بلاگنئون

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا جو تعارف ۽ جائزو

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شعبي ۾ قابل فهم استادن، منتظمن، محققن، نقادن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي علمي ادبي ڪمن مطالعي کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهجي، تهڙي طرح تحقيق سان دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ اهو ضروري آهي ته اڳ ۾ پيش ڪيل تحقيقي ۽ تنقيدي ڪمن جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو وڃي. ماضيءَ  ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو ۽ هلندڙ دور ۾ ڪهڙي تحقيق ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪهڙن پهلوئن تي ڪم ڪرڻ جي گنجائش باقي آهي تنهن ۾ وڌيڪ ڇا ڪرڻو آهي؟ جيڪو ڪم ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي، ان مان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ڪهڙي نواڻ آئي، انهيءَ کي مطالعي هيٺ رکي صبر جو دامن وٺي غور فڪر سان موجوده دورجي تقاضائن کي مدنظر رکي پوءِ جديد قدرن ۽ وقت جي نزاڪت سان پنهنجي موضوع جي چونڊ ڪري، موضوع سان لاڳاپيل معلومات کي اڳتي وڌائڻو آهي. اڳ ۾ پيش ڪيل تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب مددگار ٿي سگهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن محققن جي تحقيقي ڪم کي آڏو رکڻو آهي جي پنهنجي سموري حياتي علم ادب جي آبياري ڪندا پئي رهيا آهن، تن ۾ ڪي آهن: ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پروفيسر منگها رام ملڪاڻي، ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽو، محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر آرنيسٽ ٽرمپ، پروفيسر علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر محمد انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪلوڙ، ۽ ٻيا ڪيترائي محقق ۽ نقاد جن جي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم کانسواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن ڪونهي. هت هيٺ جنهن ڪتاب جو تعارف ۽ جائزو لکڻ جو مقصد آڏو رکيو آهي ته جيئن مذڪوره ڪم جي طريقيڪار ۽ نوعيت ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنهنجي تحقيق کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ پيش ڪيل ڪم کي آڏو رکي جيڪي بحث مباحثا ڪري هرهڪ شيءِ کي ڇنڊي ڇاڻي واضح نموني پنهنجي تحقيقي ڪم کي اجاڳر ڪري پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جا گهڻا تڻا موضوع سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي ۽ مشاهدي سان وابستگي رکن ٿا. مذڪوره ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي سلسلي کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو، پرکيو ۽ سمجهيو ويو آهي. جيڪي محقق چاهين ٿا ته اڄوڪي ايڪيهين صديءَ جي گهرجن پٽاندر تحقيق جي شعبي ۾ معياري تحقيق وارو ڪم ٿئي ۽ نون قدرن مطابق تحقيق کي پيش ڪري اڳتي وڌائجي انهن لاءِ، ڊاڪٽر غلام علي الانا وارو تحقيقي ڪم اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

