بلاگنئون

ماڻهوءَ جي پرک جون علامتون سڃاڻو!

زندگيءَ ۾ هزارين ماڻهن سان ميل جول رهندو آهي، ڪي ننڍپڻ جا سنگتي، مٽ مائٽ ته ڪي جوانيءَ جا دوست ته ڪي وري پيريءَ جا واسطيدار، انهن ماڻهن مان ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي ذهن تي پنهنجو نقش ڇڏي ويندا آهن. ڪن ماڻهن سان ملي خبر پوندي آهي ته هو ٻيهر ملڻ جي قابل ناهن. ان ڪري انهن سان ٻيهر ملڻ لاءِ دل نه ڪندي آهي ته وري ڪن ماڻهن سان بار بار ملڻ لاءِ دل بيتاب هوندي آهي. مطلب ته هر ڪنهن جي نظر ۽ دل جي پرک جو پنهنجو پنهنجو انداز هوندو آهي جيئن ديڳ کي دَمَ تان لاهڻ کانپوءِ بورچي ديڳ مان ٻه چار ڪڻا وات ۾ وجهي پَڪ ڪندو آهي ته چانوَر رجهي ويا آهن يا اڃان ڪچا آهن يا لوڻ ۽ مرچ ۾ پورا آهن يا ڦڪا آهن؟ ائين چانوَر جي هڪ ڪڻي مان سموري ديڳ جي پرک ٿي ويندي آهي. ائين ڪٽنب جي هلت چلت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو پتو به ڪٽنب جي ٻار مان پئجي ويندو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان سندس حيثيت ۽ ڄاڻ جي پرک ٿي ويندي آهي. اهڙو ئي هڪ قصو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته هڪ پوڙهي جا چار پُٽ هئا، ان پوڙهي گُهريو ٿي ته سندس پُٽ ڪنهن به ماڻهوءَ يا شيءِ کي پرکڻ ۾ تڪڙ نه ڪن، تنهنڪري هن پنهنجن پُٽن کي اها ڳالھه سمجهائڻ لاءِ ڪنهن ڏوراهين سفر تي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، پوءِ هن هڪ هڪ پٽ کي واري واري سان ڪنهن ڏوراهين علائقي ۾ هڪ خاص قسم جي ميوي واري وڻ کي ڏسي اچڻ لاءِ چيو. پهرين پٽ کي سياري جي مُند ۾ ان وڻ کي ڏسڻ لاءِ موڪليائين، پوءِ ٻئي پٽ کي بهار جي مُند ۾ اُهو وڻ ڏسڻ لاءِ روانو ڪيائين، پوءِ ٽئين پٽ کي اونهاري جي مُند ۾ ۽ سڀ کان ننڍي پٽ کي سَرءُ (خزان) جي مُند ۾ اُهو وڻ ڏسڻ لاءِ موڪليائين.

جڏهن چارئي مُندون گذري ويون ته پوڙهي پنهنجن چئني پٽن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ويهاريو ۽ ڌار ڌار کانئن سفر جو احوال پڇيو. پهريون پٽ جيڪو سياري جي مُند ۾ اُن وڻ کي ڏسڻ ويو هو تنهن چيو ته بابا! اهو وڻ ته سُڪل، ڦِڏو ۽ ڏاڍي بُڇِڙي حالت ۾ هڪ پاسي جُھڪيل هو. ٻئي پٽ چيو ته نه نه اِهو وڻ ته ساون ۽ سُهڻن پنن سان ڀريل هو. ٽئين پٽ اُنهن سان اختلاف ڪندي چيو ته اهو وڻ ڦلن سان ڀريل هو ۽ اوسي پاسي سندس سُرهاڻ پکڙيل هئي، مون ان کان پهرين ڪڏهن به اهڙو سهڻو ڏيک نه ڏٺو هو. سڀ کان ننڍي پٽ پنهنجي ٽنهي وڏن ڀائرن جي ڳالھه کي رد ڪندي چيو ته اهو وڻ ميون (ڦل) سان ڀريل هو جنهن جي وزن سان ان جا ٽار زمين تي اچي لڳا هئا. اِهو سڀ ٻُڌي پوڙهي مُسڪرائيندي پنهنجن پٽن کي چيو ته: “اوهان چارئي سچ ٿا چئو، اوهان مان ڪوبه غلط ڪونهي.”

