بلاگنئون

ايران جي خلاف عالمي ميڊيا جو غير ذميوارانه ڪردار

سوشل ميڊيا سميت عالمي ميڊيا چينلن تي خبرون هلي رهيون آهن ته ايران ۾ ڪرنسي جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي ۽ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف عوامي مظاهرا ٿي رهيا آهن. ايران جي گاديءَ واري شهر تهران سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي. چيو پيو وڃي ته احتجاج جو اهو سلسلو دڪاندارن طرفان شروع ڪيو ويو هو، جيڪي ڊالر جي مقابلي ۾ ايراني ڪرنسي جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي تي ڪاوڙيل هئا. مختلف هنڌن تي ايراني فورسز ۽ مظاهرين ۾ ٿيل چڪرين ۾ 6 مظاهرين ۽ هڪ پوليس اهلڪار مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. ڪيترن ئي صوبن ۾ اسڪول، يونيورسٽيون ۽ سرڪاري ادارا بند ڪيا ويا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب تازا مظاهرا 2022 ۾ مهسا اميني جي مبينا گرفتاري دوران فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ سڀني کان وڏا مظاهرا آهن. ٻئي پاسي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران پرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو ته آمريڪا انهن جي بچاءُ لاءِ اڳيان ايندو. آمريڪي ڌمڪي تي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي صلاحڪار علي لاريجاني چيو ته ايران جي احتجاج جي معاملي ۾ آمريڪي مداخلت خطي ۾ افراتفري پکيڙڻ جي برابر آهي. هن خبردار ڪيو ته ايران جي سلامتي طرف وڌندڙ هر مداخلت پسند هٿ کي ڪٽيو ويندو. ٻئي پاسي ايران جي عدليه جي سربراهه غلام حسين محسني ازئي خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل اسلامي جمهوريه ايران ۾ بدامني جي پٺڀرائي ڪئي ته ان کي سخت ۽ ڏکوئيندڙ جواب ڏنو ويندو. جڏهن ته معاشي احتجاج جو فائدو وٺي بدامني پکيڙڻ وارن سان سختي سان پيش ايندو ۽ ڪابه نرمي نه ڏيکاري ويندي. ايراني ميڊيا موجب سومر ڏينهن عدالتي عملدارن جي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي غلام حسين محسني ازئي چيو ته بدامني جي وقت ۾ اسلامي نظام هميشه انهن ماڻهن کي پنهنجي اصلاح جو موقعو ڏئي ٿو، جيڪي ٻين جي هٿان ٺڳجي ويا آهن يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ نقصانڪار سرگرمين ۾ ملوث آهن ته اهي فسادين کان پاڻ کي پري ڪن ۽ پنهنجو موقف واضح ڪن. هن چيو ته روزگار ۽ معاشي ڀلائي بابت احتجاج ڪندڙن ۽ نقادن جا خدشا ٻڌا ويندا، پر جيڪي عنصر هن صورتحال کي بدامني پکيڙڻ، ملڪ ۽ عوام جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، انهن سان قانون مطابق سختي سان پيش اچبو ۽ فسادين جي سامهون خاموشي اختيار نه ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي احتجاج ڪندڙن جي معاشي مطالبن کي تسليم ڪيو آهي، پر خبردار ڪيو آهي ته فسادين کي بخش نه ڪيو ويندو. اهو بيان ملڪ جي اولهه واري حصي ۾ احتجاج دوران ايراني نيم فوجي فورس جي هڪ ميمبر جي مارجي وڃڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. سيد علي خامنه اي چيو ته صدر ۽ اعليٰ عملدار پابندين کان متاثر ملڪ ۾ معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جمعي ڏينهن مداخلت جي ڌمڪي کانپوءِ تهران ڇنڇر جي ڏينهن گڏيل قومن کي باضابطا طور تي اپيل ڪئي ته هو ٽرمپ جي ڌمڪين جو جواب ڏئي. ايران انهن ڌمڪين کي اشتعال انگيز قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کي هڪ خط موڪليو آهي، جنهن ۾ انهن کان ٽرمپ جي بيان جي مذمت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽرٿ سوشل” تي هڪ بيان ۾ ايران کي خبردار ڪيو هو ته آمريڪا مڪمل طور تي تيار آهي ۽ جيڪڏهن ايراني اختيارين پرامن احتجاج ڪندڙن کي ڪو نقصان پهچايو ته آمريڪا مداخلت ڪندو. ايرواني چيو ته اهڙا تبصرا گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهن. هن خبردار ڪيو ته بدامني يا فوجي مداخلت کي ڀڙڪائڻ ايران جي خود مختياري ۽ علاقائي سالميت لاءِ خطرو آهي. ايران خلاف ڌمڪيون يا پروپيگنڊا ڪا نئين ڳالهه ناهي ايران وٽ ايتري قوت آهي جو هو هر پروپيگنڊا جو جواب ڏئي سگهي ٿو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عالمي ميڊيا ايران ۽ ان جي سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي خلاف غلط بيان بازي ڪري انتشار پکيڙي رهي آهي، جنهن ۾ اسلامي ملڪ به دشمن جي ونگار وهي رهيا آهن، جيڪو نهايت ڏکوئيندڙ عمل آهي. اسلامي ملڪن کي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف متحد ٿي ايران جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.