ايڊيٽوريلنئون

افغانستان ۾ نئون طبقاتي ڍانچو، پاڪستان ۾ قانون سان بغاوت ۽ سعودي عرب جو اجتهادي ماڊل

دنيا ۾ روزانو جي بنياد تي ڪيتريون ئي ڇرڪائيندڙ ۽ افسوسناڪ خبرون ٻڌجن ٿيون. انهن ۾ افغانستان اندر طالبان طرفان هڪ نئين طبقاتي ڍانچي متعارف ڪرائڻ واري خبر به آهي. جنهن مطابق سماج چئن طبقن ۾ ورهائجي ويو آهي. پهريون اميرن، عالمن ۽ مفڪرن جو، ٻيو طاقتورن، پڙهيل لکيل ۽ سٺن عهدن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جو طبقو، ٽيون شيعه مذهب سان تعلق رکندڙ ۽ طالبان مطابق بدعت ڪندڙ ماڻهن جو طبقو ۽ چوٿون غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو طبقو جن کي هن نظام ۾ غلامن واري حيثيت حاصل هوندي. هڪ مشهور ۽ معروف ٽي وي شو ۾ هڪ صحافي ڳالهه ڪندي چيو ته اهو سڄو سماجي ڍانچو جيڪو پشتو ۾ لکيل آهي، هن پڙهيو آهي ان مطابق ان طبقاتي نظام ۾ پهرين ٻن طبقن کي قانون صرف ڪنهن به غلطيءَ تي گهرائي کين آگاهه ڪندو ته انهن غلطي ڪئي آهي. جڏهن ته ٽئين ۽ چوٿين طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گهرائي انهن کي سزائون ڏنيون وينديون ۽ ڪوڙا لڳايا ويندا. جڏهن ته چوٿين طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي غلام تصور ڪيو ويندو ۽ انهن جي سماج ۾ اها ئي حيثيت هوندي جيڪا اسلام کان پهرين سماج ۾ غلامن جي هوندي هئي.

هي وقت اسلامي ملڪن جي لاءِ هڪ لمحه فقڪريه آهي، جنهن ۾ هڪڙو اسلامي ملڪ پنهنجي نظام لاءِ اسلام جي تعليم کان متضاد ڍانچو تيار ڪري نافذ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اسلام جي تعليم ۾ اجتهاد کي شامل ڪيو ويو هو ۽ اجتهاد کي مذهب اسلام ۾ هڪ ڇاڻيءَ وانگر ۽ هڪ انجڻ وانگر ڪم ڪرڻو هو. جنهن ۾ نئين دور جي مسئلن جو حل، قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ ڳولهڻو هو. جيستائين اجتهاد جو فلٽر اسلام جي نظام ۾ رائج رهيو تيستائين مسلمانن علم، سائنس ۽ قانون ۾ اڳرايون ڪيون. اهو دور اسلام جو اٽڪل اٺين صديءَ کان تيرهين صديءَ تائين هليو، جنهن ۾ عربن جو فلسفي الڪندي، الجبرا جو ابو محمد ابن موسيٰ الخوارزمي، بصريات جو باني ابن الهيثم، جنهن ثابت ڪيو ته روشني اک مان نه، پر شين مان نڪري اک ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن جو ڪتاب “ڪتاب المناظر” سوين سالن تائين يورپ ۾ پڙهايو ويو. ابن سينا جنهن جي ڪتاب “القانون في الطب” کي ست سئو سالن تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ بنيادي طب جي ڪتاب طور پڙهايو ويو، جابر بن حيان جديد ڪيميسٽري جو باني، ابن رُشد جنهن قرطبا ۾ ارسطو جي فلسفي کي نئين زندگي ڏني، هن دليل ڏنو ته مذهب ۽ فلسفو هڪٻئي جا ضد نه، پر هڪ ئي سچائيءَ تائين پهچڻ جا ٻه رستا آهن، جنهن يورپ ۾ ترقي پسند سوچ جو بنياد رکيو ۽ اڳتي هلي (رنيسانس) جو بنياد پيو. اهي سڀ اجتهاد جي پيداوار هئا. ڇو جو قرآن بار بار “غور” ۽ “فڪر” جو حڪم ڏئي ٿو. اهي ڪنهن پراڻي لڪير جا فقير نه هئا، پر انهن يوناني، هندي ۽ فارسي علم کي پرکي ان ۾ واڌارو ڪيو.

