بلاگنئون

قومپرست حزب اختلاف ليڊر عبدالحميد جتوئي

مون کي ياد آهي ته جڏهن آئون پرائمري اسڪول دادو ۾ پڙهندو هئس ته شھاڻي پاڙي جي هڪ واڻڪي جاءِ جي ٻاهران شام جو اڇي ڪرتي ۾ هڪ شخص کي ڪڏهن، ڪڏھن جڳھه جي اڳيان ٿلهي تي ويٺي ڏسندو هئس، بابا وڏي (ميان رسول بخش شيخ وڪيل دادو) کان پڇيو هئم ته بابا اهو شخص ڪير آهي؟ بابا وراڻيو هو ته اهو شخص حميد جتوئي آهي. ٻيو ڀيرو اعجاز جتوئي (سينيٽر) منھنجي واقفيت ان وقت ڪرائي هئي، جڏهن سنڌي مھاجر جهيڙي دوران آئون اعجاز جتوئي صاحب جي لطيف آباد واري بنگلي تي هڪ گڏجاڻي ۾ ويو هئس، ٽيون ڀيرو سندس ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ ساڻس تمام ڀلي ڪچھري ٿي هئي، پر ان ملاقات جي ٿوري ئي عرصي کانپوءِ  آئون  پروفيسر محمد آدم ٻٽ، امر جوڻيجو ۽ ٻين قومي دوستن سان جتوئي صاحب جي پھرئين ورسي تي ويو هئس جيڪا اڳوڻي وزيراعليٰ لياقت جتوئي ڳوٺ ٻيٽي ۾ ڪئي هئي، ان دوران مقررن جي تقريرن ۽ ان کان اڳ سائين جي ايم سيد کان عبدالحميد جتوئي جي ڪردار متعلق ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌڻ جو موقعو مليو ته هي سنڌ جو ارڏو مجاهد شخص عبدالحميد خان جتوئي سنڌ جو هڪ نمايان سياسي اڳواڻ، قومپرست ۽ اصولن تي بيهندڙ پارليامينٽري سياستدان هو.

