بلاگنئون

آمريڪا ۾ ٽرمپ جي خلاف احتجاجي مظاهرا…

آمريڪا بهادر جو صدر چوڌري ٽرمپ هن وقت وڏي پريشاني جو شڪار ٿي ويو آهي ته هن جي ئي ملڪ ۾ هن جي ئي خلاف “نوڪنگز” جي نالي سان لکن جي تعداد ۾ احتجاجن واري باھ اوچتو ڀڙڪي پئي آهي، اها باھ هن وقت سڄي دنيا جي ڌيان جو مرڪز پڻ بڻيل آهي، جنهن جو ڪارڻ چوڌري ٽرمپ جون موجوده پاليسيون باور ڪرايون پيون وڃن۔ آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ هن وقت لکين ماڻهو جيڪي احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري آيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته چوڌري ٽرمپ جا فيصلا ۽ حڪومت ڪرڻ وارو انداز هڪ جمهوري اڳوڻ جي بجاءِ بادشاھ جيان آهي، جنهن ڪري آمريڪا جو آئيني توازن ۽ شهري آزاديون خطرن جي گهيري ۾ اچي ويون آهن.

آمريڪا ۾ هن وقت جيڪي احتجاج چوڌري ٽرمپ جي خلاف ٿين پيا، مبصرن جي بقول اهي هڪ ئي وقت منظم رٿا جي تحت ڪيا ويا آهن ۽ اندازن جي مطابق سمورين پنجاھ رياستن ۾ ماڻهو مختلف هنڌن تي گڏ ٿيا ۽ ان کي آمريڪا جي تاريخ جي سڀ کان وڏن احتجاجي مظاهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مظاهرو ڪندڙن پنهنجن هٿن ۾ اهڙا بينر کڻي رکيا آهن، جن ۾ لکيل آهي ته “ٻيو ڪو بادشاھ ناهي” ۽ “ڪو خوف ناهي” انهن احتجاجن ۾ اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عام ڪنهن هڪ شخص جي اثر هيٺ حڪومت کي قبول نٿا ڪن، بلڪه هو ادارن جي مضبوطي ۽ شفاف نظام جا حامي آهن۔ صدر ٽرمپ پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته مخالف هن کي بادشاھ سڏي رهيا آهن، جڏهن ته هو پاڻ کي عوامي اڳواڻ سمجهي ٿو. بقول ٽرمپ ته هو بادشاھ ناهي بلڪه عوام جو چونڊيل صدر آهي۔ جيتوڻيڪ اهو بيان سندس خلاف وڌندڙ تنقيد کي گهٽ نٿو ڪري سگهي، جيڪا هن جي اختيارن جي دائري کي اورانگهڻ، عدليه ۽ ميڊيا سان جهڳڙن ۽ غير روايتي سياسي طريقيڪار تي ڪئي پئي وڃي۔ مظاهرو ڪندڙن جي ويجهو اهي بيان محض سياسي وضاحت آهن۔ جڏهن ته حقيقت ۾ صدر جي حڪمراني وارو ڍنگ جمهوري توازن کي بگاڙي ۽ ڪمزور ڪري رهيو آهي۔ جڏهن ته ان تحريڪ جي دوران ٽرمپ مخالف ڌرين تخليقي انداز اپنايو آهي۔ ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهن علامتي طور تي تاج پائي بادشاهت جي خلاف احتجاج ڪيو۔ سوشل ميڊيا تي هزارين تصويرون ۽ وڊيو وائرل ٿيون آهن، جن ۾ مظاهرين “نو ڪنگز” جا نعرا هنيا آهن۔ ان جي جواب ۾ ٽرمپ جي حامين ان کي غير ملڪي اثرن جي تحت منظم مهم قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهي مظاهرا اصل ۾ ملڪ جي استحڪام جي خلاف آهن۔

ان احتجاج جي اهم ڳالھ اها هئي ته مجموعي طور تي مظاهرو ڪندڙ پرامن رهيا۔ پوليس جي موجودگي جي باوجود ڪنهن وڏي ٽڪراءَ جو اطلاع نه مليو۔ ڪيترن ئي جڳهين تي مظاهرو ڪندڙن موسيقي ۽ تخليقي انداز ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو۔ آمريڪا جي مشهور ميڊيا ادارن ان کي موجوده سياسي فضا جو ماحول قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ ملڪ ٻن مختلف پاسن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو۔ هڪ پاسي اهو طبقو آهي جيڪو سمجهي ٿو ته ٽرمپ جي حڪومت جمهوريت جي لاءِ خطرو بڻجندي پئي وڃي، جڏهن ته ٻئي پاسي ان جا حامي آهن، جيڪي کيس مضبوط قيادت جي نشاني سمجهن ٿا.

اهي مظاهرا ان حقيقت جي عڪاسي ڪن ٿا ته آمريڪا ۾ جمهوريت تي اعتماد رکڻ وارو طبقو پنهنجو آواز بلند ڪرڻ کان پوئتي ناهي ھٽيو۔ “نو ڪنگز” تحريڪ هينئر هڪ نعري کان اڳتي وڌي هڪ علامت بڻجي وئي آهي۔ اها آمريڪي عوام جي ان سوچ جي نمائندگي ڪري ٿي ته طاقت ادارن ۾ ورهائڻ گهرجي۔ ڪنهن هڪ شخص جي هٿ ۾ نه هئڻ گهرجي. موجوده صورتحال ۾ اهو بحث اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي ته جمهوريت جو اصل محافظ ڪير آهي، عوام يا حڪمران.

ائين لڳي ٿو ته اهي مظاهرا محض وقتي سياسي رد عمل ناهن بلڪه هڪ ڊگهي جدوجهد جي شروعات آهن۔ آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جتي جهموريت ۽ آئين بنيادي اصول سمجهيا وڃن ٿا۔ اتي جيڪڏهن عوام کي احساس ٿئي ته انهن اصولن کي خطرو آهي ته انهن جي رستن تي اچڻ ضروري بڻجي ٿو۔ “نو ڪنگز” مظاهرا انهيءَ عوامي شعور جو مظهر آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته آمريڪا بادشاهت جي لاءِ نه بلڪه عوامي اختيار جي لاءِ وجود ۾ آيو هو.

“انفو پيڊيا زون” تان کنيل