اڄ جڏهن اسان افغانستان يا پاڪستان ۾ مذهبي اڳواڻن کي رڳو پراڻن ڪتابن تائين محدود ڏسون ٿا ته فرق صاف ظاهر نظر اچي ٿو. انهن عظيم مفڪرن جي دور ۾ عقل ۽ وحي (دليل ۽ مذهب) گڏ هئا. جڏهن ته اڄ اسان عقل کي مذهب جو ضد بڻائي ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي جو افغانستان ٻه هزار سال پٺيان هليو ويو آهي ۽ هن پنهنجي سماج جي لاءِ هڪ اهڙي ڍانچي جو انتخاب ڪيو آهي جنهن ۾ افغاني عوام خاص طور عورت ۽ ڪمزور طبقي کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي، ان کي وري غلاميءَ جي زنجيرن ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عورتن ۽ ڪمزورن جي مٿان تذليل جي هڪ نئين دور جو آغاز ڪيو آهي. امير ۽ غريب جي فرق کي هڪ ليڪ ڪڍي واضح ڪيو ويو آهي. انساني ۽ مذهبي قانونن جو مذاق اڏايو ويو آهي ۽ انسانيت جي نفي ڪئي وئي آهي. ساڳئي وقت ۾ پاڪستان جي اندر به اسان کي حالتون ڪجهه مختلف نظر نٿيون اچن. اسلامي جمهوريه پاڪستان جيڪو هڪ ائٽمي طاقت آهي. هن وقت پاڪستان ۾ ڪابه اهڙي باڊي نظر نٿي اچي جتي غامدي جهڙن عالمن کي ويهاري انهن کان اجتهاد ڪرايو وڃي. بلڪه هن وقت ملڪ جمعيت علماءِ اسلام جي مولانا فضل الرحمان ۽ ان جي قومي اسيمبلي جي ميمبر احدالله جهڙن ماڻهن جي اڳيان شرمندگيءَ جو شڪار آهي، جيڪي قومي اسيمبليءَ جي فلور تي بيهي پاڪستان جي ننڍي عمر ۾ ٻارن جي شادي جي قانون کي للڪاري رهيا آهن ۽ ان کي ٽوڙڻ جون کلي عام ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اهڙي صورت ۾ هڪ عام ماڻهو جيڪو هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون مان پنهنجون اميدون اڳ ۾ ئي لاهي چڪو آهي، ان کي تمام گهڻي مايوسي ٿئي ٿي. ان صورتحال ۾ يقينن افغانستان ۽ پاڪستان جي اندر ماڻهن جي اندر هڪجهڙائي نظر اچي ٿي، عوام ۾ محروميءَ جو احساس جنم وٺي ٿو، پاڪستان ۾ چوڻ لاءِ ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، پر عملي طور انارڪيءَ جو راڄ نظر اچي ٿو. مذهب کي هڪ ڍال طور استعمال ڪيو پيو وڃي، ان جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي، ان قسم جي سوچ سبب يقينن اسان جهڙن سماجن کي عالمي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيڻو پوندو. اهي ئي سبب آهن جو اسان جهڙا ملڪ هن وقت بند گليءَ ۾ وڃي رهيا آهن. جڏهن ته سعودي عرب گذريل ڪجهه سالن کان پنهنجو پاڻ کي عملي اجتهاد جي هڪ نئين دور ۾ داخل ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جتان مذهبي انتها پسندي واري سوچ جو خاتمو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، جديد دور جي تقاضائن سان پنهنجن اسلامي قانونن کي ڳنڍي اجتهاد ذريعي نافذ ڪيو پيو وڃي، عورتن جي حقن کي تسليم ڪيو پيو وڃي، مذهبي پوليس جو خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ مذهبي قانونن ۾ سڌارا آندا ويا آهن. اميد آهي ته پاڪستان به سعودي عرب جي هن ماڊل کي اختيار ڪندو نه ڪي افغانستان جي ماڊل کي.