اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ 8 جنوري 2026ع تي اوزي ڊولپرز جيڪا ريئل اسٽيٽ ۽ ڪنسٽرڪشن جي ڪپني آهي ۽ سافٽ ويئر ڪمپني آءِ ٽو سي جي وچ ۾ سيالڪوٽ ٽيم جي لاءِ سخت مقابلو ٿيو. آءِ ٽو سي جو آخري واڪ هڪ ارب 82 ڪروڙ رپيا هو، جنهن کانپوءِ اوزي ڊولپرز واڪ کي وڌائي هڪ ارب 85 ڪروڙ رپيا ڪري پي ايس ايل جي تاريخ جو سڀ کان وڏو واڪ لڳائي سيالڪوٽ جي ٽيم کي خريد ڪيو. ان مرحلي کان اڳ فاروق ڪمال صديقي (FKS) گروپ جيڪو سکر پيٽيارٽس جو مالڪ آهي، حيدرآباد جي فرنچائيز حاصل ڪئي. اتي به سندس مقابلي ۾ آءِ ٽو سي هئي، جنهن جو آخري واڪ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپيا رهيو. حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ پهريون ڀيرو 2015ع ۾ ليگ جي آغاز کانپوءِ پي ايس ايل جو حصو بڻيون هيون. فرنچائيز جي لاءِ غور هيٺ آيل شهرن ۾ فيصل آباد، گلگت، حيدرآباد، مظفرآباد، راولپنڊي ۽ سيالڪوٽ شامل هئا. هن وقت جيڪي ٽيمون پي ايس ايل ۾ شامل آهن، انهن ۾ لاهور قلندرز، اسلام آباد يونائيٽيڊ، پشاور زلمي، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز، ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطانز شامل آهن.
نيلامي کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي اڀرندڙ ڪرڪيٽ اسٽارز کي ايشيا ڪپ کٽڻ واري ٽيم کي 9 ڪروڙ رپيا انعام ڏنو. هن وقت پي ايس ايل پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ رڳو هڪ ٽورنامينٽ ناهي، پر اها پاڪستاني ڪرڪيٽ جي بقا ۽ ترقيءَ جو هڪ اهم ذريعو بڻجي چڪي آهي. پي ايس ايل جي ڪري هن وقت ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ اهڙيون تبديليون اچي رهيون آهن جنهن جو ماضيءَ ۾ صرف تصور ٿي سگهيو ٿي، پر هاڻي اها حقيقت بڻجي پي ايس ايل جي صورت ۾ نوجوانن جي لاءِ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ اچڻ جو هڪ رستو بڻجي چڪو آهي. PSL ذريعي نئون ٽيلنٽ ملي رهيو آهي، جنهن مان فخر زمان، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه جهڙا رانديگر پي ايس ايل جي پيداوار آهن. ان کانسواءِ پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي آهي. 2009ع کانپوءِ پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جا دروازا بند ٿي چڪا هئا. گڏوگڏ اهو پي سي بي لاءِ به ڪمائي جو وڏو ذريعو بڻجي چڪو آهي. هن وقت ڪرڪيٽ ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ معيار جو استعمال وڌي رهيو آهي. هن سڄي ماحول جڙڻ سان گڏوگڏ نيون صنعتون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ملڪي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي.
