بلاگنئون

پار ۽ اوسارو: هڪ ئي درد جون ٻه صورتون

سنڌي ادب صديون پراڻي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو امين رهيو آهي. هن ادب جي جهوليءَ ۾ صرف شاعري، ڪهاڻي، ناول يا مضمون ئي شامل ناهن، پر اهي سڀ لوڪ صنفون پڻ شامل آهن، جيڪي سڌيءَ ريت انساني فطرت، سماجي تجربن ۽ گڏيل يادگيرين سان جڙيل آهن. سنڌي ادب ۾ گهڻيون اهڙيون صنفون موجود آهن، جن کي يا ته نظرانداز ڪيو ويو آهي يا انهن کي “غير ادبي” سمجهي، سنجيده تحقيقي دائري کان ٻاهر رکيو ويو آهي. “پار” به اهڙي ئي هڪ اهم، فطري ۽ گهري معنائن واري صنف آهي، جيڪا صدين کان سنڌي سماج ۾ زنده رهي آهي، پر ان تي منظم ۽ جامع تحقيقي ڪم تمام دير سان سامهون آيو آهي.

مولائي ملاح جو ڪتاب “پار” سنڌي ادب ۾ ان خاموش صنف کي نه فقط سڃاڻ ڏئي ٿو، پر ان کي باقاعده ادبي، سماجي ۽ ثقافتي حيثيت پڻ ڏئي ٿو. هي ڪتاب ان لحاظ کان تاريخي اهميت رکي ٿو، جو ان کان اڳ “پار” بابت نه ڪو الڳ ڪتاب موجود هو، نه ئي اهڙي تحقيقي نوعيت جو ڪم ٿيو هو، جيڪو هن صنف کي مڪمل طور سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهي.

“پار” بنيادي طور انساني درد، وڇوڙي ۽ غم جو اظهار آهي. جڏهن انسان ڪنهن وڏي سانحي، عزيز جي موت يا ناقابلِ برداشت مصيبت سان مُنهن ڏئي ٿو، تڏهن لفظن جي رواجي صورت ناڪافي محسوس ٿئي ٿي. اهڙي حالت ۾ جيڪا اظهار جي صورت جنم وٺي ٿي، ان کي “پار” چئجي ٿو. “پار“ نه فقط لفظن جو مجموعو آهي، پر اهو آلاپ، سُڏڪو، دانهن ۽ اندر جي سوز جو گڏيل اظهار آهي. انسان جڏهن خوشيءَ ۾ ڳيچ ڳائي ٿو ته اها به فطري ڳالهه آهي ۽ جڏهن غم ۾ “پار” ڪڍي ٿو ته اهو به انسان جي جبلت جو حصو آهي. مولائي ملاح هن نقطي کي انتهائي سادي ۽ فڪري انداز ۾ بيان ڪري ٿو ته خوشيءَ جو اظهار ڳيچ آهي ۽ غم جو اظهار “پار” آهي. هي ٻئي صنفون انساني نفسيات جون ٻه بنيادي حالتون ظاهر ڪن ٿيون.

“پار” جي قدامت کي ڪنهن هڪ تاريخي دور سان ڳنڍي نٿو سگهجي. هي صنف انسان جي جنم سان گڏ وجود ۾ آئي آهي. جيئن ئي انسان کي شعور مليو، تڏهن هن خوشي ۽ غم جي فرق کي محسوس ڪيو. غم جي پهرين اظهار بابت مذهبي روايتن ۾ حضرت آدم ۽ بيبي حوا جي ذڪر سان پڻ ڳنڍيو وڃي ٿو، جتي قابيل جي قتل کانپوءِ درد ۽ افسوس جو اظهار هڪ فطري عمل طور سامهون اچي ٿو. سنڌي سماج ۾ “پار” جو وجود اسلام کان اڳ جي تهذيبن تائين پکڙيل نظر اچي ٿو. موهن جو دڙو (جنهن کي مولائي ملاحُ مُهاڻن جو دڙو چوندو آهي)، جهڙي تهذيب، جيڪا انساني جذبات، سماجي نظام ۽ گڏيل زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌي سماج قديم زماني کان اجتماعي درد ۽ غم کي گڏجي اظهاريندو رهيو آهي. “پار” ان گڏيل اظهار جو اهم ذريعو رهيو آهي.

عام طور تي “پار” کي عورتن سان منسوب ڪيو ويندو آهي، جيڪو ڪنهن حد تائين درست به آهي، ڇو ته سنڌي سماج ۾ پار گهڻو ڪري عورتن پاران ڪڍيو ويندو آهي. پر اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته پار عورتن جي فطري اظهار سان گڏوگڏ سماجي پابندين جو نتيجو به آهي. مردن کي سماجي طور روئڻ، سڏڪا ڀرڻ يا جذباتي اظهار کان روڪيو ويو، جڏهن ته عورتن لاءِ اهو اظهار “فطري” سمجهيو ويو.

مولائي ملاح پنهنجي تحقيق ۾ واضح ڪري ٿو ته پار ۾ عورت جو آواز صرف غم جو آواز ناهي، پر اهو احتجاج، سوال ۽ سماجي ناانصافيءَ جو اظهار به آهي. بيواهه، ڏهاڳڻ يا ماءُ جو پار دراصل سماج سان هڪ مڪالمو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي محرومي، اڪيلائي ۽ درد کي بيان ڪري ٿي.

مولائي ملاح جي ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته هن پار کي هڪ جهڙو نه سمجهيو آهي، پر ان جي علاقائي فرقن کي واضح ڪيو آهي. ساهتي، لاڙ، اتر (خيرپور ۽ شڪارپور) جا پار هڪٻئي کان لهجي، لفظن ۽ اظهار جي شدت ۾ مختلف آهن. ساهتي علائقي واري پار ۾ نرم لهجو، ورجاءُ ۽ ڊگها آلاپ شامل آهن. لاڙ واري علائقي ۾ پار وڌيڪ تيز، دردناڪ ۽ سڌي اظهار وارو آهي. جڏهن ته اتر وارن علائقن جي پار ۾ رزميه انداز، وڏيرڪي سماج جا اثر ۽ قبيلائي احساس نظر اچن ٿا. شڪارپور ۾ هندن ۽ مسلمانن جي عورتن جا پار گڏيل ثقافتي روايتن جو ثبوت آهن. هي علاقائي فرق سنڌي سماج جي گهڻ رخي بناوٽ کي ظاهر ڪن ٿا. پار صرف لفظن تائين محدود ناهي، پر ان سان گڏ لباس، رنگ ۽ جسماني حرڪتون پڻ شامل آهن. بيواهه يا ڏهاڳڻ جو لباس، زيورن جو ڇڏڻ، رنگن کان پاسو ڪرڻ، اهي سڀ پار جون ثقافتي علامتون آهن. مولائي ملاح انهن پهلوئن کي سماجي اڀياس جي نقطهءِ نظر سان ڏسي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته ڪيئن عورت جو جسم ۽ لباس به غم جو اظهار بڻجي وڃي ٿو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ادب جو اهو وڏو نالو آهي، جنهن جي ڪلام ۾ انساني درد جي هر صورت موجود آهي. مولائي ملاح، شاهه جي بيتن مان “پار” جي لفظي ۽ معنوي استعمال کي سامهون آڻي ثابت ڪري ٿو ته پار فقط لوڪ روايت نه، پر ڪلاسيڪي ادب جو حصو پڻ آهي. مرثيي نگاريءَ ۾، خاص طور ڪربلا جي سانحي سان لاڳاپيل شاعريءَ ۾ پار جو عنصر انتهائي نمايان آهي. اهلبيت جي لاشن تي ڪڍيل پار، سادات جي قيدي قافلي جا پار ۽ مديني واپسيءَ جا پار، اهي سڀ سنڌي ادب ۾ درد جون انتهائي بلند صورتون آهن. اوسارو، پار جي هڪ خاص صورت آهي، جيڪا خاص طور موت سان وابسته آهي. مولائي ملاح جو هي ڪارنامو پڻ اهم آهي ته هن پار ۽ اوسارو جي فرق، لاڳاپي ۽ تاريخي پسمنظر کي واضح ڪيو آهي. سندس اڳيون ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب “اوسارا” ۽ هاڻوڪو ڪتاب “پار” گڏجي سنڌي ادب جي غم سان لاڳاپيل صنفن جو مڪمل خاڪو پيش ڪن ٿا.

