بلاگنئون

“پچارون پنهنجيون ۽ ساروڻيون سڄڻن جون” جي مهورت ۾ ڪيل اظهار خيال

ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسُ؛

ٻِنِين سَندي ڳالِهڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛

تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتي ميڙِيا. (شاھ)

آئون ڪتاب جي مصنف محترم الھبچايو شاھ جن جو مشڪور آهيان جن پنھنجي ڪتاب “پچارون پنهنجون ۽ ساروڻيون سڄڻن جون” جي تقريب رونمائيءَ جي دعوت نهايت پاٻوھ سان ڏني. ِاِن حُب ۽ محبت ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊڻ تي اتساهيو آهي. اولاد عزيز هجي ٿو، پر پنهنجو لکيل ڪتاب به اولاد جهڙو ئي مٺو ٿئي ٿو. اها ڀلي تصنيف هجي، تاليف هجي يا تدوين يعني تخليقي تحرير هجي. مواد سهيڙي ان کي ڪتابي شڪل ڏيڻ هجي، جيڪو عرق ريزيءَ جو ڪم آهي. ان لاءِ جنون، مستقل مزاجي ۽ عشق گهرجي.

عشق ناهي راند جا کيڏندا ڳڀرو،

سِسئيءَ نيزي پانڌ، اڇل ته اڌ ٿئي.

اھو سائينءَ جن جو عشق ئي آهي، علم ادب سان، تصوف جي پانڌيئڙن سان، روضي ڌڻيءَ جي درگاھ ۽ سلسلي سان، روحانيت جي راھ تي سفر ڪندڙ هر متلاشيءَ سان.

جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري،

ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي اُنَ ريءَ.

سائين سيد الھبچائي سان مخدوم غلام رسول جي اوطاق تي ڪچهري ڪندي خليفي محمود نظاماڻي رح جو هڪ واقعو بيان ڪيو ته پاڻ مون کي ساراهيندي فرمايو ته اوهان اسان جي سلسلي جي ڪافي ڄاڻ رکو ٿا. هاڻ هڪڙو واعدو ڪيو ته هڪ راز افشان ڪيان. سائين حڪم ڪيو، مون وراڻيو. سائينءَ ٻڌايو ته عنقريب مذڪوره ڪتاب جي مھورت ڳوٺ سيد يار محمد شاھ، اڏيرو لعل ۾ رکندو، ان ۾ مون کي ضرور اچڻو آهي. انهي حُب ۽ هُجت سان ڏنل ڪوٺ کي شاھ لطيف جي لفظن ۾:

“تنهن وير ڪيوم وچن ويڙيچن سين.”

دراصل محمد راشد روضي ڌڻي رح، درگاھ، حر جماعت ۽ ان جي نظم و ضبط، مفتي صاحب پير ڳوٺ، مدارس راشدي، بزرگ محمد اسماعيل پريالوءِ، ڪامل ولي ۽ پنھنجي وقت جو جيد عالم محمد قاسم مشوري رح ۽ سلسلي سان لاڳاپيل اهل الله، بزرگ هستين ۽ ذڪر اذڪار وغيره بابت گهڻي ڄاڻ مرحوم چاچي حاجي محمد حسن راهوءَ کان ملي، جنهن کي گهڻا جماعتي بشمول محمد بچل سانگري “حافظ ملفوظات شريف” تصور ڪندا هئا. ان ڪري درگاھ سان منسلڪ معلومات جي سُتي گهران ئي پئي.

ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي

تن تنين سين ڪٽ اوڏا اڏي پکڙا.

هاڻ اچون ٿا ڪتاب طرف: ڪتاب جي سر ورق تي “پچارون پنهنجيون ۽ ساروڻيون سڄڻن جون” پڙهندي ئي ڪشش محسوس ٿي. مصنف جي سادي طبيعت ۽ موهيندڙ ٽائيٽل مون کي ٿوري دير لاءِ حيرت ۾ وڌو ته ذهن جي ڪنڊ مان انگريزي ڪهاوت ڪر کنيو.

“Don’t judge a book by its cover”

ان جو مطلب آهي ته ڪنهن به شيءِ يا انسان جو ٻاهرين نماءُ، ڏيک ۽ حليي مان اندازو لڳائڻ نه گهرجي. ڪتاب کي پڙهيم ته سڌ پئي، مار! هي ته سائينءَ جي آتم ڪٿا به آهي ته تر، علائقي جي تاريخ به. سائينءَ پنھنجي آسپاس، پسگردائيءَ جي اسڪولن، ادارن، ڳوٺن، مڪانن ۽ واسطيدار ماڻهن کي وڻندڙ اسلوب سان قلم بند ڪيو آهي. سائينءَ جو اسلوب، انداز بيان، طرز تحرير، ٻوليءَ جي چونڊ ۽ روانيءَ سان اظهار نج سنڌي، سرنهن جي ڦلهڙين جهڙو ٻهڪندڙ آهي.

