تاريخ 2 مارچ 2026ع تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ۾ منفي رجحان رهيو ۽ 15 هزار پوائنٽن جي گهٽتائيءَ سان مارڪيٽ جو ڪاروبار 45 منٽن تائين معطل رهيو. ڪاروبار بحال ٿيڻ کانپوءِ انڊيڪس جي گهٽتائي 50 سيڪڙو گهٽجي وئي، پر سيڙپڪاريءَ جو منفي رجحان برقرار رهيو. پاڪ افغان جنگ سوڌو خطي ۾ جنگ سيڙپڪارن جو اعتماد ڪمزور ڪيو آهي. جنهن سبب مارڪيٽ کي هزارين پوائنٽن جو نقصان پهتو آهي ۽ انڊيڪس ۾ گهٽتائي آئي، جنهن ۾ خاص طور متاثر ٿيندڙ سيڪٽرن ۾ بينڪنگ، سيمينٽ ۽ پاور سيڪٽر شامل آهن. مارڪيٽ جي منفي رجحان سبب سيڙپڪارن خوف ۾ پنهنجا شيئر هڪدم وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، اهو رويو مارڪيٽ کي وڌيڪ نقصان پهچائيندو آهي. اسٽاڪ مارڪيٽون ڪنهن به ننڍي يا وڏي عالمي يا علاقائي تبديليءَ جي ڪري منفي يا مثبت رجحان جو شڪار ٿينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي بدلاءُ کي روڪڻ لاءِ ٽريڊنگ کي روڪيو ويندو آهي. جڏهن سيڙپڪار خوف مان شيئرز تيزيءَ سان وڪڻڻ شروع ڪندا آهن ته ٻئي پاسي ٻيو سيڙپڪار هڪ شڪاري وانگر گهات لڳائي ويٺو هوندو آهي ۽ خريداري شروع ڪندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهڙا گهاگهه سيڙپڪار ميدان ۾ لهندا آهن. انهن کي خبر هوندي آهي ته مارڪيٽ پنهنجو موڊ تبديل ڪيو آهي، پر ڪاروبار ختم ناهي ٿيو ۽ اهڙو سيڙپڪار سڄو پئسو هڪ ئي وقت هڪ ئي ڪمپنيءَ ۾ نه لڳائيندا آهن ته جيئن شيئرز جي سراسري قيمت گهٽ رهي.
مشهور سيڙپڪار warren Buffett جو مشهور قول آهي ته “جڏهن ٻيا ماڻهو لالچي ٿين ته توهان ڊڄو ۽ جڏهن ٻيا ڊڄن ته توهان لالچي ٿي وڃو.” ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سمجهندا آهن ته مارڪيٽ اڃان هيٺ ويندي، پر مارڪيٽ اتان ئي مٿي هلي ويندي آهي. مارڪيٽ جو ڪريش ٿيڻ صرف نمبرن جي راند ناهي، پر ان جو سڌو سنئون اثر ملڪ جي معيشت ۽ عام ماڻهو جي کيسي تي پوندو آهي ۽ عوام جي قوت خريد متاثر ٿيندي آهي. انهيءَ لاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ کي معيشت جو “ٿرماميٽر” چيو ويندو آهي. مارڪيٽ ۾ منفي رجحان جي ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي، جنهن سان تيل، گئس ۽ ٻاهران کان گهرايل شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون، نه صرف ايترو، پر ڪمپنيون پنهنجا نوان منصوبا بند ڪري ڇڏينديون آهن، جنهن سان بيروزگاري ۾ واڌ ٿيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت وياج جي شرح وڌائي ڇڏيندي آهي ته جيئن بينڪن مان قرض کڻڻ مهانگو ٿيڻ سبب ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي. پاڪستان هن وقت اهڙي ئي طوفان کي منهن ڏيڻ وڃي رهيو آهي، پر جتي حڪومتن کي اهڙن طوفانن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي اتي انهن وٽ ڪجهه اهڙا اوزار به هوندا آهن جن جي ذريعي حڪومتون پنهنجي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. جڏهن مارڪيٽ ۾ شيئر وڪڻندڙ وڌي وڃن ۽ خريدار غائب ٿي ويندا آهن ته حڪومت پنهنجن مالياتي ادارن جي ذريعي شيئر خريد ڪندي آهي ته جيئن مارڪيٽ کي سهارو ملي سگهي. ان کان علاوه انڊيڪس کي هڪ خاص حد تائين منفي رجحان کانپوءِ روڪيو ويندو آهي، جنهن کي “سرڪٽ بريڪر” چيو ويندو آهي. جنهن ۾ سڄو ڏينهن ٽريڊنگ روڪي ويندي آهي. ان کان علاوه اسٽيٽ بينڪ پنهنجي وياج جي شرح جي پاليسي ۾ تبديلي آڻيندي آهي ۽ ملڪي قيادت سيڙپڪارن جو ڀروسو وڌائڻ لاءِ بيان جاري ڪندي آهي.
