ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: جِلد ساز

لاڙڪاڻي ۾ موجود اسٽيٽ لائف اِنشوئرنس جي بلڊنگ جي سامهون صفا نڪ تي موجود بنا اِنشوئر ٿيل مان جِلد ساز قلندر بخش بنا ڪنهن گِراهڪ اچڻ جي اُٻاڻڪو اٻاڻڪو ويٺو آهيان..! مان سوچي رهيو آهيان ته اڄ ڀلا ڪوبه گراهڪ نه آيو آهي الائي ڇا جي ڪري…؟

ڇا ماڻهن ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن؟

ڇا ٻارن کي اسڪولن ۾ ڪتاب ڪونه ٿا ڏنا وڃن؟

ڇا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن ئي ڪونه ٿا؟

يا ڪتاب فقط سافٽ ڪاپيءَ تائين محدود ٿي ويا آهن.!

ان سوچ ۾ ٻُڏل هئس ته منھنجي هڪ نظر سامهون موجود اسٽيٽ لائف انشوئرنس جي بلڊنگ ڏانهن وئي…!

اسٽيٽ لائف انشورنس جي بلڊنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو اندر وڃي رهيا هئا ته ڪيترائي ٻاهر نڪري به رهيا هئا! انهن ماڻهن ۾ ڪجهه ماڻهن جي هٿ ۾ تسبيح، مٿي تي ٽوپي ۽ سونهاري سڳوريءَ وارا مولوي صاحب به پنهنجي انشوئرنس پاليسي رکڻ لاءِ اندر وڃي رهيا هئا ته ٻاهر نڪري به رهيا هئا، جيڪي پنهنجن خطبن ۾ اهو چوندي ٿڪبا ناهن ته غربت به الله سائين جي طرفان آهي ته اميري به الله جل جلاله جي طرفان آهي. ماڻهو سڀاڻي جي لاءِ ڪجهه به گڏ ڪري نه رکي ڇو ته سڀاڻو ڪڏهن به اچڻو ناهي…! ٻئي طرف اُهي ڪامريڊ به وڃي رهيا هئا جيڪي اسٽڊي سرڪلس ۾ بنا ساهي پٽڻ جي ڳالهائيندا وتندا هئا ته سرمايو هڻون اسان سوئر سيٺِ جي منهن ۾… اسان کي ڪوبه سرمايو نه کپي، ڇو ته اسان سماجوادي آهيون. اسان اهڙو سماج اڏينداسين جنهن ۾ غريب ۽ امير ۾ ڪوبه تفاوت نه رهندو…!

اسٽيٽ لائف انشورنس جي بلڊنگ ۾ رڳو مُلا، سُرخا، قومپرست، وڏيرا ۽ وڏا وڏا ڊنگ خان نه، پر هر مڪتبهءِ فڪر وارا ماڻهو اچي وڃي رهيا هئا. ماڻهن جي اها اچ وڃ ڏسي مون تي سَڪتو تاري ٿي ويو، مون کي دورو پئجي ويو، مون کان گگ وھڻ لڳي ۽ مان پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳس…

پئسو ڇا آهي؟

نه

وجود ڇا آهي؟

پئسو سڀ ڪجهه آهي..!

نه

وجود ڪجهه به نه هجڻ ۽ هُجڻ جو تصور آهي تخيل آهي..!

پئسي سان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي..!

نه

وجود هر شيءِ جي هجڻ جو انڪار به آهي ته اظهار به…!

پئسي سان ملا، ڪامريڊ ۽ ٻئي ڪيڏي به وڏي اُٺَ خان کي به خريد ڪري سگهجي ٿو..!

نه

وجود اهڙي پئسي جي وجود کان انڪار ڪري ٿو جيڪو انسان جهڙي وجود جي روح جو ستياناس ڪري ٿو..!

پئسو پئسو آهي

وجود هڪ نه ٻه آهن

پئسو وجود آهي

وجود پئسو آهي…

پئسو سڀ ڪجهه آهي…!

مان ان ئي غَشن ۾ ٻڏل هئس ته مون سان گڏ ڪم ڪندڙ منهنجو ننڍو ڀاءُ هٿن ۾ نُڪتي سڱر کڻي آيو. هو مون کي هن حال ۾ ڏسي پريشان نه ٿيو ڇو جو هو منهنجي هيءَ گڦ هڻڻ واري عادت کان اڻڄاڻ نه هو..! هن چيو ادا هي وٺو ۽ کائو اڄ الائي ڪير ڇنڇر واري ڏينهن ڀُلجي سيد قائم شاهه بخاري جي درگاھ تي ورهائي رهيو هو ته مون کي به ونڊ ڪرايائين سو توهان لاءِ به کڻي آيو آهيان.

