سنڌ ڌرتي تاريخدانن، مورخن مطابق آرين، دراوڙن کان اڳ تقريبن پنج هزار سال پهرين به مهذب، خوشحال ۽ امن وارو خطو رهي آهي. هڙپا ۽ موئن جو دڙو ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيا آهن. ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته هن وقت اڳي واري سنڌ نه رهي آهي. هن وقت پاڪستان جي نقشي ۾ ڏيکاريل سنڌ بچي آهي، مگر اسان کي ان ڳالهه تي وڏو فخر آهي ته دراوڙن جي دور کان به پهرين ڪيل تحقيق مطابق سنڌي ٻولي موجود هئي. ان مان ثابت ٿيو ته سنڌ ۾ ان وقت به خوشحالي ۽ امن هو، پر هن وقت اسان جي مهذب سنڌي قوم ڪٿي بيٺي آهي. هن جديد ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ دنيا تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي. انسان پنهنجي جستجو، محنت ۽ لگن سان گهڻو ڪجهه بدلايو آهي. ان ڳالهه کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي ته هن وقت اسان جي سنڌ، مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي گلدستي واري شڪل ۾ نظر اچي رهي آهي، سنڌ خوشحال آهي، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. ان ڪري سنڌ کي دبئي به چيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ مهاجر، پنجابي، پٺاڻ ۽ لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ٻيا ڌاريا ماڻهو سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿيندا وڃن ترقي ڪندا وڃن. بدقسمتي رڳو اسان سنڌي قوم جي آهي، جيڪي پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي تباهي جي طرف وڃي رهيا آهيون. لڳي ٿو ته سنڌي قوم کي ترقي نصيب ۾ لکيل ناهي. ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اسان ڌارين کي پناهه ڏئي، پنهنجن جا دشمن ٿيا آهيون. هڪ منظم سازش تحت سنڌي قوم کي بهادر ۽ مهذب قوم جا خطاب ڏئي ذاتين ۽ پاڙن ۾ ورهائي، اسان کي بيوقوف بنائي سرداري نظام ۾ جڪڙي هٿ پير ٻڌي زبان کي تالا هڻي اسان کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو وڏن ماڻهن ۽ سردارن جي بڇ تي اسان پنهنجي ترقي ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن، مٽن مائٽن کي قتل ڪري رهيا آهيون. جيئن ويڙهائڻ ۽ مارائڻ لاءِ ڪڪڙن کي ميل ۾ ڇڏي ويهي تماشو ڏسبو آهي. ساڳي طرح سردار به سنڌ جي ماڻهن کي ڪڪڙن جيان مارائي رهيا آهن. هڪ سردار جتوئين سان گڏ آهي ته ٻيو سردار مهرن سان گڏ آهي. ڪو سردار مزارين سان گڏ آهي ته ڪو سردار چانڊين سان گڏ آهي. ڪو هاليپوٽن جو سردار آهي ته ڪو وري کوسن جو سردار آهي. سڄي قوم جي قسمت جا فيصلا، انهن سردارن جي هٿ ۾ آهن ۽ اسان ڪنهن رانديڪي جيان انهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ قبائلي تڪرارن جي خاتمي ۽ امن و امان جي بحالي کان وٺي ڌاڙيلن جي خاتمي تائين وقتائتا ۽ مثبت قدم به کنيا آهن. هڪ دفعو وري سنڌ حڪومت کي اهڙن عنصرن کي چيڀاٽڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ سردارن سان به سختي سان پيش اچڻ گهرجي. سنڌ حڪومت جي ڪوششن جي باوجود ڏٺو ويو آهي ته هتان جو بيوروڪريٽ ۽ خاص ڪري پوليس سنڌ حڪومت پاران ڪيل فيصلن تي عمل نٿي ڪري. پوليس ڏوهارين جي ساٿي بڻيل آهي، انڌير نگري اها به آهي ته ايف آءِ آر کان وٺي جيل ۾ به غريب کي وڌو وڃي ٿو. سزا به غريب کي ملي ٿي، ڏسندا ۽ ٻڌندا اچون ته سنڌ ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به حقيقي جوابدار کان وڏي رقم وٺي پوليس ان کي ڇڏي ٿي ڏي. پوليس، سردارن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سبب سنڌ حڪومت جي ڪيل فيصلن تي پاڻي ڦري وڃي ٿو ۽ حڪومت جي گلا ٿئي ٿي. ڏوهارين جي سرپرستي ٿيڻ ڪري ٿيو ائين آهي ته ڪوريڙي جي ڄار مان ڍڳو ته مٽي وڃي ٿو، پر مک ڦاسي پوي ٿي. هتي ظالم کٽي وڃي ٿو ۽ مظلوم هارائي ٿو وڃي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته امن و امان بحال ڪرڻ سان سان گڏ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ حڪومت پاران ڪيل ڪوششن جي باوجود مهرن ۽ جتوئين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڪر کنيو آهي. تازو 28 ڊسمبر تي هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي. ڄڃ کڻي ويندڙ مهر برادري جي مٿان شڪارپور باءِ پاس وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل تي سوار هٿيار بندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان گهوٽ الطاف حسين مهر ۽ سندس پنجن سالن جو معصوم ڀاءُ محمد حسن مهر ۽ ڪار ڊرائيور فوت ٿي ويا. گهوٽ جي ماءُ ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پيا. اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪوڪون هيون ۽ قيامت جو منظر هو. سڀ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، روايت موجب هميشه وانگي ايس ايس پي شڪارپور واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. ماضي ۾ به پوليس ماحول کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، پر هن ڀيري لڳي ٿو ته حڪومت جي سخت هدايتن ڪري ڄڃ تي فائرنگ ڪري جيڪو جاني نقصان ڪيو ويو هو، جواب ۾ پوليس ڪارروائي دوران ٽن جوابدارن کي ماري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائي هلندڙ آهي. ان ڪارروائي کانپوءِ لڳي ٿو ته حڪومت ڏوهارين کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون آهن، پر حڪومت کي گهرجي ته قبائلي تڪرارن ۽ خونريزي جي خاتمي لاءِ ذاتين ۽ برادريءَ ۾ ورهايل عوام مان سرداري نظام کي ختم ڪري ۽ سردارن جا پٽڪا پارائڻ واريون رسمون ختم ڪري ۽ جمهوريت جي بقا خاطر پنهنجي طاقت جو استعمال ڪري. ان حوالي سان شايد ان بيان رنگ لاٿو آهي، جنهن ۾ تازو پ پ اڳواڻ ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته سنڌ جو عوام سڪون جي ننڊ سمهي، اسان سندن جان مال جي حفاظت ڪنداسين.