ايڊيٽوريلنئون

وڏي وزير حيدرآباد ۾ SPSC جي جديد سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن صرف هڪ ادارو نه، پر نوجوان نسلن جي خوابن ۽ اميدن جو آسرو آهي. 16 فيبروري 2026 تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جديد سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس جو افتتاح ڪيو. هي ڪامپليڪس هڪ ايڪڙ ايراضيءَ تي جديد سهولتن سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ اميدوارن لاءِ ڊجيٽل لائبريري، سي بي ٽي ليب، آڊيٽوريم، ڪيفٽيريا، جمنازيم ۽ مسجد جون سهولتون موجود آهن. وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته هن نئين ڪامپليڪس سان اداري جو ٻين هنڌن تي انحصار گهٽ ٿيندو، ادارو پاڻ ڀرو ۽ وڌيڪ خود مختيار ٿيندو. گڏوگڏ اداري جي چيئرمين به بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ذريعي ڪيترن ئي شعبن ۾ هزارين نوجوانن کي مقابلي جي امتحانن کانپوءِ چونڊي پنهنجون خدمتون آڇڻ لاءِ موڪليو ويو آهي. جنهن ۾ صحت، سماجي ڀلائي، بلديات، تعميري شعباجات، قانون ۽ گورننس، زراعت ۽ ماحوليات، خزاني ۽ معاشي معاملن کان علاوه ثقافت، اطلاعات جهڙا شعبا شامل آهن. هن چيو ته نئين قائم ڪيل ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ (CBT) ليبارٽري وسيلي ٻن هزارن کان وڌيڪ اميدوارن جا امتحان ورتا ويا آهن. جڏهن ته ون لنڪ آن لائين چالان سسٽم، اِي لائبريري ۽ ڊجيٽل فيسيليٽيشن سسٽم سان ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ريڪروٽمينٽ مئنيجمينٽ ريگيوليشنز 2023ع جي نفاذ سان طريقيڪار ۾ شفافيت ۽ ميرٽ جو تحفظ مضبوط ٿيو آهي.

سنڌ جو نوجوان جيڪو تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو مستقبل جوڙڻ لاءِ ڪيترا خواب ڏسي ٿو، پر ميرٽ جي لتاڙ ۽ سفارش ڪلچر جي ڪري سندس خواب ٽٽي پون ٿا. اهڙي جاءِ تي سندس پبلڪ سروس ڪميشن جي جديد سيڪريٽريٽ جو بنياد پوڻ سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي. جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو فائدو وٺي نئين ڪامپليڪس ۾ ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽنگ ليب جو قيام هڪ وڏو قدم آهي. جنهن جو فائدو نه صرف نوجوانن کي ٿيندو، بلڪه اداري جي ساک به بحال ٿيندي، نتيجا جلدي جاري ٿي سگهندا، انساني مداخلت گهٽجڻ سان پيپر آئوٽ ٿيڻ يا هٿ چراند جو امڪان ختم ٿي ويندو. ان سان گڏوگڏ امتحان جو عالمي معياري طريقو استعمال ٿيندو. جڏهن هزارين نوجوانن کي انهن جي قابليت جي بنياد تي 16 هين يا 17 هين گريڊ کان مٿي جون نوڪريون ملنديون ته ان سان هزارين خاندانن جي معاشي حالت تبديل ٿيندي، بيروزگاري جو خاتمو ٿي سگهندو. جڏهن ڪميشن ذريعي باصلاحيت ڊاڪٽر، انجنيئر، اسسٽنٽ ڪمشنر چونڊجي ايندا ته اهي اڳتي هلي سنڌ جي نظام کي بهتر هلائيندا، جنهن سان سڄو صوبو انتظامي طور بهتري طرف وڌندو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جديد سيڪريٽريٽ صرف هڪ عمارت نه، بلڪه سنڌ حڪومت جي Vison ۽ اوليتن جي عڪاسي ڪري ٿو. اربين رپين جي لاڳت سان الڳ ۽ جديد هيڊڪوارٽر قائم ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته حڪومت هن اداري کي مستقل ۽ بااختيار ڏسڻ چاهي ٿي، جڏهن ڪنهن اداري وٽ پنهنجو جديد انفرااسٽرڪچر هوندو آهي ته ان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو آهي. جديد ٽيڪنالاجي اپنائڻ سان سنڌ حڪومت جي “ڊجيٽل ويزن” جو اظهار ٿئي ٿو. جنهن سان بهتر آفيسر ايندا ۽ بهتر آفيسرن سان بهتر حڪمراني ٿي سگهندي.