هن سنڌ جي سياسي ۽ قومي مسئلن تي مسلسل آواز اٿاريو ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پنهنجي آزاد موقف ۽ جرئتمند اظهار جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. هن قومي اسيمبليءَ جا ڪيترائي دور انجام ڏنا ۽ مختلف دورن ۾ چونڊجي آيو. سنڌ جي حقن ۽ صوبائي خودمختياري تي زور ڏنو. گهڻو ڪري هو وفاقي حڪومت جي فيصلن ۽ پاليسين تي کليل طور تنقيد ڪندو رهيو. سياسي نظرين، جدوجهد ۽ اصولن جو پيروڪار عبدالحميد جتوئي اڀرندڙ سياسي گروهن سان پاڻ کي نه جوڙيو، پر هن هميشه سڀني کان مٿانھين اصولن جي پٺڀرائي ڪئي. هو حزب اختلاف جي ميمبر جي حيثيت سان به اڪثر سنڌي قومپرست سياسي سوچ ۽ وفاقيت جي گڏيل تصور کي گڏ رکندو رهيو. هي سادي زندگي گذارڻ وارو، اصولن جي پابند ۽ عوام دوست اڳواڻ نامور سياستدان رئيس عبدالحميد جتوئيءَ جو جنم 1922ع ڌاري ٻيٽي جتوئيءَ ڳوٺ تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. هيءُ اعليٰ پايي جو سياستدان ۽ قومپرست اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هن جو سائين جي ايم سيد سان ڪافي واسطو هو، زميندار گهراڻي سان تعلق هئڻ سبب ننڍي لاءِ کان راڄ ڀاڳ جي سنڀال ۽ سياسي تربيت هيٺ رهيو، هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1940ع ڌاري مسلم ليگ ۾ شموليت سان ڪئي ۽ ان جي پليٽ فارم تان مسلمانن جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. 1953ع ۾ هيءُ پهريون ڀيرو ٿيل ملڪي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن 14 آڪٽوبر 1954ع تي پاڪستان جي سڀني صوبن کي ملائي ون يونٽ جوڙيو ويو ته هي انهن چئن اسيمبلي ميمبرن مان هڪ هو، جن ون يونٽ جي خلاف ووٽ ڪيو هو، ان ڪري سندس شمار سنڌ جي محب وطن سياستدانن ۾ ٿيندو آهي. 1958ع کان 1969ع تائين ون يونٽ جي مخالفت ڪيائين ۽ ون يونٽ ختم ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيائين. هن ۽ سائين جي. ايم. سيد جي لڳاتار جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي ون يونٽ ٽٽو ۽ صوبا پنهنجي اصلي صورت ۾ بحال ٿيا. رئيس عبدالمجيد جتوئي 1966ع ۾ پيپلز پارٽي جي بنياد وجهندڙن مان هڪ هو. 1970ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن دوران ذوالفقار علي ڀٽي سان اصولي اختلافن تي اڻبڻت ٿي پيس ۽ اسيمبليءَ اندر ذوالفقار علي ڀٽي تي سخت تنقيد ڪئي هئائين، جنهن جي سزا ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت دوران جيل ۾ پڻ ويو. 1973ع ۾ هن شيخ مجيب الرحمان جي 6 نقاطي پروگرام جي اصولي حمايت ڪندي 1973ع واري آئين جو مخالفن مان هو. هن پنهنجي ذاتي توڙي سياسي زندگيءَ ۾ اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هي شروع کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جو سخت مخالف رهيو، 1988ع ۾ سائين جي. ايم. سيد سان گڏجي “سنڌ قومي اتحاد” ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين، ان جو پهريون چيئرمين رهيو. جڏهن سائين جي. ايم سيد سنڌ جي ڪيل سياسي دورو شروع ڪيو ته هي واحد سياستدان هو، جنهن سائين جي. ايم سيد جي پنهنجي تڏي تي ڀرپور آجيان ڪئي. تر ۾ فيصلن جي حوالي سان سندس منصف مزاجي مشهور هئي، سنڌ لاءِ ڪيل سياسي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. 1998ع ۾ پنھنجي پٽ سينيٽر اعجاز علي خان جتوئيءَ جي وفات کانپوءِ سياست ڇڏي گوشا نشيني اختيار ڪيائين،11 جنوري 2004ع ۾ حيدرآباد ۾ بڪين جي بيماريءَ سبب 82 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. عبدالحميد جتوئي پنھنجي ٻن شادين مان جيڪو اولاد ڇڏيو انهن مان وڏو پٽ لياقت علي خان جتوئي جيڪو اڳوڻو وفاقي وزير ۽ اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ رهيو، ٻيو پٽ صداقت علي جتوئي جيڪو ايم پي اي رهيو، ٽيون پٽ احسان علي جتوئي به پڻ ايم پي اي رهيو. مٿئين اولاد مان اعجاز علي جتوئي جيڪو سينيٽ جو ميمبر رهيو ۽ پنھنجي والد صاحب جيان هڪ قومپرست ۽ هڪ سچو انسان هو جڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ قومي اتحاد جوڙيو هو ته اعجاز جتوئي ان اتحاد جو سرگرم رڪن رهيو. ان دور ۾ هي ناچيز به اعجاز جتوئي سان اڪثر گڏجاڻين ۾ گڏ رهندو هو، هڪ گڏجاڻيءَ ۾ آئون اعجاز صاحب سان سن ويو هئس ته ان موقعي تي سائين جي ايم سيد  اعجاز جي تعريف ڪندي چيو ته “اعجاز تو مان مون کي منھنجي دوست عبدالحميد جي خوشبو ايندي آهي” هي نوجوان سينيٽر 1997 ۾ گذاري ويو. عبدالحميد جتوئي کي اٺ نياڻيون به هيون.