مان به هن کان نڪتي سڱر وٺي هڪدم کائي ويس..! کائڻ کانپوءِ ڀاءُ کي چيم، “يَرَ ڳالهه ته ٻڌ هي سيد قائم شاهه بخاري ٻين جون مُرادون پوريون ڪري ٿو باقي اسان ان جي ويجهو دڪان کوليو ويٺا آهيون اسان جون ڇو ڪونه ٿو من جون مرادون پُڄائي..! سائين به ڪو وڏو روازي (رواجي) آهي ٻين جون سکائون پڄائي ٿو ۽ اسان جون وري ڀَڄائي ٿو…!” ٻيو ٻڌ هي سامھون ماڻهون ته ڏس يَرَ انهن کي ايڏو پئسو اچي ڪاڏانهن ٿو جو پاليسيون ٿا رکن اسان ته پيٽ ۾ پورا آهيون…!

مان نڪتي سڱر کائي بنا ڪنهن ڪم ڪار جي پنهنجي دڪان ۾ ويهي رهيس. واندڪائيءَ ۾ روڊ تي هلندڙ گاڏين ۽ ماڻهن کي تڪي توري رهيو هئس! تان جو منهن ۾ ڪنهن اچي ڀونڊو هنيو…! مان به ڦِڪي کِل کِلي هيڏي هوڏي ڏسي نٽايو. اهو ڀونڊو مون کي کدڙي فقير گُهورَ ۾ ڏنو جنهن کي مان گُهورِي ڏسي رهيو هئس…! مان روڊ ڏانهن منهن هٽائي پنهنجي دڪان تي هڪ نظر ڦيرائي… جنهن ۾ مون کي اهو بائينڊ ٿيل بُڪ نظر آيو جيڪو هڪ نوجوان سالُ اڳ اهو بُڪ بائينڊنگ جي لاءِ ڏئي ويو هو. بُڪ جو نالو هو ‘ڪارو ڪاري ۽ ان جا سبب’…! ٿي سگهي ٿو هن کي به ڪا ڪارِي ملي وئي هجي يا هن کي ڪنهن سان ڪارُو ڪيو ويو هجي..! سبب ته الائي ڇا هوندو يَرَ… پر اتر سنڌ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو! پر منهنجي ڇهين حس کي اها ڳالهه الائي ڇو ڪکندي آهي ته هو به ڪارو ڪري ماريو ويو هوندو…!

نوجوان جو لکيل اهو ڪتاب هٿ ۾ ئي هو ته وري مان سوچ ۾ گم ٿي ويس..! اڳي وڏڙا ڪانڀ ڪڍي ڳالهيون ڪندا هئا ته محنتي ۽ ايماندار ماڻهو ڪڏهن به بک ڪونه مرندو! پر يَرَ اسان ته محنتي ۽ ايماندار هوندي به بکون ۽ ڪشالا ڪاٽي رهيا آهيون..! هيڏي هوڏي نظر ڦيرايون ٿا ته ماڻھو ڪک پتيءَ مان لک پتي ٿي ويا آهن. لڳي ٿو وڏڙا محنتي ۽ ايماندار ماڻهو بک نه مرندا انهن ملڪن جي لاءِ چئي ويا آهن جتي قانون هوندو، جتي انصاف هوندو، جتي رياست هوندي…! اهي ڳالهيون باقي اسان جي معاشري ۾ ته لاڳو ڪونه ٿيون ٿين..!

اڄ ڪو اهڙو اڀاڳو ڏينهن آهي جو ڪوبه گراهڪ منهنجي دڪان تي لڙي ڪونه آيو آهي..! اڄ منهنجا کيسا به صفا خالي لڳا پيا آهن! رات جو گهر لاءِ سيڌي سودي لاءِ به مون وٽ خرچ پکو ڪونهي…! مان اٻاڻڪو اٻاڻڪو… وياڪل وياڪل هيڏي هوڏي نيڻ نهاري رهيو هئس…! کيسي مان آخري سگريٽ ڪڍي دُکائي… ڪامريڊ لينن وانگر سگريٽ جو وڏو سوٽو هڻي بالشويڪ انقلاب تي سوچي رهيو هئس ته ويجهي ماضيءَ ۾ اهو انقلاب واحد انقلاب هو جنهن دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو، جنهن جي ذريعي هاري ۽ مزدور به رياست جا والي ٿيا…! سگريٽ مان اڃان لطف وٺي رهيو هئس ته هڪ گراهڪ منهنجي دڪان تي چڙهي آيو…!

توهان بُڪ بائينڊنگ ڪندا آهيو نه…؟

مان چيو ها مان جِلد ساز آهيان…

واٽ از جلد ساز…؟ اهو جِلد ساز ڪير ٿيندو آهي؟

سر اهو بُڪ بائينڊر ئي جِلد ساز ٿيندو آهي…

اڇا… بُڪ بائينڊر کي سولي سنڌيءَ ۾ جِلد ساز چئبو آهي. اِٽسِ اوڪي…

هي منهنجي ڪڊس جا ڪجهه بُڪس آهن انهن جي بائينڊنگ ڪرائيندس..! هي ٽين بُڪس آهن هرهڪ بُڪ کي بائينڊ ڪرڻ جا ڇا چارجز وٺندا…؟

مان به هن کي چيو هونئن ته هر ڪتاب کي جلد چاڙهڻ جا مان ٻه سئو رپيا وٺندو آهيان، پر توهان کڻي ڏيڍ سئو ڏجو سر…! هنن ڏهن ڪتابن جا پندرهن سئو رپيا ٿيندوَ…!

