ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشل وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون، بينڪنگ ٽيڪنالاجيءَ جي نئين دور ۾ داخل

ورلڊ لبرٽي فنانشل هڪ نئون ڊجيٽل فنانس پليٽ فارم آهي. ورلڊ لبرٽي فنانشل جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ ڪو فائونڊر ذڪري وٽڪوف هن وقت اسلام آباد ۾ موجود آهي، هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف جو پٽ آهي. 14 جنوري 2026 تي پاڪستاني حڪومت ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشل جي وچ ۾ هڪ ياداشت نامي (MoU) تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هن معاهدي جو مقصد پاڪستان ۾ ڊجيٽل ادائگين ۽ سرحد پار مالي ڏي وٺ لاءِ ڊالر سان جڙيل اسٽيبل ڪوائن (Stablecoin) جي استعمال جو جائزو وٺڻ آهي. پاڪستان جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ذڪري وٽڪوف معاهدي تي صحيحون ڪيون. هي عالمي سطح تي ڪنهن به خود مختيار رياست ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشل جي وچ ۾ پهريون وڏو سرڪاري معاهدو قرار ڏنو پيو وڃي. جنهن سان پاڪستان ۾ ڪرپٽو ۽ ڊجيٽل ڪرنسي جي ريگيوليشن ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي. هن معاهدي جو سڀ کان اهم نقطو پاڪستان ۾ ڊالر سان جڙيل اسٽيبل ڪوائن کي مالي ڏي وٺ لاءِ استعمال ڪرڻ جو جائزو وٺڻ آهي. ان جو مقصد پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جي اثرن کي گهٽائڻ آهي. ان سان گڏوگڏ هن معاهدي تحت ورلڊ لبرٽي فنانشل پاڪستان کي اهڙي ٽيڪنالاجي فراهم ڪندي جنهن ذريعي پرڏيهه مان رقم موڪلڻ ۽ عالمي واپار جي ادائگي تيزيءَ سان ۽ گهٽ خرچ تي ٿي سگهندي. هن معاهدي تحت ٻئي ڌريون گڏجي ڪم ڪنديون ته جيئن پاڪستان ۾ ڊجيٽل اثاثن لاءِ قانوني قائدا ۽ ضابطا تيار ڪري سگهجن. هن نظام جي شروع ٿيڻ کانپوءِ بينڪن جو وچ مان ڪردار ختم ٿي ويندو، جنهن سان بينڪن کي ٽرانسفر في حاصل نه ٿي سگهندي ۽ ٻاهران کان پئسا موڪلڻ وارو ماڻهو پنهنجي خاندان کي وڌيڪ مقدار ۾ پئسا موڪلي سگهندو. ان کان علاوه پاڪستان ۾ ڊالر جي قدر ۾ ڪڏهن لاٿ ته ڪڏهن چاڙهه ايندي رهندي آهي. هن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڊالر جي اسٽيبل ڪوائن ذريعي قيمت مستقل رهندي. ان کانسواءِ ماڻهن کي بينڪن جا اڪائونٽ کولڻ يا رقم ڪڍڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. جڏهن ته هي ٽيڪنالاجي هڪ عام فرد کي موبائل جي ذريعي گهر ويٺي پنهنجي موبائل والٽ مان پئسا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. جيئن ته پاڪستان ۾ هن وقت هڪ وڏو انگ نوجوان نسل جو آءِ. ٽي جي ماهرن ۽ فري لانسرن جي طور ڪم ڪري رهيو آهي، انهن جي لاءِ به هي هڪ وڏي خوشخبري آهي ته پاڪستان ۾ پيپال (Paypal) جي نه هجڻ جي ڪري جيڪي مسئلا موجود هئا اهي ختم ٿي ويندا ۽ حڪومت سان معاهدو هجڻ جي ڪري انهن جي ادائگين کي قانوني چئنل ذريعي آندو ويندو. هن وقت ٻاهران کان ايندڙ پئسن تي 3 کان 7 سيڪڙو تائين في ورتي وڃي ٿي. جڏهن ته هن نظام ۾ اها في صرف هڪ سيڪڙو ورتي ويندي. پراڻي نظام تحت خاندان کي پئسا ملڻ ۾ ٻه کان پنج ڏينهن لڳي وڃن ٿا،  هن نظام ۾ پئسن جي ڊليوري سيڪنڊن يا منٽن ۾ ٿي ويندي. پراڻي نظام تحت بينڪ ڪنهن به اڪائونٽ هولڊر جو اڪائونٽ فريز ڪري سگهي ٿي، پر هن نظام تحت توهان جو والٽ توهان وٽ هوندو. پراڻي نظام تحت رقم رپين ۾ اچڻ ڪري نقصان جو خطرو رهي ٿو، جڏهن ته هن نظام تحت رقم ڊالر اسٽيبل ڪوائن ۾ محفوظ رهندي.