پيءُ جي ان ڳالھه تي سندس چارئي پُٽ حيران ٿيا ته اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! پوڙهي پنهنجي ڳالھه جاري رکندي چيو ته: “اوهان ڪڏهن به ڪنهن وڻ يا ڪنهن شخص کي رڳو هڪ موسم يا حالت ۾ ڏسي ڪوبه حتمي (آخري) فيصلو نٿا ڪري سگهو۔ ڪنهن به شيءِ يا ماڻهوءَ کي جاچڻ ۽ پرکڻ لاءِ ٿوري وقت جي ضرورت هوندي آهي۔ ڇو ته تبديلي هر شيءِ کي متاثر ڪندي آهي ڪڏهن ڪا شيءِ ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي رَنگ (ڪيفيت) ۾ هوندي آهي. جيڪڏهن اوهان سياري جي موسم ۾ ان وڻ کي بي رونق ۽ بڇڙو ڏٺو ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته اُن ۾ ڪڏهن به ميوو ڪونه ٿيندو. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اوهان سخت يا ڪاوڙيل حالت ۾ ڏسو ٿا ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هُو ڪو بُرو ئي هجي. ڪڏهن به تڪڙ ۾ ان مهل تائين ڪو فيصلو نه ڪريو جيسين اوهان ان کي انهن سڀني موسمن جي گذرڻ تائين چڱي ريت جاچي ۽ پرکي نٿا وٺو. جيڪڏهن اوهان رڳو سياري جي موسم ۾ ئي اندازو لڳائي نتيجو ڪڍندا ته گرميءَ جي ساوڪ، بهار جي سونهن ۽ ڀرپور زندگيءَ جي مزي کان محروم رهجي ويندا. ان ڪري ماڻهوءَ کي اڇن اجرن ڪپڙن يا ميرن ڪپڙن ۾ پرک نه ڪندا ڪريو. اصلي ۽ نسلي ماڻهن جي پرک لاءِ اهي اکيون نه، پر دل ۽ روح جون اکيون هجڻ گهرجن.

اکيون اهي ڌار، جنهن سان پسين پرينءَ کي،

ٻئي ڏي ڪين نهار، سڄڻ ريسارو گهڻو. (سر آسا)

انساني سماج ۾ “نسلي خاندان” ۽ “بدنسل خاندان” جون ڳالهيون صديون پراڻيون آهن، پر انهن جو وڏو تعلق رت سان نه، پر سيرت، اخلاق ۽ تربيت سان هوندو آهي. ڪيترائي ماڻهو صرف مال، جاگير يا وڏا نالا ڏسي ان کي اصلي تصور ڪندا آهن، پر حقيقت ۾ خاندان جي اصل سڃاڻپ سندس چريائي، امانتداري، پاڻائتي ۽ ماڻهن سان بهتر سلوڪ سان ٿئي ٿي. نسلي اهو خاندان آهي، جيڪو نسلن کان وٺي پنهنجي عزت، اخلاص ۽ انسانيت کي سنڀالي رکندو اچي. انهن ماڻهن ۾ واعدي جي پابندي، حق سچ ڳالهائڻ، محنت ڪرڻ، ڪنهن جو حق نه کائڻ، مهمان نوازي ڪرڻ ۽ پنهنجي هٿن جي ڪاريگري تي فخر ڪرڻ جهڙا اوصاف ملن ٿا. ائين به ناهي ته اصلي ماڻهو ڪڏهن غلط نٿا ٿين، پر انهن ۾ اها سچائي هوندي آهي ته غلطي کي مڃين ۽ پاڻ کي بهتر بڻائين. جڏهن ته ٻئي پاسي، بدنسل خاندان جو تعلق به رت سان نه هوندو آهي، پر انهن جي عادت، ظلم، ڪوڙ، دوکو دولاب ۽ لالچ سان هوندو آهي. بدنسل ماڻهو نه ته ٻين جي عزت ڪن ٿا، نه رشتن جو قدر، نه واعدي جي پاسداري، نه ئي ڪنهن سان مٺي ڳالهه ڪندا آهن۔ انهن جو مقصد صرف ذاتي فائدو هوندو آهي ۽ هو پنهنجي مفاد لاءِ ڪنهن کي به ڏک پهچائڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن. اصلي ۽ نسلي ماڻهن جي سڃاڻپ هميشه سندن اخلاق مان ٿيندي آهي. اصلي ماڻهو نرم لهجي وارا، مددگار ۽ محنت سان اٿندڙ هوندا آهن. انهن جي اکين ۾ شفقت ۽ ڳالهائڻ ۾ نرمي ۽ سچائي هوندي آهي. نسلي ماڻهو اهي آهن، جن جي اندر بزرگن جي تربيت جو نور موجود هوندو آهي نه ته وڏائي، نه ڪرپشن، نه دوکو، بس سچ، وفاداري ۽ شڪر گذاري. بدنسلي جي سڃاڻپ سندس حرڪتن، زبان ۽ روش مان فوري طور ظاهر ٿي وڃي ٿي۔ ڪوڙ ڳالهائڻ، ماڻهن کي هيٺ ڏسڻ، رشوت ۽ دوکو ڪرڻ، امانت ۾ خيانت ۽ ٻين جي عزت سان کيڏڻ بدنسلي جون علامتون آهن، چاهي ماڻهو ڪيترو به وڏو نالو رکي.