پي ايس ايل جي ٽيم خريد ڪرڻ صرف هڪ شوق ناهي، پر اهو هڪ وڏو ڪاروبار پڻ آهي. حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ شهر ڪرڪيٽ جا وڏا مرڪز آهن، خاص ڪري حيدرآباد جي عوام جي اها پراڻي گهر هئي ته سنڌ مان ڪراچيءَ کانپوءِ هڪ ٻي ٽيم ٺهڻ گهرجي. انهن ٽيمن جي ٺهڻ سان انهن ٻنهي شهرن جا باصلاحيت رانديگر مستقبل ۾ پنهنجن شهرن جي نمائندگي ڪندي کيڏي سگهندا. پي ايس ايل جتي هڪ وڏي سيڙپڪاري آهي اتي تمام وڏو مالي فائدو ڏيندڙ ڪاروبار آهي. پي سي بي پنهنجي مجموعي ڪمائي جو هڪ وڏو حصو سڀني ٽيمن جي مالڪن ۾ ورهائيندو آهي. جنهن ۾ براڊ ڪاسٽنگ جا رائيٽس، مرڪزي اسپانسرشپ شامل هوندا آهن. ان کان علاوه هر ٽيم جا پنهنجا الڳ اسپانسر پڻ هوندا آهن. جنهن ۾ ٽيم جي وردي (ڪِٽ) ان ۾ ٽوپيون، شرٽس ۽ هيلمٽ شامل هوندا آهن، انهن تي ڪمپنين جا لوگو لڳل هوندا آهن جيڪي تمام گهڻا مهانگا وڪرو ٿيندا آهن.
جڏهن ڪنهن شهر ۾ مئچ ٿيندو آهي ته ان مئچ جي ٽڪيٽن مان ٿيندڙ ڪمائي جو هڪ حصو هوم ٽيم کي ملندو آهي. وقت سان گڏوگڏ برانڊ ويليو ۾ اضافو ٿيڻ ڪري هڪ ٽيم جيڪا 10 ملين ڊالرن ۾ خريد ڪئي وئي هئي اها ڪجهه سالن کانپوءِ 50 ملين ڊالرن تائين پهچي سگهي ٿي. اسان جي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ جي هر ضلعي جو انفرااسٽرڪچر بهتر بڻائي اتي ڪرڪيٽ جي شوقين ماڻهن جي لاءِ اسٽيڊيم تعمير ڪرائي، جيڪي بين الاقوامي معيار جا هجڻ گهرجن ته جيئن اتي اڳتي هلي ضلعي سطح تي حيدرآباد فرنچائيز وانگر ٻيون ٽيمون ٺهي سگهن. جيئن ته حيدرآباد ۾ نياز اسٽيڊيم ۾ ماضي ۾ عالمي مئچون ٿيون آهن اهوئي سبب آهي جو حيدرآباد جي فرنچائيز ٽيم ٺهي سگهي آهي. انهن نوجوانن جي خوشقسمتي هوندي جن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو جنون ته آهي، پر انهن جي لاءِ هن ميدان ۾ اچڻ جا ڪي به موقعا موجود ناهن. سنڌ ۾ ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اهڙا نوجوان رانديگر موجود آهن جيڪي تمام باصلاحيت آهن، پر اڪيڊميون ۽ موقعا نه هجڻ ڪري اهي ضايع ٿي وڃن ٿا. هاڻي سياست کان هٽي ڪري اسان جي سنڌ جي جاگيردار طبقي کي به پنهنجي سماج لاءِ مثبت سيڙپڪاري جو تصور پيدا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان نه صرف سماج ۽ نوجوان طبقي کي بلڪه انهن سيڙپڪارن کي به تمام گهڻو معاشي فائدو حاصل ٿي سگهندو. پي ايس ايل ۾ اڳتي هلي اهڙي ڪا ٽيم ٺاهي سگهجي ٿي جيڪا سنڌي ثقافت ۽ اجرڪ کي پنهنجي برانڊ طور دنيا اڳيان پيش ڪري. سنڌ جو ڪو جاگيردار جيڪڏهن پي ايس ايل ۾ اڪيلو سيڙپڪاري جي صلاحيت نٿو رکي ته ڪنسورشيم ذريعي 4 يا 5 وڏا زميندار هڪ گڏيل ٽيم خريد ڪري سگهن ٿا، جنهن سان انهن کي اهو مالي فائدي سان گڏوگڏ پنهنجن علائقن کي ترقي وٺرائڻ جو موقعو به ملندو ۽ بين الاقوامي سڃاڻپ به حاصل ٿيندي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جو جاگيردار طبقو سياست ۽ طاقت وارن موقعن کان علاوه ٻئي پاسي نهارڻ جي تڪليف نٿو ڪري. جنهن جي ڪري جيڪي نوان موقعا پيدا ٿين ٿا اهي کيس نظر نٿا اچن.