هيءَ عمارت صرف هڪ عمارت نه بلڪه نوجوان نسل جي مستقبل لاءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم هوندو جتي نوجوانن کي مايوسيءَ جي بدران پنهنجي صوبائي حڪومت تي ڀروسو ۽ اعتماد ملندو. ڇو ته ڪاغذي ڪارروائي کان سنڌ جو ٽيڪنالاجيءَ طرف کنيل قدم شفافيت جو اظهار هوندو، نتيجن ۾ دير ٿيڻ وارو عنصر ختم ٿي ويندو ۽ نوجوان عالمي معيار جي مطابق امتحان جي تياري ڪندا ۽ نتيجا حاصل ڪندا. ايستائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ امتحان ڪاغذن تي ورتا ويندا هئا، نتيجا دير سان نڪرندا هئا، انساني مداخلت ۽ پيپر ليڪ ٿيڻ سبب شفافيت تي سوال اٿندا هئا ۽ نوڪريون وڪامجڻ جا الزام لڳندا هئا. اميد آهي هن نظام کي سئو سيڪڙو شفافيت جي بنياد تي هلايو ويندو. جتي حڪومت هڪ نئين اداري سان پنهنجو  ٽيڪنالاجيءَ وارو جديد ويزن ڏيکاريو آهي، اتي حڪومت جي لاءِ مستقبل ۾ ڪيترائي چئلينجز ۽ خدشا به موجود هوندا. ان لاءِ ضروري آهي ته هن عمارت کي مڪمل طور تي سولر نظام تي آندو وڃي ته جيئن امتحانن جي دوران پاور فيليئر جهڙا مسئلا پيدا نه ٿي سگهن. سسٽم جي هيڪنگ کي روڪڻ جي لاءِ  اڳ ۾ ئي قدم کنيا وڃن، بايو ميٽرڪ جي تصديق جي ذريعي يا فيس ريڪگنيشن جي ذريعي اميدوار سسٽم ۾ لاگ ان ڪري سگهي ۽ امتحان ختم ٿيڻ تي چيڪنگ ڪنهن فرد جي بجاءِ سسٽم پاڻ ڪري رزلٽ ٺاهي ڏئي ۽ ان کانپوءِ انهن پاس ٿيندڙ شاگردن جي لسٽ جاري ڪئي وڃي، تنهن کانپوءِ انٽرويو وٺڻ وقت انهن جي رڪارڊنگ ڪئي وڃي ته جيئن اداري تي ڪنهن به الزام لڳڻ جي صورت ۾ اداري وٽ پنهنجا ثبوت موجود هجن. ايتري شفافيت جيڪڏهن اختيار ڪئي وئي ۽ حڪومت جي نيت هن اداري کي قائم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي مختلف شعبن لاءِ هيومن ريسورس کي چونڊي عهدن تي لڳائڻ آهي ته نه صرف اداري جي ساک بلڪه سنڌ حڪومت جي ساک ۾ تمام گهڻو وڏو واڌارو ايندو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا وات بند ٿي ويندا. هي ادارو نوجوان نسل جي مستقبل جي چونڊ جو ادارو آهي، ان لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي سهولتن سان ليس هن اداري جي قيام تي نوجوان نسل کي مبارڪ باد ٿي ڏجي ۽ اميد ٿي ڪجي ته اهي به مستقبل ۾ محنت ڪري پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪري امتحان جي تياري ڪندا ۽ ڪاميابي ماڻيندا.