سائينءَ ڪافي اهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن جيڪي نئين نسل جي استعمال کان ڏور ۽ گهڻو ڪري روزمره جي استعمال مان گم ٿي ويا آهن. جهڙوڪ: ڇيري نبيري، اُون،  اسڪول جو وقار، ڇيهو وغيره. اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي ناياب خزاني کي وسارڻ نه گهرجي. ڪتاب ۾ ميلن، ملاکڙن، ملھن، ميلا لڳرائيندڙن مشهور ڪردارن بابت به ڄاڻ ڏني وئي آهي جيڪا تحقيق ڪندڙن لاءِ Firsthand Knowledge يعني بنيادي ڄاڻ طور ڪتب آندي ويندي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪافي شخصيتن تي به لکيو آهي، ڪنھن به شخصيت تي لکڻ سولو ناهي. کوڙ سارين شخصيتين بابت ڄاڻ ملي ٿي. سائين ڪثير تعداد ۾ درگاھن ۽ مقدس زيارتن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جون ناليواري درگاهون جهڙوڪ: روضي ڌڻي رح، قلندر لال، لڪي شاھ صدر، سچل سرمست، شاھ لطيف، سرور نوح، عبدالرحيم گرهوڙي، شاھ عقيق، ڀرچونڊي، خواجه زمان لنواري شريف، داتا علي هجويري، ملتان ۽ اُچ شريف، بُلا شاھ قصور، درگاھه فريدالدين شڪر گنج وغيره. ايران ۽ حرمين شريفين جون زيارتون شامل آهن. سڀئي ڀلارا، سڀئي الله وارا پنهنجو وارو وڃائي ويا آهن. شيخ اياز چواڻي:

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منجھ مڻيا،

پر مون کي اهي مڙس وڻيا.

جي سارو جڳ جرڪائي ويا،

پر پنھنجو پاڻ ڀلائي ويا.

جيئن ته منهنجي نسبت، تعلق سائين قبلا محمد شاھ جيلاني رح جن سان آهي، انهن جي رحلت ۽ سندن آخري آرام گاھ مٽياري يعني درگاھ جو مٽياريءَ ۾ قائم ٿيڻ بابت مصنف کي مصدق معلومات نه ملي سگهي آهي. غلامان قلندر تنظيم جي باني، عاشقانه رسول صه، احمد علي قريشي عرف بابا سائين متعلق پڙهي خوشي ٿي. سائين يوسف شاھ رح جن کي فيض منهنجي مرشد جي والد سيد نظر محمد شاھ کان مليل آهي، منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو.

سائين الهبچائي شاھ نه صرف مٿين ڳالهين يا موضوعن تي لکيو آهي، پر نوڪري دوران جيڪي سندن دوست ٿيا، گڏ رهيا انهن بابت ۽ ڪجهه کل جهڙن واقعن جو به ذڪر ڪيو اٿن. جڏهن سائين ٻيلي کاتي ۾ ٺٽي ۾ نوڪري ڪندا هئا ته علي گوهر چانڊيو سان گڏ رهيا. هن شاھ صاحب کي کٽ تي سمھاريو ۽ پاڻ پٽ تي ستو. هن وٽ هڪ ٽرانسسٽر (ريڊيو) هو جيڪو سوڙ ۾ لڪائي ٻڌي رهيو هو. ٻئي ڏينهن آفيس وارن رڳو پاڻ ريڊيو لڪي ٻڌڻ تي وَٺُ (طنز) ڪيائونس ته همراھ ٺھ پھ جواب ڏنو ته سيل هن جي پئسن مان ورتل هئا، سو ٻيو ڪير ڇو ٻڌي. اهو ٻڌي سمورو اسٽاف کلڻ لڳو. سيد الھبچائي شاھ وٽ اڃا انيڪ قصا، ڪهاڻيون، يادگيردون، تاريخي مواد سيني ۾ سانڍيل هوندو. دعاڳو آهيان ته سندن جي صحت ۽ لکڻ جو جذبو سلامت رهي. آمين.

ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون،

پَرسين مون نه ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا.