ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان جي معيشت اڏام ڀرڻ ۾ ناڪام تبديلين جا اشارا ۽ افواهون، پر اصل حل طرف قدم ڇو نٿو کنيو وڃي؟

هن وقت سڄي دنيا ۾ معاشي ۽ سياسي تبديليون ايندي نظر اچي رهيون آهن ۽ پاڪستان ۾ به وقت بوقت تبديلين جا اشارا ملندا رهن ٿا. پاڪستان هڪ ڊگهي عرصي کان آءِ ايم ايف کان قرض وٺي پنهنجو پاڻ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ ۾ ته ڪامياب ٿي ويو آهي، پر معيشت جي جهاز کي رن وي تان اڏام ڀرائڻ ۾ مسلسل ناڪام هجڻ جي ڪري هن وقت ڪجهه وزارتن ۾ خاص طور تي فنانس منسٽر جي تبديل ٿيڻ جون افواهون گردش ڪري رهيون آهن. پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ تڪڙا فيصلا، تڪڙيون تبديليون ۽ ننڍي مدي جون پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون، جن ۾ تسلسل نه هجڻ جي ڪري سڌارا اچڻ کانپوءِ به اهي نظر نٿا اچن يا وري تڪڙي تبديليءَ جي ڪري انهن جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو. هينئر وري ٽيڪنوڪريٽ گورنمينٽ ۽ ٽيڪنوڪريٽ وزيرن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، پر اصل مسئلن تي ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي. اصل ۾ پاڪستان جو معاشي مسئلو اهو آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي وڏي انگ ۾ اهي شيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون جيڪي ٻاهرين ملڪن جون ٺهيل آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اهي شيون پاڪستان ۾ به تيار ڪري سگهن ٿيون، پر اسان جي ڪمزور پاليسين جي ڪري اسان جو عوام ٻاهر جون مصنوعات استعمال ڪرڻ تي مجبور آهي. ان ۾ سڀ کان وڏو ڏوهه اسان جي پاليسي سازن جو آهي، جيڪي ان پاسي ڌيان ڏيڻ کان لنوائين ٿا. پاڪستان جي معيشت ان ڪري ترقي نه ڪري رهي آهي جو پاڪستان جي سڄي معيشت کي چند ماڻهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويٺل آهن، جيڪي پئسو ٺاهي ٻاهرين ملڪن ۾ پارڪ ڪن ٿا.

ڪنهن به ملڪ جي معيشت صرف چند مصنوعات ٺاهڻ جي ڪري ترقي نٿي ڪري سگهي. اسان وٽ ڪاٽيج انڊسٽري جنهن کي گهريلو صنعت يا ننڍي صنعت چئي سگهجي ٿو اها ترقي نه ڪري سگهي آهي. ان جي پٺيان ملڪ ۾ توانائي جو بحران، ٽيڪس جي نظام ۾ ننڍن صنعتڪارن لاءِ سٺين پاليسين جو نه هجڻ ۽ هنرمند ماڻهن جي تربيت لاءِ حڪومتي سطح تي سڄي پاڪستان ۾ ادارن جي کوٽ ۽ واپاري رجحان پيدا نه ڪرڻ شامل آهن. ڪاٽيج انڊسٽري ڪنهن به ملڪ جو اهو حصو هوندو آهي جنهن ۾ هنرمند ماڻهن جي شرح وڌيڪ هجڻ ڪري هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن پيداواري ڪم ۾ پنهنجو حصو وجهي پنهنجو گهر به هلائيندو آهي ۽ ملڪ جي لاءِ ناڻو به ڪمائي حڪومت کي ٽيڪس جي صورت ۾ ڏيندو رهندو آهي، پر جيئن ته اسان وٽ عوام دوست پاليسين جي کوٽ رهي آهي ان ڪري اهي تربيتي ادارا نه هجڻ جي ڪري ڪيترائي هنرمند ماڻهو مارڪيٽ جي ضرورتن کي نه سمجهڻ جي ڪري هن وقت به ضايع ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن حڪومتي سطح تي اهڙا ادارا ٺاهي عوام کي مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ زرعي شين جي باري ۾ آگاهي ڏئي انهن کي پنهنجا ننڍا ننڍا برانڊ ٺاهي مارڪيٽ ۾ آڻي واپار ڪرڻ جي تربيت ڏين ته اهي واپاري ڪجهه عرصي