زندگيءَ ۾ هزارين ماڻهن سان ميل جول رهندو آهي، ڪي ننڍپڻ جا سنگتي، مٽ مائٽ ته ڪي جوانيءَ جا دوست ته ڪي وري پيريءَ جا واسطيدار، انهن ماڻهن مان ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي ذهن تي پنهنجو نقش ڇڏي ويندا آهن. ڪن ماڻهن سان ملي خبر پوندي آهي ته هو ٻيهر ملڻ جي قابل ناهن. ان ڪري انهن سان ٻيهر ملڻ لاءِ دل نه ڪندي آهي ته وري ڪن ماڻهن سان بار بار ملڻ لاءِ دل بيتاب هوندي آهي. مطلب ته هر ڪنهن جي نظر ۽ دل جي پرک جو پنهنجو پنهنجو انداز هوندو آهي جيئن ديڳ کي دَمَ تان لاهڻ کانپوءِ بورچي ديڳ مان ٻه چار ڪڻا وات ۾ وجهي پَڪ ڪندو آهي ته چانوَر رجهي ويا آهن يا اڃان ڪچا آهن يا لوڻ ۽ مرچ ۾ پورا آهن يا ڦڪا آهن؟ ائين چانوَر جي هڪ ڪڻي مان سموري ديڳ جي پرک ٿي ويندي آهي. ائين ڪٽنب جي هلت چلت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو پتو به ڪٽنب جي ٻار مان پئجي ويندو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان سندس حيثيت ۽ ڄاڻ جي پرک ٿي ويندي آهي. اهڙو ئي هڪ قصو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته هڪ پوڙهي جا چار پُٽ هئا، ان پوڙهي گُهريو ٿي ته سندس پُٽ ڪنهن به ماڻهوءَ يا شيءِ کي پرکڻ ۾ تڪڙ نه ڪن، تنهنڪري هن پنهنجن پُٽن کي اها ڳالھه سمجهائڻ لاءِ ڪنهن ڏوراهين سفر تي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، پوءِ هن هڪ هڪ پٽ کي واري واري سان ڪنهن ڏوراهين علائقي ۾ هڪ خاص قسم جي ميوي واري وڻ کي ڏسي اچڻ لاءِ چيو. پهرين پٽ کي سياري جي مُند ۾ ان وڻ کي ڏسڻ لاءِ موڪليائين، پوءِ ٻئي پٽ کي بهار جي مُند ۾ اُهو وڻ ڏسڻ لاءِ روانو ڪيائين، پوءِ ٽئين پٽ کي اونهاري جي مُند ۾ ۽ سڀ کان ننڍي پٽ کي سَرءُ (خزان) جي مُند ۾ اُهو وڻ ڏسڻ لاءِ موڪليائين.