاءِ ڪوشان آھي ۽ ان جي گھر واري ايم اين اي محترمه عذرا پيچوھو صاحبه به ڊينگي کان محفوظ نه رھي سگھي. اھڙيون خبرون به ميڊيا جي رونق بڻيون جن ڊينگي واري خوف کي ھيڪاري وڌايو آھي، عام ماڻھو اھو سوچڻ تي مجبور ٿيا آھن ته تعليم وارو وزير صاحب، ان جي والده، گھر واري ايم اين اي صاحبه ڊينگي کان محفوظ نٿا رھي سگھن ته ھو ڪيئن رھي سگھندا؟
ٿر ۾ ڊينگي جو حملو ھن سال ٿر جو ھڪ نئون مسئلو ٿي سامھون آيو آھي، ماڻھن ۾ خوف تڏھن وڌندو آھي جڏھن سرڪار طرفان دعوائن باوجود ماڻھن کي مناسب موٽ يا رليف نه ملندو آھي يا پوءِ ڊاڪٽر، سيڪريٽري، ايم اين اي سطح جا ماڻھو به ان مسئلي جو شڪار ٿيندا آھن.
سال 2010ع ۾ ھنن ئي ڏينھن تائين سنڌ ۾ 1640 ماڻھو ڊينگي وائرس کان متاثر ٿيا ھئا. 2 نومبر 2010ع تائين سنڌ ۾ ڊينگي جي نتيجي ۾ مرندڙن جو تعداد 32 ٿي ويو هو. اھو سال سنڌ ۾ وڏي دريائي ٻوڏ وارو سال ھو پاڻي جي ڪري ڪروڙين ماڻھو متاثر ۽ دربدر ٿيا ھئا. ان مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي وائرس ڪيترو خطرناڪ آھي، جنھن کان بچاءُ جي لاءِ صحت کاتو رڳو اخبارن ۾ ھڪ اشتھار ھلائي خانا پوري ڪري ڇڏيندو رھيو آھي، جيڪو ڪافي ناهي. ھاڻ ماڻھن جو مسئلو آھي ته اھي ڊينگي کان پاڻ کي ڪيئن ٿا بچائين.؟
ڊينگي ڇا آھي؟ ڊينگي ھڪ وائرس جي ذريعي پکڙجي ٿو، جنهن جو خاص نالو “ايڊيز” رکيو ويو آهي، جيڪو هڪ خاص مڇر جي ذريعي ڦھلجي ٿو جيڪو مڇر صرف صاف ۽ بيٺل پاڻي تي اچي ٿو، ماڻھن کي گھڻو ڪري شام يا صبح جي وقتن ڏنگي ٿو، جنھن سان خاص بخار اچي ٿو ان خاص قسم جي بخار مان ڊينگي جا مريض سامھون اچن ٿا. سال 2009ع جي نومبر جي شروعات تائين سڄي ملڪ ۾ ڊينگي جي متاثرن جو تعداد 4 هزار تائين پهتو هو، جيڪو سال 2010ع جي دوران ھنن ساڳين ڏينھن ۾ 6000 ٿي ويل ھو. 2009ع ۾ ھن وائرس جي پکڙجڻ جي حوالي سان سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ جهڙي صورتحال هئي، پر 2010ع ۾ پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ ڪيس سامھون آيا ھئا، ان جو به وڏو سبب دريائي ٻوڏ جو پاڻي جمع ٿيڻ ھو، پنجاب حڪومت ڊينگي جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ نهايت اهم ۽ ڪارائتا قدم کنيا ھئا، جنهن ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت سريلنڪا کان خاص ٽيم به گهرائي ھئي ۽ پرائيويٽ اسپتالن کي ڊينگي جي متاثر ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪرڻ جي هدايتن سان گڏوگڏ ليبارٽرين لاءِ خاص هدايت جاري ڪئي ويئي ھئي ته اهي ڊينگي وائرس جي خاص ٽيسٽ لاءِ صرف 90 رپيا في وصول ڪن. پنجاب صوبي جي صوبائي حڪومت طرفان سريلنڪا مان خاص ٽيم ان لاءِ گهرائي وئي جو سال 2009ع دوران سريلنڪا ۾ ڊينگي وائرس چند مهينن اندر 35 هزار ماڻهو ماريا هئا ۽ اتي جي حڪومت ۽ صحت کاتي ان وائرس جو 2 ڀيرا وڏو مقابلو ڪري ماڻهن کي فائدو پهچائي وائرس جي حملي کان انھن کي محفوظ ڪيو هو. 2010ع ۾ پنجاب ۾ نه رڳو سريلنڪا کان خاص ٽيم گهرائي وئي، پر لاهور هاءِ ڪورٽ به ڊينگي جي حوالي سان صحت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري کي عدالت ۾ طلب ڪري خاص هدايتون ڪيون. غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ٻين عملدارن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ چئي ڇڏيو ھو ته جيڪو به ان ڏس ۾ غفلت ڪندو ان کي نه رڳو نوڪرين مان ڪڍيو ويندو، پر ان تي انساني زندگين کي بچائڻ جي معاملي ۾ غفلت ڪرڻ جا ڪيس به داخل ڪيا ويندا.
