بلاگنئون

محترمه بينظير ڀٽو تنهنجي شهادت کانپوءِ…!

ستاويهين ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو هڪ المناڪ ڏينهن آهي جيڪو هر سال قوم جي دلين کي ٻيهر زخمي ڪري هليو ويندو آهي. هي ڏينهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ٿي چڪو آهي. شهيد راڻيءَ جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. هوءَ صرف هڪ سياسي اڳواڻ نه، پر هڪ سوچ، هڪ تحريڪ ۽ جدوجهد هئي، جنهن جي وڃڻ کانپوءِ سمورو ملڪ ويران ٿي ويو آهي. اڄوڪي ڏينھن تي شھادت جي مرتبي تي فائز ٿيندڙ والدين جي پنڪي، عوام جي هر دل عزيز اڳواڻ ۽ جمھوريت جي اميد جو ڪرڻو هميشه لاءِ الوداع ڪري پوري قوم کي سوڳوار ڪري ويو. ھوءَ دليلن سان وڙھندڙ پرامن جدوجھد جي حامي هئي، هوءَ عوام جي دلين جي ڌڙڪن هئي، پر افسوس اسان محترمه بينظير ڀٽو جهڙي بي بها اڳواڻ جو قدر نه ڪيو ۽ وحشين جي جهنگ ۾ بنا ڪنهن ڏوھ جي نه رڳو ماري وئي، پر ھن مهل تائين سندس قاتلن جو پيرو به کڻي نه سگهياسين. هاءِ شهيد راڻي تنهنجي وڃڻ کانپوءِ ملڪ مان سچي سياست جو خاتمو ٿي چڪو آهي. اسيمبلي ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويا آهن. عوام جا چونڊيل نمائندا پنهنجي تڪ جي عوام کان وانجهيل آهن. عوامي مسئلا جيئن جو تيئن پيل آهن ڪوبه نمائندو پنهنجي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي، عوام کي بيوقوف بڻائي کانئن ووٽ وٺي وري پنج سال منهن ئي نٿا ڏيکارين. ٻئي طرف چور دروازي کان اقتدار تي قبصو ڪندڙ جمهوريت جا دعويدار ٿي ويٺا آهن جن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. اي شهيد راڻي توهان جي پارٽيءَ جو نعرو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان هو، جيڪا غريب لاءِ وقت جي اهم ضرورت هئي ۽ توهان ان لاءِ وڏو ڪم ڪيو، توهان غريبن جي سار لهندي کين روزگار سميت پنهنجا گهر آباد ڪرڻ ۽ غربت گهٽائڻ جا کوڙ سارا پراجيڪٽ پيدا ڪيا، پر تنهنجي وڃڻ کانپوءِ غريبن جا گهر ڊاهڻ جا سانباها تيار ڪيا ويا، پئسن عيوض نوڪريون وڪرو ٿيڻ لڳيون آهن، مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي، جنهن ڪري غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ٿو رهي. سرڪاري ملازم جيڪي سرڪار جي ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت ٿا رکن تن جا جائز مطالبا مڃڻ لاءِ سخت احتجاج کانپوءِ به کين لولي پاپ ڏنو ٿو وڃي، مٿن ملڪ دشمنن وانگر تشدد ڪيو ٿو وڃي، کين ميرٽ تي ترقيون ڏيڻ بجاءِ رشوت جو بازار گرم ڪيو ويو آهي. اي شهيد راڻي توکي ڪهڙي دانهن ڏيئي ڪهڙي ڏيان، تنهنجي وڃڻ کانپوءِ ادارا ٺاهڻ بجاءِ ڀڳڙن جي مٺ ۾ خانگائڻ لڳا آهن ۽ ان کي ترقيءَ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. واپاري سياست ۽ جمهوريت جو واپار ڪرڻ لڳا آهن، اظهار جي آزاديءَ وارو اصول ختم ٿي چڪو آهي، جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي مجرم قرار ڏنو وڃي ٿو. عدالتون انصاف مطابق فيصلا ڪرڻ کان قاصر آهن. سرحدون محفوظ نه هجڻ ڪري ڌارين جي يلغار آهي. دهشتگرديءَ جون ڪارروائيون عروج تي آهن. اسان جي قوم محفوظ ناهي روزانو سيڪيورٽي فورسز ۽ عام ماڻهن مٿان بمباري ٿي رهي آهي.

