سنڌي عورت تاريخي ۽ ثقافتي حوالي سان هميشه کان بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي، انهن مان ڪيترين عورتن پنهنجي سڄي حياتي مظلوم طبقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، جن مان هڪ عورت جيڪا سماج لاءِ رول ماڊل آهي. سندس چوڻ موجب هن پنهنجي حقيقي زندگي جي باري ۾ عبرت اخبار جي “عورت زاد” صفحي ۾ “هڪ آدرشي عورت جي ڪهاڻي سندس زباني” جي عنوان سان اسٽوري لکي ته سندس پنهنجو سڄو خاندان، سمورو ماحول، مذهبي جنونيت رکندڙ ماڻهو ۽ وڏيرا سڀ سندس خلاف ٿي پيا، فتوائون ڪڍي کيس مارائڻ جون سازشون ڪري حملا ڪيا ويا. اهڙي ئي بهادر عورت جنهن علمي، ادبي، عملي، سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ پير پاتو ته پويان مڙي ڪونه ڏٺو ته ڇا پيو ٿئي ۽ ڇو پيو ٿئي، هوءَ اڳتي وڌندي رهي ۽ مسلسل جدوجهدي واري زندگي گذاريندي پنهنجو ڳاٽ اوچو رکندي آئي. اهڙي جرئتمند ڪردار واري انتهائي معتبر ۽ قداور شخصيت جي مالڪ انتهائي مدبر ۽ مدلل، بهادر ۽ ذهين لاڙ پٽ جي سورمي آهي “نظير قريشي”، جنهن “نظير قريشي کان ڪامريڊ ادي نظير قريشي” وارو اڙانگو ۽ ڏکيو سفر ڪاٽيو آهي سندس پروفائل لکندي فخر محسوس پيو ٿيم.
ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ ننگر مڪلي جي مشهور واپاري محترم غوث محمد قريشي جي گهر 05 جنوري 1951ع تي هڪ نياڻي جو جنم ٿئي ٿو، جنهن جو نالو نظير قريشي رکيو ٿو وڃي، جيڪا ٽن ڀائرن ۽ ٽن ڀيڻن ۾ وچ وارو اولاد آهي. سندس والد مڪلي ضلعي ٺٽي مان پنهنجي ڪٽنب سميت 1968 ۾ حيدرآباد لڏي آيو ۽ پراڻي وحدت ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس پرائمري تعليم سندس ڳوٺ ۾ جڏهن ته نائون ۽ ڏهون ڪلاس لياقت ڪالوني حيدرآباد ۽ انٽر وحدت ڪالوني گرلز هاءِ اسڪول مان پرائيويٽ طور ڪيائين. جلدي سندس شادي محمد حافظ قريشي سان ٿي جيڪو روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تي رهيو ۽ گڏوگڏ سنڌ جي مشهور وڪيل جي حيثيت ۾ وڏو نالو ڪمايو، جيڪو تازو 2021 ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو.
سنڌ جي انتهائي باڪمال سياسي ۽ سماجي رهنما ادي نظير قريشي جنهن جي هاڻوڪي رهائش نسيم نگر قاسم آباد ۾ آهي. هن کان سندس اولاد بابت پڇيم ته چيائين ته منهنجا ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون آهن، هڪ پٽ سعودي عرب ۾ انجنيئر آهي، پنهنجي ڪٽنب سميت اتي آباد آهي. جڏهن ته ٻيو پٽ ڊاڪٽر آهي جيڪو ساڻس گڏ ڪٽنب سميت رهي ٿو ۽ ٻن ڌيئرن مان هڪ ڌيءَ ڊاڪٽرياڻي آهي، جيڪا شادي کانپوءِ ڪراچي ۾ رهي ٿي، جڏهن ته ٻي ڌيءَ ادبي دنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ “فضا قريشي” آهي، جيڪا شادي کانپوءِ اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهي. ياد رهي ته محترمه فضا قريشي جڳ مشهور ڊجيٽل مئگزين “سنڌياڻي مئگزين” جي چيف ايڊيٽر به آهي ۽ ادبي حيثيت ۾ هن جو به هڪ الڳ مقام