ھن وقت سنڌ ۾ ڊينگي جا ڪيس سَون جي تعداد ۾ آهن، ماڻهو ان جي ڪري فوت به ٿيا آهن، پر حڪومت طرفان اشتهارن کانسواءِ ٻيو ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، ٿر مان رپورٽ آئي آھي ته 21 سئو ڳوٺن ۾ 15 لک آبادي ۾ مڇرن کي مارڻ وارو ڦوھارو به نه ڪرايو ويو آھي، ڊينگي جو خطرو سڄي سنڌ کي ساڳيو آھي، پر صحت کاتي جا ان ڏس ۾ ڪي به مناسب قدم ڪٿي به نظر نٿا اچن، جيڪا ڳالھ ڳڻتي جو ڳي لڳي رهي آهي.
ڊينگي وائرس دنياوي حوالي سان 55 سال پراڻو آهي، پاڪستان ۾ ان جو پهريون ڪيس 2003ع ۾ خوشاب ۾ ظاهر ٿيو، سنڌ ۾ 2009ع دوران تقريبن هنن ئي ڏينهن ۾ ڊينگي وائرس هجڻ جي شڪ ۾ 400 مريضن کي چڪاسيو ويو هو، جن مان هڪ ٻن کي ڊينگي متاثر ڪيو هو، باقي ان کان آجا قرار ڏنا ويا هئا. ان مان به واضح آهي ته هر اهو ماڻهو جيڪو سمجهي ٿو ته کيس دينگي وائرس متاثر ڪيو آهي، اهو لازمي نه آهي ته کيس ڊينگي وائرس متاثر ڪيو هجي. ٻيو دليل اهو به آهي ته سال 2008ع ۾ سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جي شڪ ۾ 851 ماڻهن کي چڪاسيو ويو هو، جن مان 270 ماڻهو ڊينگي جا متاثرين ظاهر ٿيا هئا.
آڪٽوبر 2008ع ۾ ڊبليو ايڇ او جي هڪ رپورٽ ۾ ايشيا کنڊ جي 73 ملڪن ۾ ڊينگي بخار جو خطرو ظاهر ڪيو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته ان وائرس سان انهن ملڪن جا 2 ارب ماڻهو (دنيا جا 33 سيڪڙو ماڻھو) متاثر ٿي سگهن ٿا. اهڙي رپورٽ کانپوءِ 2009ع ۾ سريلنڪا ۾ 35 هزار ماڻهن جي موت جي ڊينگي جي حوالي سان تصديق به ٿي، لکن جي تعداد ۾ ماڻهو ڊينگي جي وائرس هٿان متاثر ٿيا ۽ ڪروڙين ماڻهو پريشان ٿي اسپتالن تائين شڪ ۾ پهتا، جنهن کانپوءِ ايشيا ۾ ڊينگي بابت شديد خوف جنم ورتو.