اهي سڀ منظر ڏسي دل کي گهڻي تڪليف ٿي ٿئي. اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهن، خود تنهنجي پارٽيءَ جي مقبوليت جو گراف ڪري رهيو آهي. تنهنجي پارٽي جيڪا چئني صوبن جي زنجير بڻيل هئي ۽ تنهنجي لاءِ نعرا لڳندا هئا ته “چئني صوبن جي زنجير، بينظير بينظير” اها زنجير ٽٽي وئي آهي. تنهنجي پارٽيءَ جا وزير ۽ مشير غريب طبقي مان چونڊجڻ بجاءِ وڏيرا شاهيءَ مان چونڊجي رهيا آهن. تنهنجي پارٽيءَ جا جيالا ۽ همدرد گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهن. عوام شاهه لطيف جون هي سٽون پڙهڻ تي مجبور آهي:

ويا مور مري، ھنج نه رھيو ھيڪڙو

انھن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي

وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيرن جو

اسان پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو ته لکين ماڻهن جي ساٿ سان تنهنجو قافلو هلندو هو جنهن ۾ غريب ۽ سادن ماڻهن جي اڪثريت هوندي هئي، يعني توهان غريبن جي دلين تي حڪمراني ڪندا هئا، اها حڪمراني مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي. اڄ جي حاڪمن پئسي تي ماڻهو خريد ڪرڻ جي پاليسي ٺاهي جمهوريت جو چهرو داغدار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته توهان سان ماڻهن جي عقيدت ۽ احترام جو اهو ثبوت اڄ به تاريخ جي ڪتابن ۾ سنهري اکرن سان موجود آهي ته غريب عوام پيرين اگهاڙي توهان جي استقبال لاءِ پهچي ٿو ۽ ڪارساز وٽ توهان تي خوني حملو ٿئي ٿو، کن پل ۾ سوين ماڻهو موت جي ننڊ پئجي وڃن ٿا. ڇا ان ۾ ڪو سردار وڏيرو يا جاگيردار ماريو ويو؟ نه نه اتي شهيد ٿيندڙن ۾ اهي غريب ماڻهو هئا جن جان جو نذرانو ڏيئي توهان جي حفاظت ڪئي، پر افسوس تنهنجي پارٽي سنڀاليندڙن سندن خاندانن ۽ معصوم ٻچڙن جي سار به نه لڌي. هو بک ۽ بدحاليءَ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اي شهيد راڻي تو ان واقعي کي پاڻ سنڀاليو هو، شهيد ڪارڪنن جي سار لڌي هئي، زخمين وٽ هلي وئي هئينءَ، کين آٿت ڏنو هئي. هاڻي ڪو مسڪين ماروئڙن جا ڳوڙها اگهڻ وارو ئي ڪونهي.

