ايڊيٽوريلنئون

دادو ڪئمپس واقعي سنڌ حڪومت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

سنڌ يونيورسٽيءَ جي دادو ڪئمپس هن وقت سنڌ جي تعليمي نظام جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت جون بدانتظاميون هينئر کلي سامهون اچي رهيون آهن، جتي ميرٽ جي لتاڙ ۽ نوڪرين جو وڪرو ٿيندو هجي اهڙي سماج ۾ نتيجا اهڙائي نڪري سگهن ٿا، جيڪي دادو ڪئمپس ۾ سامهون آيا آهن. سنڌ يونيورسٽي پنهنجا ڪئمپس ان ڪري قائم ڪيا آهن ته جيئن اتان جا نوجوان خاص ڪري نياڻيون جيڪي جيڪي مختلف مسئلن تحت يونيورسٽي نٿيون پهچي سگهن انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جنهن مقصد جي لاءِ اهي ڪئمپس قائم ڪيا وڃن ٿا اتي بنيادي غلطيءَ جي ڪري اهو مقصد حاصل نه ٿي رهيو آهي. ان جو سبب تعليمي ادارن ۾ انتظامي جاين تي انهن ماڻهن جون ڀرتيون آهن، نااهل ۽ بد ڪردار ماڻهن کي ڪنهن ڪئمپس لاءِ فوڪل پرسن طور ڀرتي ڪرڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، سينڊيڪيٽ جي ميمبرن ۽ ٻين ذميدار ماڻهن جي مٿان ڪيترائي سوال اٿاري ٿي.

تاريخ 10 فيبروري 2026ع تي دادو ڪئمپس جي فوڪل پرسن اظهر شاهه جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، جنهن ۾ صاف ظاهر آهي ته هو نشي ۾ پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪتل آهي ۽ سندس زبان سندس ڪنٽرول ۾ ناهي ۽ هو پنهنجي عهدي جي ساک متاثر ڪري رهيو آهي. نه صرف ايترو، بلڪه هو استادن سان به انتهائي گستخائيءَ سان ڳالهائي رهيو آهي ۽ سندس رويو ڪنهن آمر جهڙو نظر اچي رهيو آهي. اها نه صرف هن ڪئمپس جي بدنامي آهي، بلڪه سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي بدنامي پڻ آهي. ڇو ته ڪئمپس لاءِ فوڪل پرسن جو انتخاب وائيس چانسلر ۽ سينڊيڪيٽ جا ميمبر ڪن ٿا. اظهر شاهه جي چونڊ سنئون سڌو انهن ذميدار ماڻهن جو ڏوهه آهي. ڇا ان انتخاب جي پٺيان سفارش هئي يا رشوت جو ڪو عمل دخل هو يا اڃان ئي مٿان ڪو حڪومتي دٻاءُ هو جو هڪ نااهل فوڪل پرسن مقرر ڪري دادو ڪئمپس کي بدنام ڪيو ويو، جتي هن وقت 600 شاگردياڻيون زير تعليم آهن. جنهن مان 200 شاگردياڻين ڪئمپس وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم ۾ ڪيتريون ئي وڏيون رڪاوٽون موجود آهن، جنهن ۾ مائٽن جا مالي مسئلا، نياڻين جي لاءِ گهرن جي ويجهو تعليمي ادارن جو نه هجڻ، استادن جي ڪردار تي سواليه نشان ۽ ادارن ۾ ويٺل ماڻهن تي والدين جو مڪمل ڀروسو نه هجڻ شامل آهن، پر جڏهن حڪومت ڪو ادارو ٺاهي عوام کي سهولت فراهم ڪري ٿي ته عوام ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري پنهنجون نياڻيون موڪلي ٿو، نتيجي ۾ اهڙا نا پسنديده واقعا ٿين ٿا جيڪي عوام جي ڀروسي کي ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ وري نياڻين جي تعليم جو سلسلو متاثر ٿئي ٿو.

هن معاملي ۾ فوڪل پرسن استادن جي مٿان مختلف قسمن جا الزام لڳائي رهيو آهي، جنهن ۾ سندن ڪردار ۽ حاضريءَ مٿان ڪيترائي سواليه نشان اٿاريا آهن. جڏهن ته استادن به اظهر شاهه تي الزام لڳايو آهي ته سندس رويو هڪ فوڪل پرسن جهڙو ناهي ۽ هو نشو واپرائي ڪئمپس ۾ اچي ٿو. خوش آئند ڳالهه اها آهي ته حڪومت هن معاملي جي وائرل ٿيڻ کانپوءِ اظهر شاهه کي معطل ڪري پروفيسر انيلا ناز سومرو کي نئين فوڪل پرسن طور مقرر ڪيو آهي ۽ يونيورسٽين ۽ بورڊ کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو نوٽيس وٺندي هن سڄي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ڪنهن به اداري ۾ هڪ اهڙي انتظامي اڳواڻ جي ضرورت هوندي آهي جيڪو نه صرف انتظامي صلاحيت رکندو هجي بلڪه هن جو ڪردار به مضبوط هجي. يونيورسٽي جي ڪئمپس لاءِ ضروري هجڻ کپي ته اتان جو فوڪل پرسن به  پي ايڇ ڊي هجي، دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي قابل هجي ۽ منجهس ليڊرشپ جي صلاحيت هجڻ گهرجي. اميد آهي ته ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو پنهنجي هن نئين عهدي تي پنهنجون انتظامي صلاحيتون استعمال ڪندي هڪ عورت سربراهه طور ڪئمپس جي نظم و ضبط کي قائم ڪرڻ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪئمپس جي اندر تعليمي سرگرميون بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. نه صرف ايترو، بلڪه هوءَ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ جيڪو هڪ اخلاقي رشتو سڄي دنيا ۾ هڪ معيار مطابق مڃيل آهي ته استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ هڪ والد ۽ اولاد وارو رشتو هوندو آهي ان اعتماد کي بحال ڪندي. استادن کي اخلاقي تربيت ڏيڻ لاءِ سيشنز ڪرايا ويندا ته جيئن انهن کي خاص طور تي نياڻين سان ڪلاس روم ۾ پڙهائڻ دوران پنهنجو رويو ڪيئن قائم ڪرڻ گهرجي کين اها تربيت ملندي. اميد ٿي ڪجي ته ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو جي اچڻ کانپوءِ جيڪي ڇوڪريون ڪئمپس ڇڏي ويون آهن اهي پنهنجو تعليمي سلسلو واپس دلچسپي سان شروع ڪنديون ۽ انهن کي جيڪڏهن ڪابه شڪايت آهي ته انتظاميه کي لکت ۾ جمع ڪرائي شفاف انڪوائري جي گهر ڪنديون ۽ جيڪڏهن ڪنهن استاد جو ڪو ڏوهه آهي ته ان خلاف به ڪارراوئي ڪئي ويندي. ان کان علاوه حڪومتي سطح تي هن سڄي معاملي جي جاچ ڪري  ان معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اظهر شاهه جهڙن ماڻهن کي مقرر ڪرڻ پٺيان ڪهڙيون طاقتون حرڪت ۾ اچن ٿيون جيڪي ميرٽ جي لتاڙ ڪن ٿيون.