ڊينگي بخار جون علامتون ۽ نشانيون به ڄاڻڻ ضروري آهي ته جيئن عام بخار کي ڊينگي بخار سمجهي ماڻهو اجايو خوف جو شڪار نه ٿين. جيئن ته هي بخار هڪ وائرس جي ڪري ٿيندڙ بيماري آهي، هڪ قسم جي مڇر جي چڪ پائڻ سان تمام گهڻو تيز بخار ان سان گڏ مٿي ۾ شديد سور ۽ اکين جي پٺيان سور ٿيڻ، گڏوگڏ ڪنهن ڪنهن مريض ۾ هٿ، پير ڳاڙها ٿي وڃڻ ۽ سوڄ جو شڪار به ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه ماس ۽ هڏن ۾ شديد قسم جو سور محسوس ٿي سگهي ٿو. گڏوگڏ مريض کي شديد قسم جي ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي، جيڪا عام بخار کان وڌيڪ هوندي آهي. چمڙيءَ تي ڳاڙها ڦٽ يا داغ به ظاهر ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه مريض کي الٽي اچڻ، ڪابه شيءِ کائڻ تي دل نه چوڻ، نڪ ۽ ڏندن مان رت اچڻ به ڊينگي جي علامتن ۾ شامل آهن. جيڪڏهن ڪنهن مريض کي انهن سڀني تڪليفن سان گڏوگڏ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ مسلسل الٽيون رهن ٿيون ۽ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي يا بلڊپريشر تمام گهٽ ٿي وڃي ٿو ته اهڙي صورت ۾ مريض جو هڪدم ڊينگي جو ٽيسٽ ڪرائي ان کي علاج لاءِ ڊاڪٽر وٽ پهچائڻ ضروري آهي.
ڊينگي جي ڦهلاءُ جي ذريعن ۾ هڪ ذريعو ٽيوبن جا پنڪچر ٺاهڻ لاءِ رکيل پاڻي وارا حوض يا ٽينڪ به قرار ڏنا ويا آھن. چيو ويو آهي ته پنڪچر چيڪ ڪرڻ لاءِ رکيل پاڻي ۾ ڊينگي جو خاص مڇر “ايڊيز” وائرس آڻي ٿو جيڪو ٽيوبن تي پاڻي سان گڏ چنبڙي ٻين شهرن تائين ڦهلجي ٿو. جڏهن ته ان کان اڳ اھو چيل آھي ته صاف پاڻي جي تلائن، ڦوهارن، ڍنڍن، گهرن جي کليل ٽانڪين ۽ ٻين اهڙن هنڌن تي اهو خاص مڇر ويهي وڌي ويجهي ٿو، وڏن ماڻھن جي گھرن اندر ٺھيل تلاءُ انھن لاءِ وڏا خطرا آھن جن ۾ سڄو سال پاڻي بيٺل رھي ٿو. ڍنڍون يا مڇين جا تلاءُ به خطرناڪ بڻجي سگھن ٿا جن ۾ سالن تائين صاف پاڻي بيٺل رھي ٿو. انھن مڇي جي تلائن جي آسپاس رھندڙ سمورن ماڻھن کي ڪنھن به وقت ڊينگي متاثر ڪري سگھي ٿي. سڀ کان اھم ڳالھ اھا آھي ته ڊينگي ھر سال برساتن کان پوءِ گھڻو ڪري انھن شھرن يا علائقن ۾ وڌي ويجهي پوءِ ٻين شھرن ۾ پکڙجي ٿو، جن علائقن ۾ برسات جو پاڻي ڊگھي وقت لاءِ بيھي رھي ٿو، بدقسمتي سان ماتلي سنڌ جو اھڙو تعلقو آھي جنھن ۾ ھيل تائين ڪابه سم نالي ناھي ان ڪري ماتلي تعلقي ۾ برسات جو پاڻي ھر سال نه رڳو فصل ٻوڙي ٿو، پر برسات جو پاڻي سڄو سڄو سال بيٺل رھي ٿو. ماتلي شھر به ان طرح جو شھر آھي، جنھن مان برسات جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ ۾ وقت لڳيو وڃي. ماتلي پاڻي جي کوٽ سبب ٽانڪين جو شھر به سڏجي ٿو، ڇو ته پاڻيءَ کي گھڻن ڏينھن تائين جمع ڪري رکڻ ماتلي جي شھرين جي مجبوري رھي آهي. پاڻيءَ جون اھي ٽانڪيون کليل رھن ٿيون، جيڪي ڊينگي مڇر لاءِ آماجگاھون ٿي سگھن ٿيون، ان ڪري پاڻ چئي سگھون ٿا ته ماتلي شھر ۽ تعلقي جا لکين ماڻھو ھر سال ڊينگي جي وڏي خطري ھيٺ آھن. اهڙيءَ طرح سنڌ جا ٻيا علائقا به ٿي سگھن ٿا، جھڙوڪ: ٿر وارا ڳوٺ جن ۾ پاڻي کي دٻن ۾ جمع ڪري بيھارڻ اتان جي ماڻھن جي مجبوري آھي، ڪينجھر ڍنڍ جي آسپاس وارا علائقا وغيره.