آهي. انهيءَ سان گڏ ڪامريڊ ٻن ننهرن ۽ ٻن ناٺين کي به پنهنجو ئي اولاد ڪوٺيندي چيو سڀ منهنجا ٻچا آهن ۽ سڀ مون کي پيارا ۽ عزيز آهن. ادي نظير قريشي جي ڪابه نوڪري نه هوندي به پنهنجي سڄي عمر سياسي ۽ سماجي حيثيت ۾ مصروف رهندي گذاري آهي ۽ انهيءَ ڪري سياست جي ميدان ۾ هن جي هڪ الڳ حيثيت ۽ نالو آهي جنهن تان هن “ڪامريڊ” جو لقب حاصل ڪيو. 1988 ۾ رسول بخش پليجي جي پارٽي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي، هن سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر کان وٺي هر عهدي تي هن سنڌ ڌرتي ۽ عورتن جي سجاڳي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو ۽ تحريڪ جي هر ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌياڻي تحريڪ جي ساٿياڻين سان گڏجي سڄي سنڌ جي عورتن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ هن سڄي سنڌ جو دورو ڪيو، جبل جهاڳيا، رڻ پٽن جو پنڌ ڪيو، ڪراچي کان ڪارونجهر تائين هن پير پٿون ڪيا، پارٽي جي قربانين خاطر هن جيل جون صعوبتون ڪاٽيون، هر تڪليف کي منهن ڏئي هن سنڌياڻي تحريڪ جو ڏيئو روشن ڪندي ڪامريڊ جو خطاب ماڻيو ۽ اڄ ڏينهن تائين هوءَ پنهنجي اصل نالي کان وڌيڪ ڪامريڊ جي نالي سان هند سنڌ ۾ سڃاتي وڃي ٿي، اڄ به هوءَ عورتن ۽ مردن جي متڀيد کان مٿي ڪلهو ڪلهي سان ملائي سنڌ ڌرتي لاءِ هميشه سرگرم عمل رهندي پئي اچي. توڙي جو ڪامريڊ ادي نظير قريشي عوامي تحريڪ جي رهنما محترم رسول بخش پليجي سان نظرياتي اختلاف رکندي پارٽي کان 2009 ۾ جدا ٿي وئي، پوءِ هن ڪامريڊ 2010 ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو بنياد وڌو، هن پارٽي ۾ سنڌي عورت تنظيم جي پليٽ فارم ۾ سنڌ جون سوين سڄاڻ عورتون سندس ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪري رهيون آهن. سنڌ ڌرتي تي هر ڏکي وقت ۾ ايندڙ مسئلن ۽ قربانين ۾ صف اول جي اڳواڻن وانگر ميدان ۾ ڏٺي وئي آهي.
سنڌ جي با همت ۽ بهادر عورت ادبي سرگرمين ۾ اڪثر اسٽيج جو سينگار هوندي آهي. سندس چوڻ موجب هر ادبي گڏجاڻي هجي، ميٽنگون، فنڪشن، مشاعرا، ڪتابن جون مهورتي تقريبون، هوءَ حصو وٺندي آهي.
هن ادبي دنيا ۾ 2001 ۾ پير پاتو ۽ انهيءَ سال سندس پهرين لکڻي “صبح ٿيندو” رسالي ۾ ميڪسم گورڪي جي لکيل ناول “ماءُ” تي لکيل تبصرو شايع ٿيو. ائين هن جون سياسي ۽ سماجي لکڻيون سنڌ جي هر نڪرندڙ رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون ۽ اڄ تائين سندس ادبي قلم ڪڏهن به نه رڪيو آهي ۽ هميشه لکندي رهي آهي. سنڌ جي انقلابي سماجي عڪسن تي چٽي ۽ گهري نظر وجهندڙ ليکڪا ادي نظير قريشي جا هيستائين 2 ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن: (1) اڃا ساهه سوچن ۾ (شاعري) پهريون ڇاپو 2018 ۽ ٻيو ڇاپو 2021. (2) جهڙو نانءُ تهڙي ڏات (نثر) 2021. ايندڙ ڪتابن بابت ٻڌايائين ته سندس آتم ڪٿا ڪمپوزنگ جي مرحلي ۾ آهي. جڏهن ته شاعري ۽ مضمونن جا ڪتاب به سهيڙيل آهن.