چلو ڏيڍ سئو ۾ هڪ بُڪ بائينڊ ڪندا ٺيڪ آهي…! پر مان ڪلاڪ ڏيڍ ۾ تقريبن نائين وڳي تائين بُڪس کڻڻ ايندوسانءِ… ڇو جو سڀاڻي منهنجا ڪڊس، هي بُڪس اسڪول کڻي ويندا…!

صحيح آهي… پر جيڪڏهن ڪجهه پئسا اڳواٽ ڏيندا ته بهتر ٿيندو ڇو جو جلد چاڙهڻ لاءِ کنئور سنئور ۽ پنو سنو وٺندس سر….!

مون کي ٿورو سِٽيءَ ۾ ڪم آهي، واپسيءَ ۾ توهان کي ٽوٽل پئسا ڏيندس، توهان دل جاءِ ڪيو… پر توهان بُڪس ضرور بائيند ڪجو نه ته منهنجي ڪڊس کي اسڪول ۾ پنشمينٽ ملندي…!

هلو صحيح آهي ڀلا..! پئسا پوءِ ئي ڏجو…!

گراهڪ جي وڃڻ کانپوءِ مان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو..! هن ڪرت ۾ منهنجو هرماه (همراهه) منهنجو ننڍو ڀاءُ مون سان ٻانهن ٻيلي ٿيو..! مان ڪتابن کي سٺي نموني جلد چاڙهي ٺاهي ڪري رکيو..! هاڻي مان گراهڪ جو انتظار ڪرڻ لڳس ته هو پنهنجا ڪتاب ڪنهن مهل ٿو کڻڻ اچي..! انتظار ڪندي ڪندي رات جا ڏھ ٿي ويا… گراهڪ اڃان نه آيو…! مون وارو ڀاءُ به  هٿين خالي گهر هليو ويو…!

انتظار جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ مان پنهنجي دڪان ۾ هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳس ايئن دڪان ۾ پيل ڪتاب ‘نيٺ گونگي ڳالهايو’ تي منهنجي نظر پئي جيڪو هڪ نوجوان جلد چاڙهڻ لاءِ ڏئي ويو هو!  جيڪو بلڪل به گونگو نه هو، پر وڏو وات وڪيل هو..! هو ڳالهائڻ وقت رُڳين امر جليل جي ناول جا ڊائلاگ هڻي رهيو هو..! مان ايئن محسوس ڪيو ته هن کي هي سڄو ناول حفظ ٿيل هجي..!

ايئن رات جا يارهن به ٿي ويا، پر منهنجو گراهڪ اڃان ڪتاب کڻڻ نه آيو…!

هڪ منهنجا کيسا خالي هئا، ٻيو گراهڪ جا لفظ ته ڪتاب تيار ڪجو نه ته منهنجي ٻارن کي پنشمينٽ ملندي…!

هنن ٻن ڳالهين مون کي دڪان بند ڪرڻ نٿي ڏنو..!

اچي رات جا يارهن به ٿيا..!

ريما کدڙو به ان وقت پنهنجي گروءَ سان گڏ پنهنجي آستاني ڏي واپس پئي ويو..!

جنهن پنهنجي مخصوص انداز سان مون سان ڳالهايو ته مئا ماريا اڃان دڪان کوليو ويٺو آن… ڀلا اڄ (تاڙي وڄائي) اسان واري روزي ڪندين ڇا؟

ايئن فقير به رمندا رهيا…!

مان نائين وڳي تائين دڪان کولڻ وارو

اچي رات جي ساڍي يارهين وڳين تائين دڪان ۾ اوٻاسيون ڏئي رهيو هئس….!

نيٺ مون وارو گراهڪ عيد جي چنڊ وانگر اسٽيٽ لائف انشورنس جي بلڊنگ واري پاسي ڏانهن ظاهر ٿيو..! پر هيو پنڌ…!

جيئن ئي منهنجي دڪان تي پهتو چيائين جَلاد ساز صاحب منهنجا بُڪس بائينڊ ڪيا اٿوَ يا نه…! اهي مون کي ڏيو…!

سر مان جِلد ساز آهيان جلاد ساز نه…! پر توهان جي هي حالت ڪنهن ڪئي آهي.. توهان شام ته تازا توانا ۽ موٽرسائيڪل تي سوار هئا ۽ هاڻي پنڌ آيا آهيو ڇو ڀلا…؟

جلاد ساز صاحب ڦورو مون کان موٽرسائيڪل، موبائيل فون، پئسا ۽ سڀ ڪجهه ڦري ويا..! هاڻي توھان مون کي منهنجي ڪڊس جا بُڪس ڏيو ته مان اُهي گهر کڻي وڃان جيئن انهن کي اسڪول ۾ پنشمينٽ نه ملي…!

سر مان جلاد نه جِلد ساز آهيان…!

***