مولائي ملاح جو ڪم صرف مواد گڏ ڪرڻ تائين محدود ناهي، پر هن تجزيو، تشريح ۽ تنقيد به ڪئي آهي. هن ميداني تحقيق، زباني روايتن، تاريخي حوالن ۽ ادبي متنن کي گڏ ڪري هڪ مضبوط تحقيقي ماڊل پيش ڪيو آهي. “پار” سنڌي ادب جي صرف هڪ صنف نه، پر سنڌي سماج جي گڏيل روح جو اظهار آهن. مولائي ملاح جو هي ڪتاب ان روح کي لفظن، تحقيق ۽ فڪر جي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هي ڪم نه رڳو ادبي اهميت رکي ٿو، پر سماجي، ثقافتي ۽ انساني نقطهءِ نظر کان پڻ انتهائي قيمتي آهي. مولائي ملاح ادارن کان ٻاهر رهندي، جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو ڪيترن ئي ادارن لاءِ سوال بڻجي ٿو. سندس هي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ اهم اضافو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ رستو هموار ڪندو.

مولائي ملاح سنڌي ادب جي شاعراڻي صنف “پار” تي ڪتاب آندو آهي، ان کان اڳ ان موضوع تي ڪوبه ڪتاب نه آيو آهي، نه ئي وري ڪو تحقيقي  ڪم ئي ٿيو آهي، ها البته! پار مختلف مذهبي ۽ لوڪ صنفن ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن. مولائي ملاح جو هي ڪم بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلڻ برابر آهي، ان کان اڳ سندس هڪ ٻيو تحقيقي ڪتاب اوسارا پڻ ٻن جلدن ۾ ڇپيو هو. مولائي ملاح جا هي ٻئي ادبي ۽ تحقيقي ڪم نت نرالا ۽ اهميت جوڳا به آهن ته اهي نوجوانن اسڪالرن کي پاڻ ڏانھن متوجهه به ڪن ٿا.

هي ڪتاب مختلف موضوعن ۽ عنوانن ۾ ورهايل آهي، جن ۾:

پار جي ابتدا ۽ قدامت، پار جا نالا، اُچار ۽ انداز، پارن ۾ پيش ڪيا ويندڙ اوصاف، ٿري سماج ۾ سنڌي ٻولي ۽ ڍاٽڪي لهجي ۾ ڏنا ويندڙ پار، سنڌ ۾ لاڏاڻي جي رسم، سنڌ پرڳڻي جي ساهتي علائقي ۾ پار ڏيڻ جو انداز، بيواهه ڏهاڳڻ جو روئڻ وقت لباس ۽ عام زندگي، لاڙ واري علائقي ۾ ڪڍيا ويندڙ پار، اتر خيرپور ۾ ڪڍيا ويندڙ پار، ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ لفظ پار جو استعمال، شاهه ڀٽائي جي بيتن ۽ سنڌ جي مرثيا گو شاعرن جي مرثين مان پار، حرم اهلبيت جا سڄڻن جي لاشن تي ڪڍيل پار، سيدن جو قافلو ڪربلا کان ڪوفي طرف تياري، سادات جي قيدي قافلي جي ڪوفي آمد، سادات جو قيدي قافلو جيڪو چهلم ڪرڻ ڪربلا پهتو، سادات جي اجڙيل قافلي جو وطن مديني موٽڻ جهڙا عنوان شامل آهن.

هن ڪتاب جو مهاڳ نامور اديب نصير مرزا لکيو آهي، جڏهن ته اعجاز منگي، دليپ ڪوٺاري، سعيده چانڊيو ۽ ميرزا امام علي بيگ جا تاثر شامل آهن. جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل بانو محبوب جوکيو لکيو آهي.  112 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي مولائي پبليڪيشن ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، پڪي ٽائيٽل سان چار رنگي هن ڪتاب جي قيمت 500 رپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ لوڪ صنفن تي ڪم ڪندڙ نوجوان محققن لاءِ هڪ رهنمائي آهي.

***