هر نظام جتي توهان جي لاءِ سهولتون کڻي ايندو آهي اتي پاڻ سان گڏ ان جا خطرا به موجود هوندا آهن، جن کي هر عام ماڻهو جيڪو ان کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ دلچسپي رکندو ان کي انهن خطرن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ به ضروري آهي. روايتي بينڪ ۾ جيڪڏهن توهان پاسورڊ وساري ويٺا ته توهان جو اڪائونٽ وري بحال ٿي سگهي ٿو، پر ڊجيٽل والٽ ۾ هڪ پرائيويٽ ڪي يا ٻارنهن لفظن جو هڪ ڪوڊ هوندو آهي، جيڪڏهن اهو گم ٿي ويو يا ڪنهن چوري ڪري ورتو ته توهان جا پئسا هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندا، ان کي بحال ڪرڻ جو ڪو طريقو ناهي. ان کان علاوه سائيبر حملو ۽ هيڪنگ هميشه هن نظام لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻيل رهندا. جيتوڻيڪ بلاڪ چين محفوظ هوندي آهي، پر ورلڊ لبرٽي فنانشل ۾ توهان جا پئسا ڪنهن سافٽويئر جي خرابيءَ جي ڪري ضايع ٿي سگهن ٿا يا هيڪرز توهان جا پئسا چوري ڪري سگهن ٿا، جنهن سان سيڙپڪارن کي وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پاڪستان مفاهمت تي صحيح ڪئي آهي، پر اڃان تائين ان کي مڪمل قانوني تحفظ حاصل ناهي. پاڪستان ۾ اڪثر جعلسازي جي ذريعي اهڙيون ويب سائيٽون ٺهي سگهن ٿيون، جتان ڪو ماڻهو پاڻ کي ورلڊ لبرٽي فنانشل جو ايجنٽ ظاهر ڪري توهان جا پئسا ڦري سگهي ٿو.

ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومتي سطح تي هن نظام جي لاءِ تربيتي ۽ آگاهي پروگرام ضرور شروع ڪيو وڃي، بلڪه حڪومت ڊجيٽل پاڪستان ويزن تحت تربيت لاءِ هيٺيان قدم کڻڻ جون تياريون به ڪري رهي آهي. حڪومت جو ارادو آهي ته آءِ ٽي وزارت ۽ اسٽيٽ بينڪ جي تعاون سان اهڙا پروگرام شروع ڪيا ويندا، جيڪي عام ماڻهن کي آگاهي ڏيندا ته ڊجيٽل والٽ ڪيئن محفوظ رکجي؟ اسٽيبل ڪوائن ذريعي ادائگي ڪيئن ڪجي؟ انٽرنيٽ تي ٿيندڙ مالي فراڊ کان ڪيئن بچجي؟ ان کان علاوه حڪومت جو پلان آهي ته آءِ ٽي شعبي جي ماڻهن لاءِ خاص سيمينار ۽ آن لائين ڪورس متعارف ڪرايا ويندا. ان کان علاوه سوشل ميڊيا، ٽي وي ۽ ريڊيو ذريعي ڊجيٽل لٽريسي جي مهم هلائي ويندي. ورلڊ لبرٽي فنانشل جي ٽيم پاڪستاني يونيورسٽين ۽ مالي ادارن کي بلاڪ چين ٽيڪنالاجي بابت تربيت ڏيندي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته هي مالياتي نظام ۾ هڪ وڏو انقلاب آهي. پهريان بينڪ جو مطلب هڪ عمارت، مئنيجر ۽ ڪاغذي ڪارروائي هوندو هو، پر هاڻي هڪ موبائل ايپ والٽ جي صورت ۾ تبديل ٿي وئي آهي. روايتي بينڪون ختم نه ٿينديون، پر انهن کي به پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻو پوندو. ڇو ته سڄي دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، جتي انسان جي ڪمايل دولت بينڪن جي ٽجوڙين ۾ نه، پر انٽرنيٽ جي لهرن تي سفر ڪندي. اسان جي عوام کي جيڪا تمام گهڻي سادي آهي ٽيڪنالاجيءَ بابت گهڻي ڄاڻ نه هجڻ ڪري جڏهن به هي سسٽم متعارف ٿئي ته ان کي “مني ٽرانزٽ ٽول” جي طور تي ان مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ان کي پنهنجي پئسي کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ هڪ اڪائونٽ طور. مستقبل ۾ اسٽيٽ بينڪ کي عوام جي سهولت ۽ تحفظ جي لاءِ اڳتي اچي تمام گهڻو وڏو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام جو پئسو محفوظ رهي ۽ اهو مالي خطرن کان بچي سگهي.