هن وقت ملڪ کي نه صرف افغانستان، پر ايران بارڊر تان به سخت دٻاءُ اچي سگهي ٿو ۽ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جو معاشي بحران اسان جي مارڪيٽ ۽ رپئي جي قدر تي لازمي اثر انداز ٿيندو. افغانستان جي صورتحال جا پاڪستان جي معيشت تي ڪجهه اهم اثر پئجي سگهن ٿا جنهن ۾ هڪ دفعو وري ڊالر جي اسمگلنگ ۽ رپئي تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. ان کان علاوه هن وقت اسان جو سرحد وارو واپار افغانستان سان بند هجڻ جي ڪري ملڪي ايڪسپورٽ متاثر ٿي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي متاثر ٿيڻ سبب اڃان به وڌيڪ منفي اثر ظاهر ٿيندا. ساڳئي طرح ايران جي صورتحال به پاڪستان کي متاثر ڪري سگهي ٿي. ڇو ته هڪ وڏي آبادي غير رسمي طور ايران کان ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل وٺي گذارو ڪري ٿي. ايران جون حالتون خراب ٿيڻ سبب ان سڄي سپلاءِ چين تي اثر پئجي سگهي ٿو ۽ پاڪستان جي معيشت سڌو سنئون متاثر ٿي سگهي ٿي. هن وقت ايران “نار وارو لڪ” بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان پاڪستان کي LPG گئس جي سپلاءِ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. ان ڪري پاڪستان اندر توانائيءَ جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڊگهي مدي واريون مستقل معاشي پاليسيون ٺاهيون وڃن ۽ انهن جو تسلسل برقرار رکيو وڃي. ان کانسواءِ پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي شمسي توانائي، ڪوئلي ۽ ٿرڪول تي تيزيءَ سان منتقل ڪيو وڃي، جنهن سان پاڪستان جو پرڏيهي ناڻو ٻاهر وڃڻ ۾ گهٽتائي ٿيندي. افغانستان ۽ ايران سان ٿيندڙ اسمگلنگ روڪڻ بدران ان کي رسمي واپار ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ سرحد تي وڌ کان وڌ “مال جي بدلي مال” جا مرڪز کولڻ گهرجن ته جيئن ڊالر جي ضرورت گهٽ کان گهٽ پوي. ان کان علاوه پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي قرض مان پاڻ کي جلد آجو ڪرڻ لاءِ پنهنجي زرعي پاليسيءَ کي جديد نموني جوڙي ان ۾ جديد مشينري ۽ آءِ ٽي جو استعمال ڪري، آبادگارن کي اهي سهولتون ڏيڻ گهرجن جن سان اهي پنهنجي ڌرتيءَ مان سون اپائي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن. جڏهن حالتون خراب هونديون آهن ان وقت ئي گهر کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت پيش ايندي آهي ۽ بهتر پاليسيون ٺاهڻيون پونديون آهن. هن وقت حڪومت پاڪستان جو امتحان آهي ته اها پنهنجي ترجيحي پاليسيون ڪيئن ٿي ٺاهي ۽ عوام کي پنهنجي پاليسين سان معاشي بحران مان ڪاميابيءَ سان ڪيئن ٿي ڪڍي سگهي.