نئون

سنڌ پوليس خلاف 10 هزار شڪايتون ڪو وڏو مسئلو نه آهن: آءِ جي سنڌ

آئي جي سنڌ پوليس امجد جاويد سليمي چيو آهي ته ٽي ڪروڙ آبادي واري صوبي مان ڏهه هزار شڪايتون اچڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي. هن چيو ته  صوبي اندر پوليس ۾ مئنيجمينٽ سسٽم انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن ماڻهن کي به هدايت ڪندي چيو ته اهو پوليس جو ساٿ ڏين ۽ قانون لاڳو ڪندڙن کي پنهنجو دوست سمجهن پنهنجن ٻارن کي به سمجهائين ته پوليس انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ آهي. هن چيو ته جڏهن عوام عيد جون خوشيون گهرن ۾ ملهائي رهي هئي ته پوليس انهن جي حفاظت لاءِ ڊيوٽيون ڪري رهي هئي جنهن ڪارڻ انهن کي پوليس جي عزت ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس جي برابر ڪيو وينديون.