بلاگنئون

چين نئين اڀار ۾ قديم تهذيب کان جديديت تائين

چيني تمدن دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي ۽ ھي هڪ اهڙو خطو آهي، جتي تهذيب جو قبضو آهي، جيڪو اوڀر ايشيا جي هڪ وڏي جاگرافيائي علائقي تي پکڙيل آهي، چين جي صوبن، شهرن ۽ ايتري قدر جو ڳوٺن جي وچ ۾ تمام مختلف روايتن ۾ ثقافت ادب، موسيقي، بصري آرٽس، مارشل آرٽس، ساڻ ھڪ اهڙو فڪري گلستان آهي، جتي ٻڌمت، جين ڌرم ۽ ٻين فڪري ڌارائن جي خوشبو به شامل آهي، ميسوپوٽيميا ۾ انساني تاريخ جي پھرين تهذيب جي اسرڻ جي ھڪ ھزار سال پوءِ دنيا ۾ چيني تهذيب به وڏي تيزيءَ سان اسرڻ شروع ٿي ۽ ستن عظيم تهذيبن ۾ قديم چيني تھذيب به شمار ٿي. سياري جي شام جي ڪوهيڙي ۾ چين جي عظيم ديوار ڪنڌ وڌائي وقت جي واديءَ کي نهارڻ لڳي. صدين پراڻن ٽيراڪوٽا سپاهين جي مورتين تي سج جي پوئين پهر جي ڪرڻن جو پاڇو پيو ڄڻ ته هو اڄ به سڄاڳ نگهباني ڪندي، ڌرتي، تهذيب ۽ حڪمت جي، ان ئي سر زمين تان، جتي سن زو پنهنجو ڪتاب “آرٽ آف وار” ويڙهه جو فن لکيو، جتي ڪنفيوشس فڪر جو بنياد رکيو، اڄ چين ٻيهر نئين شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. ڌرتي، جيڪا اڳ ترخانن، منگولن جي يلغارن ۽ آفيم جي جنگين سان زخمي هئي، هاڻي صنعتي انقلاب، سائنس ۽ ڊجيٽل مضبوط معاشي قوت بڻجي اڀريو آهي. هينري ڪسنجر چيو ته چين نه صرف سڄاڳ ٿي چڪو آهي، پر هاڻ هلڻ نه، پر ڊوڙڻ شروع ڪيو آهي. قديم وقت ۾، چين جي حڪمت عملي علم، صبر ۽ غير مرئي حرڪت ۾ لڪيل هئي. سن زو چيو ته حقيقي جنگ اها آهي، جيڪا ڪڏهن به وڙهي ئي نه وڃي، اڄ  چين جي عالمي ڊپلوميسيءَ ۾ ساڳي ماٺ، پر مضبوط قدم محسوس ٿي رهيو آهي. 3 سيپٽمبر 2025 ۾ ٻئي عالمي جنگ ۾ جاپان جي چين جي مٿان قبضي جبر جي خاتمي جي ياد، پريڊ ۾ لازوال فوجي طاقت جو اهڙو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ نه رڳو ٽيڪنيڪل ساز و سامان، ڊرونز، ھائپرسانڪ ميزائل، مصنوعي ذھانت سان ليس ايٽمي آبدوز ۽ اسٽيلٿ جيٽ پنجين نسل جا ويڙهاڪ جهاز، مصنوعي ذهانت سان هلندڙ دفاعي نظام شامل هئا، پر ان جي پويان هزارين سال پراڻي حڪمت جو پاڇو به ظاهر هو. چين جديد فوجي ساز و سامان جي جيڪا نمائش پيش ڪئي، ان دنيا کي ياد ڏياريو ته ماضي جا گهوڙا هاڻ ٽينڪن ۾ بدلجي ويا آهن، پر سوار اڃان به ساڳي تدبير سان سن زو جي ويڙھ جي حڪمتِ عمليءَ واري فن تي عمل ڪري رھيا آھن. اڄ جو چين بندوقن بدران بئنڪن ۽ ٽينڪن بدران ٽيڪنالاجيءَ سان دنيا کي شڪست ڏيڻ چاهي ٿو. بي آر آءِ، ڊيجيٽل يو آن، چائنا اسپيس پروگرام سڀ انهن حڪمتين جا نوان روپ آهن، جيڪي هزارين سال اڳ سن زو جي ڪتابن ۾ لکيل هيون، چين جو اُڀار ڪو اوچتو يا حادثاتي نه آهي. چين وڏي صبر، خاموش ترقي ۽ محتاط سفارتڪاريءَ جو نتيجو آهي. شنگهائي جي بلند عمارتن کان وٺي گوبِيءَ جي صحرائن تائين، چين جو سفر رڳو ٽيڪنالاجيءَ جو نه، پر تهذيب جو به آهي. آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ جي پاليسي مطابق  قطبي دنيا جي دعويٰ هاڻ به چين آهي ۽ يورپ، جيڪو ڪڏهن واپار جا روٽ طئي ڪندو هو، اڄ اميدن جي ڇانوَ ۾ نئين رستي جا نقشا ڏسي رهيو آهي، جيڪي ايشيا ۽ چين طرف آهن، طاقت جو سرچشمو ھاڻي ايشيا آهي، سو، هيءَ ڪهاڻي صرف چين جي ناهي، بلڪه وقت جي آهي، جتي هڪ تهذيب، سوشلسٽ انقلابي حڪمت عملي سان هزارين سالن کانپوءِ به، تاريخ جي سيني تي نئون باب لکي رهيو آهي. چين جي نئين اڀار سان آمريڪا ۽ اتحادين نيٽو سان اقتصادي ۽ ڊپلوميٽڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيندي نظر اچي رھي آھي. جڏهن طاقت جا پيمانه بدلجن ٿا تڏهن اڪثر تاريخ رت سان ريٽيل لکبي آهي. اڄ جي دنيا، جيڪا ظاهري طور عالمي ڳوٺ آهي، اندروني طور ٻيهر بلاڪن ۾ ورهائجڻ شروع ٿي چڪي آهي، ڪمبوڊيا، تائيوان، قطر، يوڪرين، غزه ۽ ايران، جا تڪرار رڳو علاقائي مسئلا ناھن رھيا، پر عالمي طاقت جي پراڪسيءَ جو ميدان بڻجي چڪا آهن، روس، ايران، چين، اتر ڪوريا هڪ طرف آمريڪا، NATO، يورپي يونين اتحاد جاپان، ڏکڻ ڪوريا، ترڪيه شامل آهن. ڇا ٽين عالمي جنگ جو امڪان آهي، شايد نه، پر جيئن جارج اورويل چيو هو، جنگ کٽڻ لاءِ نه، پر ان کي جاري رکڻ لاءِ وڙھي ويندي آهي ۽ لڳي ٿو ته دنيا هڪ مسلسل ڇڪتاڻ جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي جنگ نه ٿيندي، پر جنگ جو خوف، ڪنٽرول جو وسيلو ۽ دنيا جي وڏي ھٿيارن جي واپار جي نئين مارڪيٽ کلي چڪي آهي.

***