جي اندر ڪنهن وڏي برانڊ ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. جيئن سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪمند جي وڏي پيداوار ٿئي ٿي ان مان ڳڙ ٺاهڻ، ان مان برائون شگر جي پيداوار ڪرڻ، ان جي رس مان مختلف شيون ٺاهڻ، انهن جي پيڪنگ ڪرڻ سيکاريو وڃي ته اهي ڪيئن صاف سٿري ماحول ۾ ٺاهي پيڪ ڪري مارڪيٽ تائين پهچائي سگهن ٿا. ان کان علاوه سنڌ ۽ پنجاب ۾ انب تمام گهڻو پيدا ٿئي ٿو ان مان گهر ۾ عورتن کي تربيت ڏئي انهن کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي کين اهو سيکاري سگهجي ٿو ته اهي انب جو جيم، چٽڻيون، آچار ۽ ان جو سڪل امچور يا ان جي پاپڙي ٺاهي ڪيئن مارڪيٽ ۾ سپلاءِ ڪري سگهن ٿيون.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ٻهراڙين ۾ هڪڙو وڏو انگ عورتن جو موجود آهي جيڪي هٿ جو هنر ڄاڻن ٿيون، انهن کي جيڪڏهن اها تربيت ڏني وڃي ته اهي پنهنجي هنر کي يورپ ۽ مغرب جي رنگن ۽ اتان جي جديد ڪپڙن جي حساب سان ڪيئن تيار ڪن جنهن ۾ اهي صرف ڪپڙا نه بلڪه هينڊ بيگز، ليپ ٽاپ ڪورز، ڪُشن ڪورز ۽ جينس تي مٿان پائڻ وارا بلائوز ڪيئن ٺاهي سگهن ٿيون، انهن ۾ ڪهڙا رنگ استعمال ڪري سگهجن ٿا، ڪهڙا ڌاڳا استعمال ڪرڻ گهرجن جنهن جو رنگ خراب نه ٿئي ۽ انهن کي جيڪڏهن سوشل ميڊيا جي استعمال سان ڳنڍي پنهنجي مصنوعات کي آن لائين فروخت ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي ته اسان وٽ ٻهراڙي ۾ ان ڀرٿ يا هٿ جي هنر جو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌي وڃي ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو ٿي وڃي، پر حڪومت شايد هن قوم کي خود انحصاري واري پروگرام ۾ آڻڻ ئي نٿي چاهي. اهو ئي سبب آهي جو هر وقت ملڪ ۾ هڪ واويلا متل هوندو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻو گهٽجي چڪو آهي، ملڪ جي معيشت ناڪام ٿي چڪي آهي، ناڻي وارو وزير ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت تبديل ٿي رهي آهي. جنهن جي ڪري ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر سڀ ڌريون اسان جي ملڪ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿيون ۽ عوام ترقي ڪرڻ جي بجاءِ تنزليءَ طرف سفر ڪندي نظر اچي ٿو. خبر ناهي ته هن ملڪ ۾ گهريلو صنعت کي ايترو غير اهم ڇو ٿو سمجهيو وڃي. جڏهن ته ٽئين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جنهن ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش به شامل آهن انهن پنهنجي ڪاٽيج انڊسٽري کي ترقي وٺرائي قومي معيشت کي مضبوط ڪيو آهي. ڪاٽيج انڊسٽري جي مضبوط ٿيڻ سان قوم جو هر فرد سکيو ستابو ٿي سگهي ٿو. چين ۾ هن وقت هر گهر ۾ هر فرد ڪنهن نه ڪنهن مصنوعات جي تياري ۾ مصروف نظر اچي ٿو. جتي هو ننڍا ننڍا يونٽ لڳائي پنهنجي پيداوار ڪري سڄي دنيا کي اماڻي روزگار حاصل ڪري ملڪ کي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڏيئي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان وڏن ڪاروبارن سان گڏوگڏ ننڍن ڪاروبارن کي نيڪ نيتي سان ترقي وٺرائڻ جي لاءِ هڪ انقلابي پاليسي ٺاهي خاص طور تي ٻهراڙين ۾ عورتن کي تربيت ڏئي انهن کي ننڍا قرض ڏئي سهارو ڏينداسين ته اتان کان اصل معاشي انقلاب پيدا ٿيندو جيڪو ملڪ کي عظيم تر بڻائي سگهندو.