بلاگنئون

سنڌ جي عشق سان ڀرپور مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري

مخدوم طالب الموليٰ سنڌ جي اها شخصيت آهي جنهن سنڌي ادب، لوڪ موسيقي ۽ لوڪ ورثي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. توڙي جو پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکيائون، پر سنڌ ڌرتيءَ سان سندس عقيدت هڪ ماءُ کان وڌيڪ هئي، جنهن جو واضح ثبوت ايم آر ڊي ۽ ون يونٽ جي تحريڪن ۾ ملي ٿو پاڻ نه صرف پنهنجي ذات بلڪه پنهنجي سروري جماعت سان گڏ انهن تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائون. جڏهن “سنڌ قومي اتحاد” ٺهيو تڏهن مخدوم محمدالزمان “طالب الموليٰ” کي ان ۾ شرڪت جي خاص دعوت ڏني وئي هئي. ان موقعي تي مخدوم صاحب پاڻ ڪن مجبورين سبب شريڪ نه ٿي سگهيو هو، پر موقعي جي مناسبت سان هيءَ شاعري لکي موڪليائين جيڪا اڄ به قوم جي رهنمائي ڪندي رهي ٿي:

سر زمين  هند  ۾ اسلام جو بنياد سنڌ،

اي عوام اڄ ڪر مدد، اڄ ٿي ڪري فرياد سنڌ.

جيڪڏهن تعمير ٿي ويو نيٺ ڪالا باغ ڊيم،

پوءِ  يقينن آههِ انديشو ته ٿئي برباد  سنڌ.

ڇانوڻيون هرگز نه گهرجن، فوج جو ناهي ڪو کَپُ،

ڇو ته ڪرڻي ڪا نه آهي پاڻ کي ناشاد سنڌ.

ٻاهريون ٻاهر هجن، هرگز نه هو هيڏانهن اچن،

ٻچي ٻچي کان ڪرائي ٿي اهو ارشاد سنڌ.

هي يقين رکجو ته پوندي نيٺ هر ڪنهن کي خبر،

دودا، دريا خان، هوشو ڏيندي لاتعداد سنڌ.

خاطري آهي ته ڏيندي مڙس ٿي منهن وقت تي،

آهي هو مضبوط تر اي يار ڄڻ فولاد سنڌ.

دل گهري ٿي شل نه ڪوسو واءُ ڪو هن کي لڳي،

رک  خدا وند  سدا  ۽  شاد  ۽ آباد  سنڌ.

انشاءَ الله هوندي قائم ٿيندي قائم دمبدن،

هت صدين جي ڳالهه ڪانهي، آههِ بي معياد سنڌ.

ليڊرو اڄ ڪشمڪش کي ڏِئو کڻي هڪدم طلاق،

هڪ ٿيو پر نيٺ ٿيندي پنهنجي  هي آزاد سنڌ.

اڄ ضرورت آههِ قرباني ڏيڻ جي دوستو،

ڪجهه ڪري همت کسي وٺنداسون ازضياد سنڌ.

سنڌ تان قربان ٿيان ۽ سنڌ تان صدقي وڃان،

ڇو ته آهي طالب الموليٰ به خود همزاد سنڌ.

مخدوم طالب الموليٰ کي سنڌ ۽ سنڌين جي ڏکن ۽ تڪليفن جو احساس هوندو هو ۽ کين حوصلو ڏيندو هو ته همت ڪريو اهي ڏک ڏولاوا جلد ختم ٿي ويندا. پاڻ سنڌ جي عاشقن سان عشق جو اظهار ڪندي ڪٿي به ٿڪيو ناهي. ھو اڪثر چوندو هو ته توهان ڪھڙي به مڪتب فڪر سان سلهاڙيل هجو بس سنڌ جا ٿيو. اسان کي سنڌ سان بيھڻ تي سنڌ جو عوام محبتون ۽ عزتون ڏئي ٿو. اسين قوم جي مالڪي ڪيون، جيڪڏهن ائين نه ڪيوسين ته سنڌ ڪڏھن به اسان کي معاف نه ڪندي.

اي زماني کان ڏکويل ٿي نه گريان غم نه ڪر

بي سرو ساماني تنهنجو آھ سامان غم نه ڪر

هڪ نظر سان تنگدستي تنگداماني کي ڏس

پو نه ٿي سگهندين ڪنهين جي زيرِ احسان غم نه ڪر

بي ڌڙڪ تون يار ۽ اغبار وٽ وڃ باصفا

پيش ڪش رکجئين اول پنهنجا دل و جان غم نه ڪر

تون غمن جي فوج کان هڪ تر به پاسو ڪين ڪج

بيوسيلن جي مدد آ شاهِ مردان غم نه ڪر

عاشق بيدل اڪيلو پاڻ کي هر گز نه ڄاڻ

هجر ۾ توساڻ گڏ آ سوز پنهان غم نه ڪر

تنهنجي ڪشتي جو رسولﷺ آهي نا خدا

ٿي نه هر گز هاڻ حيران ۽ پريشان غم نه ڪر

طالب الموليٰ زماني جي حوادث کان نه ڊڄ

هر گهڙي ۾ تنهنجو آ مولا نگهبان غم نه ڪر

حضرت نوح سرور رح جن کانپوءِ مخدوم طالب الموليٰ جن نهايت شفيق طبيعت جا مالڪ هئا. پاڻ ادب توڙي سياست ۾ اھڙي تاريخ رقم ڪئي جو اڄ ڏينهن تائين کيس هر ڪو پنهنجو مرشد مڃڻ تي مجبور ٿيو پوي. پاڻ شاعريءَ جي هر صنف ۾ ڪمال نظر اچي ٿو.

(1)  بهار طالب (2) رباعيات طالب (3) شيطان ابوالجنان (4) اسلامي تصوف (5) امام غزاليءَ جا خط (6) دُر ناياب عرف ياد رفتگان (7) مثنوي عشق و عقل (8) ڪچڪول طالب الموليٰ (9) ڪافي (10) شانِ سروري (11) بي پير اکيون (12) ڇپر ۾ ڇڙيون (13) مضامين طالب الموليٰ (14) ديوان طالب الموليٰ (15) مصريءَ جون تڙون (16) سدا وسين سنڌڙي (17) چهنڊڙيون (18) منهنجو ننڍپڻ (19) بهارستان (20) لُغات سنڌي مُخففات (21) شام ۽ صبح (22) آب حيات (23) خودشناسي (ترجمو) (24) سنڌ جو شڪار (25) بياض طالب الموليٰ (26) سماع العاشقين في سرور الطالبين (27) آءُ ڪانگا ڪر ڳالھه (28) ڪوڙ ۽ سچ (29) سنڌ جو سانوڻ (مثنوي) (30) شان حسين (31) اشارات شاھ (32) عجيب لغت سنڌي (33) سنڌ جو سانوڻ (34) انتخاب ڪلام طالب الموليٰ شامل آهن.

مطلب ته مخدوم طالب الموليٰ شاعريءَ جي فن ۾ مهارت رکندڙ هئا، پاڻ ڪلاسيڪي ۽ عروضي شاعريءَ جي صنفن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق جي انتها تائين پهتل آهن. پاڻ قوم کي وڏو سرمايو ڏنو، سندن خيال هو ته شاعري قوم کي هوشيار ڪرڻ جو ذريعو آهي جيڪڏهن صحيح شاعر آهي ته گهڻو ڪجهه چئي سگهي ٿو ۽ سمجهائي سگهي ٿو.

بي تحرڪ زندگي بيڪار آهه

بي عمل انسان ڄڻ بيمار آهه.