نئون

چئن ٽنگن واري روبوٽ چيتا جي عوام آڏو نمائش

ايم آءِ ٽي جا ماهر هر روز جديد روبوٽ ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهن ٿا. انهن ماهرن 90 ڪلو گرام جو هڪ اهڙو روبوٽ ٺاهيو آهي جيڪو انڌو روبوٽ سڏرائي ٿو ڪاڇاڻ ته هن ۾ نه ڪا ڪئمرا آهي نه ئي سينسر آهن. هن روبوٽ ٺاهڻ جو مقصد اهو آهي ته اهڙين جاين تي جتي وڃڻ مشڪل هجي ٿو اتي هي وڃي انسانن جي ڪم اچي سگهي، هن جي چئن ٽنگن ۾ اها خوبي آهي ته هي ڪنهن به قسم جي اوچائي تي چڙهي سگهي ٿو. هن روبوٽ کي ٺاهيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن قسم جو روبوٽ ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي روبوٽن ۾ صرف هڪ ڪئمرا لڳل هوندي آهي جيڪا ساڄي کاٻي پاسي جون شيون نه ڏيکاريندي آهي ۽ ان ڪئمرا سان ڏٺل شين کي سمجهڻ ۾ به وقت لڳي ويندو آهي. ان کان علاوه اها ڪئمرا خراب ٿيڻ جي صورت ۾ به مسئلو بڻجي ويندي آهي. جڏهن ته هڪ انڌو روبوٽ ٺاهڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به روبوٽ کي بغير ڪنهن به قسم جي ويزن جي ڪم سيکارجي ۽ ان مان ڪم ورتو وڃي. هن کي چيتا نالو ان ڪري ڏنو ويو آهي جو هن جي هلڻ جي چال هڪ چيتي وانگر آهي. هي چيتي وانگر جلدي ۾ اڳيان وڌي سگهي ٿو. هن روبوٽ کي هڪ خاص سافٽ ويئر ڏنو ويو آهي جنهن ذريعي هي رڪاوٽ اچڻ جي صورت ۾ ساڄي يا کاٻي وڃڻ جا فيصلا ڪري سگهي ٿو. هن وقت تائين جي تجربن ۾ هي بلڪل ٺيڪ پرفارم ڪري چڪو آهي جنهن مان هن کي ٺاهڻ وارا ماهر تمام گهڻا پراميد آهن.