نئون

مني لانڊرنگ ڪيس، آصف زرداري جي عبوري ضمانت منظور

بينڪنگ ڪورٽ پاران آصف زرداري جي 4 سيپٽمبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي 20 لک رپيا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته بينڪنگ ڪورٽ آصف زرداري کي اشتهاري  قرار ڏنو هو جنهن بعد هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان عبوري ضمانت ورتي جيڪا 2 سيپٽمبر تي ختم ٿي رهي آهي، جنهن وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري جي ضمانت منظور ڪندي ان کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. واضح رهي ته هن ڪيس جي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تي ٿيندي جنهن وقت آصف زرداري ۽ ٻيا ان ٻڌڻي تي ايندا جڏهن ته ٻڌڻي کان اڳ گرفتاري کان بچڻ لاءِ هي ضمانت ورتي وئي آهي. هن ڪيس ۾ الزامن هيٺ آيل باقي ملزم به پنهنجون ضمانتون وٺي چڪا آهن. جڏهن ته حسين لوائي جڊيشل ريمانڊ تي آهي. اڳوڻي صدر جي عدالت ۾ اچڻ مهل عدالت جي آسپاس تلاشي ورتي وئي جنهن بعد آصف زرداري عدالت ۾ آيو. ان موقعي تي صحافين پاران صدارتي اميدوار جي سوال پڇڻ تي هن چيو ته پ پ جو اميدوار اعتزاز احسن صدر بڻجندو.