ادب ۾ ڪنهن کان متاثر آهيو؟
جواب ۾ چيائين ته ترقي پسند ادب، انسان دوست ادب، ڌرتي سان پيار ڪندڙ ادب، ڌرتي لاءِ لکيل ادب، ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ مظلوميت لاءِ لکيل ادب پوءِ اهو ادب ڪنهن جو به لکيل هجي، (ڇو جو مون دنيا جو ادب پڙهيو آهي) اهو ادب پسند اٿم، تنهن هوندي به سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ ڪيترن کان متاثر آهيان، پر سڀ کان وڌيڪ شاهه لطيف ڀٽائي جو ته ڪو ثاني ڪونهي هن کان پوءِ رسول بخش پليجو، فاضل راهو، محمد علي مانجهي جي ڪتابن مون کي متاثر ڪيو آهي. سنڌ جي ڪامريڊ رهنما ادي نظير قريشي سياست ۾ صرف فاضل راهو کي انقلابي قدمن، سچائي ۽ بهادر سياستدان طور مڃيندي چيو “روٽي ڪپڙا ۽ مڪان” جو نعرو هڻندڙن سدائين غريب، مسڪين، اٻوجھ عام ماڻهن کي انهن ٽنهي شين لاءِ رلايو ۽ محروم رکندي دربدر ڪيو آهي. جڏهن ته انهيءَ نعري جي جواب ۾ فاضل راهو جو نعرو هو “تعليم، صحت ۽ روزگار” ڏيو بس اهوئي ڪافي آهي.
سنڌ ڌرتيءَ لاءِ هر وقت سڄي عمر ميدان عمل ۾ رهندڙ ڪامريڊ ادي کان ملندڙ ايوارڊن بابت پڇيم ته ايوارڊن وارو ڪٻٽ ڏيکاريائين جيڪو سڄو ڪٻٽ سوين ايوارڊن سان ڀريو پيو ھو، نالا لکڻ ويهان ها ته هيترا نالا لکي ڪونه سگهان ها، پر منهنجي نظر ڪجھ ايوارڊن تي پئي جن جا نالا لکي سگهيس، انهن ۾ “شهيد بي نظير ڀٽو ايوارڊ، شهيد بختاور ايوارڊ، جيجي زرينا بلوچ ايوارڊ، سنڌ پرستي ايوارڊ، ايڊيوڪيشن ايوارڊ، سنڌ ڪميشن ايوارڊ آف وومين، عوامي تحريڪ ايوارڊ، شهيد فاضل راهو ايوارڊ، حميد سنڌي بزم روح رهاڻ طرفان بهترين شاعره جو ايوارڊ ۽ سنڌ راڻي ايوارڊ.” قابل ذڪر آهن.
سنڌ جي جاکوڙي ڪردار ادي نظير هن وقت پنهنجي پارٽي “عوامي جمهوري پارٽي“، سنڌي عورت تنظيم، س ا س، بزم روح رهاڻ ۽ عورتن جي ادبي شاخ سان سلهاڙيل آهي.
سنڌ جي باغي ۽ جاکوڙي ڪردار جي نالي سان مشهور ڪامريڊ ادي کان دلچسپي خاطر ڪجھ هلڪا ڦلڪا سوال ڪندي پڇيم ته سنڌ جو ڪهڙو شهر وڻندو اٿوَ؟
چيائين هونئن ته سڄي سنڌ پرين جو پاڇو آهي تڏهن به پنهنجي جنم ڀومي وارو شهر مڪلي وڻندو اٿم، الائجي هن شهر جي مٽي نصيب ٿئي يا نه، پر حسرت اٿم ته اتي دفن ٿيان.
رنگن ۾ اڇو رنگ سڀ کان وڌيڪ پسند اٿم تڏهن به ڪجھ ٻيا رنگ جن ۾ ڪريم ڪلر، گلابي جا هلڪا ڪلر به وڻندا اٿم.
موسم بهار جي موتئي جي گل جي خوشبوءِ، وڻندڙ کاڌي ۾ دال چانور، ڀاڄيون ۽ کيرڻي، پهرن ۾ پکين جي مٺڙي آوازن وارو صبح جو پهر ۽ لهندڙ سج وارو پهر دل کي راحت ڏيندا آهن. وڻندڙ فنڪارن ۾ عابده پروين جو سدا امر آواز ۽ شاهه لطيف ڀٽائي ۽ حسن درس جي شاعري سدائين دل کي لڀائين ٿا.
سنڌ جي بي باڪ ۽ بهادر ڪامريڊ کان پڇيم: زندگي ڇا آهي؟
چيائين زندگي جياپي جو ٻيو نالو آهي جيڪڏهن توهان هن کي خوشين جي حد تائين کڻي وڃو، پاڻ جيئو ۽ ٻين کي جيئڻ ڏيو وارو رستو اختيار ڪريو ۽ مايوسين کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪريو ته ان جو نالو زندگي آهي.