ڊينگي کان بچاءُ جون جيتريون به تدبيرون ۽ هدايتون آهن، اهي سنڌ جي ماڻھن لاءِ بي فائدا لڳن ٿيون، پر ان هوندي به ڊينگي جي بچاءُ بابت ماڻهن کي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. جڏهن ڊينگي جو وائرس پکڙيل هجي ته انهن علائقن جي ماڻهن کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته اهي پنهنجي ارد گرد جيترو به پاڻي ڍڪي سگهن ٿا، ان کي ڍڪي رکن. ان کان علاوه اهڙا ڪپڙا پائين جنهن سان سندن جسم پورو ڍڪيل هجي، مڇر جي چڪ کان بچاءُ جي لاءِ لوشن استعمال ڪن. پنهنجن گهرن جي آسپاس ماحول کي صاف سٿرو رکن، ڪچرو صحيح طريقي سان اڇلائين ۽ بند رکن. اهڙيون جڳهيون جتي پاڻي جمع ٿي سگهي ٿو انهن کي اندرا ٻاهران خشڪ رکن ۽ جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ ڊينگي جا ڪيس وڌي رهيا آهن ته پنهنجي علائقي جي انتظاميه کي بروقت شڪايت ڪري ان بابت قدم کڻڻ لاءِ درخواست ڪن. اڃان تائين ڊينگي جو ڪا خاص علاج يا وئڪسين عام طور تي موجود ناهي، صرف علامتن جي بنياد تي علاج ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه سڀ کان اهم تجويز اها آهي ته ٻارن کي اسڪولن ۾ ڊينگي سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آگاهي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. ڇو ته اڄ جا ننڍا ٻار سڀاڻي هلي سماج کي سنڀاليندا ۽ ان جي سرواڻي ڪندا، ان ڪري ضروري آهي ته سماجي مسئلن بابت ٻارن کي آگاهي ڏني وڃي.
ماضي ۾ گهوٽڪي، حيدرآباد، خيرپور، نوشهروفيروز، نوابشاھ، عمرڪوٽ، سکر ۽ ڪراچي ضلعن ۾ ڊينگي وائرس جا متاثرين ظاهر ٿيا ھئا. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڊينگي سنڌ ۾ ڪڏھن به وڌيڪ ڦهليو ته ماتلي، بدين، حيدرآباد، ٿرپارڪر، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽو ضلعه سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا. ڇو ته انهن ضلعن ۾ برسات جو پاڻي گهڻي مقدار ۾ موجود ۽ جمع رھندو آھي، جيڪو نه رڳو ڳوٺن جي چوطرف، پر ماڻهن جي گهرن جي اڱڻن ۽ ڪمرن ۾ به بيٺل ھوندو آھي. ھيءَ ھڪ اھڙي مصيبت ۽ قدرتي آفت آھي جيڪا ڪنھن به سال ڪوبه وڏو جاني نقصان ڏئي سگھي ٿي. اھو نقصان ھزارين ماڻھن جي مرڻ ۽ متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ به ٿي سگھي ٿو.