 اي شهيد راڻي تون زندگيءَ جي تلخين باوجود پنهنجي مزاج ۽ جوهر ۾ پرعزم، جرئتمند ۽ بهادر رهينءَ۔ تنهنجي مخلصي لڪڻ واري نه هئي تڏهن ته هر ماڻهو پاڻ کي محفوظ سمجهندو هو ۽ توهان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلندو هو ۽ توهان سان هر ڏک ۽ سک ۾ گڏ بيهندو هو. جيل جون سختيون ۽ مارشل لا جون مصيبتون به توهان کان کين پري نه ڪري سگهيون. توهان جي همت ۽ حوصلا افزائيءَ سبب سمورا جيالا وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئا. ڇو ته توهان پاڻ مظلوميءَ جو مثال هيون، توهان جي والد کي ڦاهي ڏني وئي، توهان جي ٻن ڀائرن کي شهادت جو جام پياريو ويو. ان جي باوجود توهان وڏي حوصلي ۽ همت واري عورت ٿي اڀري اڳيان آيون، مطلب توهان پاڻ عوام لاءِ بهادر ۽ رول ماڊل ليڊر عورت ٿي رهيون. تنهنڪري توهان کي عالمي ۽ مقامي سازش جي اڻت ڪيل ڄار ۾ ڦاسائي بار بار مارڻ جي سٽ سٽي وئي ۽ اڄوڪي ڏينهن تي توهان کي پنجاب جي حدن ۾ رستي تي گوليون هڻي ماريو ويو ۽ ملڪ هڪ عالمي ليڊر کان محروم ٿي ويو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ عالمي منظرنامي تي پاڪستاني رياست ۽ معاشرو سواليه نشان بڻجي ويو آهي. دنيا ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽيليجنس ادارن، سربراهن، معاشي ماهرن پنهنجا پنهنجا تبصرا پيش ڪري تشويش جو اظهار ڪيو آهي. دي اڪنامسٽ جي هڪ مضمون ۾ پاڪستان کي دنيا جو انتهائي خطرناڪ ملڪ سڏيو ويو. ٽائيم رسالي ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پاڪستان جي صورتحال بابت رايا ۽ مضمون لکيا ويا آهن. ٽائيم رسالي جي فرنٽ پيج تي محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير سان گڏ هي لفظ به لکيا ويا آهن:

No one could save Benazir Bhutto,

why we need to save Pakistan?

ان جو مطلب آهي ته “ڪو به بينظير ڀٽو کي بچائي نه سگهيو ته اسان ڇو پاڪستان کي بچائڻ جي ضرورت محسوس ڪريون؟” پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ اهڙو ملڪ ٿي اڀريو آهي، جتي هڪ طوفان کانپوءِ ٻيو طوفان سامهون اچي ٿو. اهو سلسلو 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل کان شروع ٿيو ۽ بينظير ڀٽو جو قتل به ان طوفاني سلسلي جي ڪڙي آهي.“

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد آمريڪا پنهنجي پاليسن ۾ تبديلي آندي ۽ ان وقت جي صدر بش وائيٽ هائوس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي. ان گڏجاڻي ۾ سي آءِ اي ۽ سيڪيورٽيءَ جي اعليٰ عهديدارن سان صلاح مشورا ڪندي بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ، پاڪستاني قبائلي علائقن ۾ سي آءِ اي ۽ آمريڪي فوج کي نوان اختيار ڏيڻ سميت پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي، تحفظ ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا، ان اهم اجلاس ۾ القاعده کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي فورسز پاڪستان اندر موڪلي القاعده کي چيڀاٽڻ جي حڪمت عملي ٺاهي ويئي ۽ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته صدر مشرف انتهائي غير مقبول ٿي چڪو آهي تنهن ڪري کيس هٽايو وڃي. صدر بش طرفان اُهو سمورو ٽاسڪ C I A کي ڏنو ويو. ساڻ ٽي هزار فوج نيٽو جي مدد لاءِ افغانستان موڪلڻ جي اجازت پڻ ڏني جنهن جي نتيجي ۾ طالبان ۽ القاعده جو خاتمو آيو. اڄ وري اهي ساڳيا طالبان پاڪستان خلاف محاذ قائم ڪريو ويٺا آهن. محترمه جي شهادت بعد اقوام متحده پاران اهو بيان به آيو ته پاڪستان جي معيشت ناڻي جي پکيڙ جو شڪار آهي. آءِ ايم ايف، اقوام متحده جو ادارو آهي، جنهن جو ڪم ناڻي جي پکيڙ کي روڪڻ آهي. معيشت ۾ مسلسل ناڻي جي پکيڙ قومن جي تباهي جو سبب بڻبي آهي، ناڻي جي پکيڙ هڪ وبا آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ رياست ۽ عوام جو فرض آهي، ٻي صورت ۾ ناڻي جي پکيڙ قومن ۽ رياستن کي ڪمزور ڪري ناڪاره بڻائي ڇڏيندي آهي. هن وقت پاڪستان سياسي، معاشي ۽ اخلاقي طور ڪمزور ترين رياست جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي، جتي هر طرف ڪيئي خطرا منهن ڪڍيو بيٺا آهن.