انتهائي بهادر ۽ جفاڪش سياسي رهنما ادي ڪامريڊ کان پڇيم،
طبيعت ۾ ڪيئن آهيو؟
چيائين حقيقت پسند آهيان، حق سچ جي ڳالھ منهن تي چئي ڏيندي آهيان، مهاڏن سان منهن اٽڪائيندي آهيان، وزندار ۽ وڏن غمن جي ڪري طبيعت ۾ تيزي اچي وئي آهي، چيڙاڪ ۽ تيز ٿي پئي آهيان، تنهن هوندي به شفيق رفيق حيات، شفيق ماءُ، عزتون وٺندڙ ۽ عزتون ڏيندڙ هڪ سٺي عورت به آهيان.
آخر ۾ سنڌ جي عظيم عورت کان پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم:
سنڌ جي نوجوانن کي پيغام ڏيندي چيائين سنڌ جي ڌرتي هن وقت جنهن ڏکي وقت مان گذري رهي آهي، انهيءَ ڏکي وقت کي جوان مردي سان ڪڍڻو آهي، سماج جي اونداهين کي ختم ڪرڻو آهي، اجاين ريتن رسمن جي ور ناهي چڙهڻو، ڌرتي جي چپي چپي جي حفاظت ڪرڻي آهي، ڏاڍن ۽ جابرن سان مقابلو ڪرڻو آهي، سماج جي عورت کي اڳتي وڌڻو آهي، عورتن جا ڳوڙها ۽ سدائين روئڻ پٽڻ واري صورتحال نه وڻندي اٿم، اهي پنهنجن مردن جي خوشين جو خيال ڪنديون ته پاڻ به سدائين خوش رهنديون، اهوئي منهنجو پيغام آهي.
سيوا ڪر سَمُونڊَ جي، جِتِ جر وهي ٿو جال،
سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻڪ موتي لالَّ،
جي ماسو جُڙَيِئي مالَ، ته پُوڄارا! پُر ٿيـئين. (شاهه)
شاهه لطيف جي هن بيت کي نصب العين بڻائيندڙ سنڌ جي سدا ملوڪ سماجي اڳواڻ هميشه قربانين سان زنده رهي آهي. سندس نصب العين ئي قربانيون ڏيڻ رهيو آهي، گهر جي قربانين کان وٺي سماجي، سياسي، علم توڙي ادب جي ميدان ۾ هميشه قربانيون ڏئي اڳتي وڌندي جاکوڙ کي سر چشمو بڻايو آهي. گهر جو ڊرائنگ روم جتي سندس هم خيال جيڏين، پارٽي جي ميمبرن ۽ ساٿين سان ڀريل هوندو آهي، جنهن ۾ سدائين سنڌ ڌرتيءَ لاءِ اڳتي وڌڻ، جدوجهد ڪرڻ لاءِ سوچيو ويندو آهي ۽ اونو رکيو ويندو آهي.
اڻ ٿڪ جدوجهد جي علامت ڪامريڊ ادي نظير قريشي کي سنڌ جي ماڻهن هميشه ميدان عمل ۾ جاکوڙي متحرڪ ۽ اڳواڻي ڪندي ڏٺو آهي. سنڌ ڌرتيءَ کي شل نه ڪوسو واءُ لڳي، کيس انهيءَ ڪوسي واءُ سان ٽڪرائيندي اڳتي وڌندي ڏٺو ويو آهي. ايم آرڊي جي تحريڪ هجي يا ڪالا باغ ڊيم جي، سنڌو درياءَ جي پاڻي تي قبضي جو مسئلو هجي يا درياءَ کي سڪائڻ جو اشو هجي، ٽوڙهي ڦاٽڪ تي پهچڻو هجي يا وڪيلن جي تحريڪ جو ٻٻرلوءِ وارو ڌرڻو هجي، ڪراچي وارا ڌرڻا هجن يا تحريڪي لانگ مارچ هجن، ڳوٺ بخشو لغاريءَ جا پنڌ هجن يا سڄي سنڌ پرين جو پاڇو هجي جتي به سنڌ ڌرتي قرباني گهري اتي هيءَ ڪامريڊ پيرن ۾ لڦون وجهي پنهنجين عورت تحريڪ جي ساٿياڻين سان پهتي آهي، جڏهن به سنڌ لاءِ اڳتي وڌي آهي پوئتي نه هٽي آهي.