تعارف ۽ جائزو: سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا: هيءُ ڪتاب  سنڌي ٻوليءَ جي استادن، شاگردن، محققن، نقادن، عام توڙي خاص لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن ڪتاب ۾ جهڙي نموني محقق، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ارتقا واري سفر کي انتهائي جاندار نموني سان سلسليوار اڳتي وڌائي ۽ تاريخي تسلسل ۾ سنڌي ٻوليءَ متعلق معلومات ڏني آهي. ان لاءِ هن، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ تهذيب متعلق ٻين ٻولين جي عالمن، اديبن، شاعرن، سياحن ۽ مورخن جي مثالي ڪم مان استفادو حاصل ڪري، هن ڪتاب کي تيرنهن بابن ۾ ورهائي هڪ منفرد نوعيت جو انوکو تحقيقي ڪم ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ محقق جهڙي نموني سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ کي مرحليوار پيش ڪيو آهي، سو ڪم ساراهڻ جي لائق آهي. ڪتاب جي ترتيب هن طرح آهي. سڀ کان اول ڊاڪٽر الانا هن ڪتاب جو انتساب مرحومه سڪينه رمضان عليءَ ۽ سندس ٻن عظيم فرزندن، مرحوم سيٺ محب علي ۽ مرحوم اعتماد سلطان علي “فدائيءَ” جي نانءُ ڪيو آهي، جنهن بزرگ عورت، ڊاڪٽر الانا جهڙي مسڪين هاريءَ جي پٽ کي ڳوٺ مان آڻي ٽنڊي محمد خان ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهايو ۽ کيس پڙهائي، تربيت ڏياري سليقو سيکاريو. ان کانپوءِ ڪتاب جي هڪ صفحي تي ناشر پاران نوٽ لڳل آهي. تنهن کانپوءِ “ڪَرَم اُن ڪريم جا، جنهن جوڙيو هي جهان” جي عنوان هيٺ ٻن صفحن ۾ ڪتاب بابت ڪجھه ڳالهين کي ذڪر هيٺ آندو آهي. ڪتاب جو  ڇهن صفحن جو مهاڳ سراج صاحب سهڻي ۽ پيرائتي نموني سان لکي محقق جي شخصيت، تحقيقي ڪم متعلق مختصر مگر پرمغز ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ کانپوءِ ڪتاب جي فهرست جو پهريون باب، جنهن جو عنوان آهي: زبان معاشرو، انسان ۽ ثقافت جيڪو سوا ڇهن صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي پندرهن انگريزي، اردو ۽ سنڌي حوالن جي روشني ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو ٻيو باب جنهن جو مکيه عنوان آهي: ٻولي، ان جي ابتدا ۽ اوسر: جنهن هيٺ سنڌي ٻوليءَ جي پسمنظر کي مختلف مذهبن، تهذيبن ۽ نظرين کي آڏو رکي انسان ذات جي ارتقا وارين منزلن ۽ دورن جي روشنيءَ ۾ ٻوليءَ جي وجود، جنم، اوائلي انسان ڪيئن ڳالهائيندو هو، انهيءَ سموري ڳالھه کي هڪ خاندان کان گهڻن خاندانن ۽ ٻولين جي درجي به درجي وجود ۽ انساني دماغ جي صلاحيت کي سمجهائڻ جا وزندار دليل ڏئي ڪي مثال آڏو رکي نتيجا ڏنا ويا آهن. هن باب جو اوڻيهن صفحن جو مواد ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر واري سفر کي ڪنهن قدر واضح ڪرڻ جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿو. ڊاڪٽر الانا مذڪوره باب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ انگريزي ڪتابن، قرآن پاڪ جي آيتن، حديثن، ٻن سنڌي ڪتابن سميت ڪل ايڪهٺ (61)، حوالا ڏئي مڪمل ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جو هيءُ ڪتابُ سالن جو تحقيقي پورهيو آهي جيڪو هڪ صبر آزما ڪم آهي. اهڙي طرح باب ٽيون، عنوان: سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر، ڪتاب جي ايڪٽيهين صفحي کان صفحي نمبر ستر تائين ڏنل آهي. هن باب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ، ڊاڪٽر الانا صاحب جي وڏي محنت ۽ مطالعو نظر اچي ٿو، جنهن مان، سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ تاريخي، ثقافتي ۽ علمي حيثيت بابت قيمتي معلومات ملي ٿي. هن باب ۾، ماهرن جيڪي سنڌو ماٿر مان مهرون هٿ آيون آهن تن جا ملھه مقرر ڪيا آهن انهيءَ لاءِ ڊاڪٽر آسڪو پرپولا ۽ سندس ساٿين جي وضاحتن واري تحقيقي ڪم کي آڏو رکي، سنڌي ٻوليءَ جي اکرن جي ڪٿ لاءِ ديسي لفظن جي لڙهين، سماج ۾ ڪتب ايندڙ رڌ پچاءُ، کاڌو، گهرو سامان، ڄم ۽ جسم جي ڀاڱن، رهائش گاهن، بستي، ڌڪ هڻڻ، شڪار ڪرڻ ۽ پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جا هٿيار، جانور، مال ۽ انهن جي چارن، زمين، جبل، کيتي، معدنيات، واءُ، مينهن، پاڻي، مڇي، وزن تور ۽ ڳاڻيٽي جي عددن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. تنهن کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ جي سڃاڻپ کي واضح ڪرڻ لاءِ، تاريخ جي منجهيل مسئلن کي کولي اسلام کان اڳ واري سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ کي سمجهائڻ لاءِ عرب سياحن جي ڪتابن مان معلومات حاصل ڪري سنڌي آوازن ۽ اکرن جي ڄاڻ، رگويديڪ لفظ، چچنامي ۾ ڏنل سنڌي لفظن جي اوک ڊوک ڪري نتيجا ڏنا ويا آهن. اسلام جي آمد کان اڳ سنڌ ۾ علم ادب جو وڏو چرچو ۽ دنيا ۾ مقبوليت هئي. سنڌ ۾ مختلف علمن جا ماهر ۽ اڪابر جن جو نالو پوري دنيا تي ڇانيل هو، انهن جي علمي قابليت جي واکاڻ جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. باب واري عنوان سان منسلڪ مواد جي آخر ۾ ڏنل ٽن صفحن جي ببليوگرافيءَ مان اها ڳالھه معلوم ڪري سگهجي ٿي ته ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي مطالعي کي جامع بنائڻ لاءِ جهڙي ريت محنت ڪئي آهي سا علمي لحاظ کان ڏاڍي سنجيده آهي. سندس تحقيق مان اهو به نظر اچي ٿو ته، سنڌ جو خطو تاريخي اعتبار کان ڏاڍو سرسبز خوشحال ۽ علم ادب ۾ تمام گهڻو اڳتي هو جنهن جي شان شوڪت جو بيان ٻين محققن جي تصنيفات مان کنيل مثالن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو. اهوئي سبب هو جو دنيا جي نامور علمي شخصيتن، سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ جاگرافيائي حيثيت کي وڏي شان مان سان پيش ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب جو باب چوٿون، جنهن جو عنوان: عربن جي سنڌ تي حڪومت جي ابتدائي دور ۾ سنڌي زبان جي حيثيت آهي. هن باب جو مواد ڇهويهن صفحن تي مشتمل آهي ۽ باب جي آخر ۾ اردو،عربي، انگريزي، ۽ سنڌي ڪتابن ۽ مقالن مان چوونجاھ حوالا ڏنا ويا آهن. هن باب جي اڀياس مان جا ڳالھه آڏو اچي ٿي ته، ڊاڪٽر الانا عربن جي ابتدائي دور بابت تمام گهڻي دلچسپي وٺي، بنيادي ماخذن کي مطالعي، محنت ۽ دليلن جي روشنيءَ ۾ مستند بڻائي اهم معلومات ڏني آهي. سراج صاحب لکي ٿو ته: “منهنجي خيال ۾ ان جامعيت ۽ علمي عمدگيءَ جي باوجود هڪڙي ڪمي رهجي وئي آهي، سا آهي جيڪڏهن الانا صاحب اخامينين (Achaemenian)  يعني پهلوي دور ۾ سائرس پهرين (Cyrus_1)  تائين 330 ق.م تائين واري دور ۾ سنڌ جي تاريخي صورتحال کي بيان ڪري ها ۽ پوءِ ان کي عربن جي حملن کانپوءِ واري لساني صورتحال سان ڀيٽي ها ته اها سندس وڏي خدمت ۽ ريسرچ هجي ها، ڇاڪاڻ ته اهو ئي هڪڙو دور آهي، جنهن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي.”  (سراج، 2006: مهاڳ) تحقيق هڪ اهڙو پهلو آهي، جنهن ۾ ڪانه ڳالھه يا واقعو رهجي ويندو آهي، جنهن کي وري ٻيا محقق پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ انهيءَ ۾ وڌيڪ اضافا پيا ٿيندا رهندا آهن. اهڙيِءَ طرح باب پنجون جنهن جو عنوان: سنڌي ٻوليءَ جي معياري حيثيت آهي. هن باب ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، سومرن حاڪمن واري زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت کي جاندار نموني سان ذڪر هيٺ آندو آهي. البيروني جڏهن سنڌ ۾ آيو ۽ جيڪو ڪجھه ڏٺائين ۽ محسوس ڪيائين ۽ سنڌ ملڪ جا جيڪي ماڳ مڪان گهمايائين تن سمورين ڳالهيُن کي اکيُن سان ڏسي انهن انگن ۽ اسمن جو نهايت ئي سنجيده نموني سان ذڪر ڪيو اٿس. “محقق البيروني (973- 1048) سنڌ ۽ ملتان ۾ پنهنجي موجودگيءَ (1017-1031) واري عرصي ۾، سنڌ ملڪ جي عالمن کي علم نجوم، علم هيئت، رياضيءَ، علم طب، علم طبابت، ڇندوديا، سلوڪ، سوتر ۽ ٻين علمن ۾ گهڻو ماهر ۽ اڳتي ڏٺو… هن جي اچڻ وقت، سنڌ ملڪ ۾ علم ادب ۽ سائنسي علمن جون سرگرميون تيز هيون. ڪيترائي بنيادي ڪتاب ۽ انهن جا عربي زبان ۾ ترجما موجود ڏٺائين.”  (الانا، 2006: 104) هن باب ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي مطالعي مان جا ڳالھه محسوس ڪئي آهي ته البيرونيءَ جي سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ سنڌ جي تهذيب ۾ خاص دلچسپي هئي، تنهنڪري هن سنڌ جي علم ادب جي تعريف بيان ڪئي آهي. انهيءَ ڪري البيرونيءَ جي ڪتابن ۾ ڏنل دوائن ۽ جڙين ٻوٽين جا نالا پڻ ڏنا آهن. جيڪي الانا مرحوم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب جي حوالي مان پيش ڪندي مذڪوره ڪتاب جي صفحي نمبر 107 تي ڪالمن جي صورت ۾ ڏنا آهن جنهن مان ان وقت ۽ هن وقت جي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ لکتُن جي نمونن جي خبر پوي ٿي ته ٻئي طرف ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي سنڌي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ بابت ڳوڙهي اڀياس جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ ملي ٿي ته، هن پنهنجي مطالعي کي مستند بنائڻ لاءِ معياري ڪتابن جي چونڊ ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي سلسلي کي پنهنجي علمي سنجيدگي سان اڳتي وڌائي سلسليوار سڦلو بڻائي پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب کان اڳ ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته، عربن يا سومرن جي دور جي ادب بابت جيڪو تاريخي مواد ملي ٿو، اهو سڀ روايتي انداز ۾ آهي انهيءَ کي ڊاڪٽر غلام علي الانا روايتُن مان ٻاهر ڪڍي مستند ۽ تحقيقي صورت ۾ سهڻو ۽ اعليٰ بنائڻ لاءِ ناياب ڪتاب هٿ ڪري پنهنجي تحقيقي تجسس کي پاياءِ تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي، جا ڳالھه سندس تحقيق مان نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر الانا لسانيات جو ماهر هو تنهنڪري پنهنجي ڪتاب ۾، سنڌي زبان ڏانهن خاص ڌيان ڏنو آهي وزن، تور ۽ توراڙي لاءِ سنڌي لفظ، البيرونيءَ جي ڏنل جدول ۽ ڏهائي واري طريقي کان اڳ رائج جدول جا نمونا ڏئي علمي تحقيق جو وڏو دليل پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:“البيرونيءَ پنهنجن ڪتابن ۾ طرفن، ڏسن، ڏينهن ۽ مهينن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي اُن زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ رائج هئا. البيرونيءَ ست زمينون ۽ ست آسمان بيان ڪيا آهن. هن جيڪي نالا/۽ لفظ ڏنا آهن، اُهي اڄ به سنڌي زبان ۾ استعمال ٿين ٿا، تنهنڪري به اها دعويٰ رد سمجهڻ گهرجي ته سنڌي زبان ڪو يارهين صدي عيسويءَ ۾، “وراچڊ اپڀرنش کان ڇڄي ڌار ٿي.”  (الانا، 2006:118)، هن ڪتاب ۾ جيڪي ڏينهن ۽ مهينن جا نالا ڏنا ويا آهن تن کي ڪتاب جي صفحن ۾ ڪالم جوڙي رکيو ويو آهي. البيروني جي ڪتاب ۾ آيل لفظ ۽ موجوده سنڌي لفظ ڏنا ويا آهن ته جيئن پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهن ته، سنڌي زبان پنهنجي قدامت کان وٺي اڄ تائين ڪهڙي ريت ڪهڙن روپن شڪليُن ۽ صورتن ۾ پاڻ کي فطري طور تبديل ڪندي رهي آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب خالص سنڌي آوازن ۽ البيرونيءَ جا جوڙيل حرف، لکيل لفظ ۽ اصل سنڌي صورتخطي جا مثال ڏنا آهن ته ٻئي طرف صوتي تبديلين لاءِ سنسڪرت ۽ هنديءَ جي مرڪب آوازن (Compound Sounds) لاءِ سنڌيءَ جو قانون (Law of assimilation)  جا مثال آڏو رکيا ويا آهن. لفظ جي آخر ۾ سُر صوتيه جو استعمال ڏيکاريندي البيرونيءَ جي ڪتاب ۾ ڏنل سنڌي لفظن جي لڙهين جا نمونا ڏنا ويا آهن ته جيئن سندس تحقيق مان هرڪو روشناس ٿي سگهي. البيروني جي زماني جي تدريس واري طريقي متعلق ڊاڪٽر غلام علي الانا رقم ٿو ڪري ته “محقق البيرونيءَ، پنهنجي قيام وقت تعليم ڏيڻ جو جيڪو طريقو ڏٺو هو، تنهن جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾، اسلام جي آمد کان اڳ، ٻارن کي پاٺ شالائن ۾ تعليم ڏني ويندي هئي.”  (الانا، 2006: 127). هن وقت ڏٺو وڃي ته جيڪي ڳالهيون انهن املھه ڪتابن مان کنيون ويون آهن، سي ڪتابَ پنهنجي جاءِ تي ناياب ضرور آهن، پر انهن جي مطالعي لاءِ عربي، فارسي ۽ ٻين ٻوليُن جي معلومات پڻ هئڻ گهرجي، جيڪا الانا صاحب وٽ هُئي. اڄ جي دنيا سائنسي تحقيق جي طريقيڪارن مطابق نوان نوان اصول آڻي رهي آهي انهيءَ ۾ اڄ جو انسان تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌنڌو رهي ٿو، گذريل دور جون خيالي ڳالهيون رد ڪد ٿي سڀاڻي وجود وڃائي ويهي رهنديون يا حقيقت جو روپ وٺنديون جنهن جو سوچي به نه ٿو سگهجي. قديم دنيا جي انسانن جي خيالن کي جيڪي نوان روپ ملندا تنهن کي ڏسي اسان جي سامهون جيڪي حقيقتون ٿي سامهون اينديون تن کي ڏسي شايد حيرت به ٿئي. ڇاڪاڻ جو انهيءَ صورتحال جو فائدو انهن قومن کي پوندو، جيڪي ايندڙ دور جي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ واري عمل ۾ مصروف آهن، اُهي قومون ئي اوج ۽ عروج حاصل ڪنديون جن کي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪرڻ جو هنر ايندو. ڊاڪٽر الانا جهڙيءَ طرح سنڌي زبان کي تحقيق جي لساني پهلوئن جي قدرن مطابق سائنسي انداز سان مالا مال ڪيو آهي تنهن کي ڏسي سرهائي جو اظهار ڪرڻو پوي ٿو. هن ڪتاب جو باب پنجون اٺاونجاھن صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ مفيد معلومات ڏنل آهي، انهيءَ معلومات جي مطالعي کان پوءِ اسان پنهنجي سوچ ۽ سمجھه ۾ اضافو حاصل ڪري، اڄوڪي دور جي چوطرف موجود چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهون ٿا. هن ڪتاب جو باب ڇهون، عنوان: سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ معياري حيثيت، ۾ محقق ملڪي حاڪمن (سمن) ۽ غير ملڪي حاڪمن (ارغونن، ترخانن) جو زمانو (1351_1555)، هن باب ۾ ذڪر هيٺ آندا آهن، جنهن مان انهيءَ دور جي سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۽ اديبن جي معلومات ملي ٿي. “سما به سومرن وانگر ڏيهي حڪمران هئا. سمن جي حڪومت وارو زمانو ته سنڌ ۾ علم ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجھه جي لحاظ کان وڌيڪ اهم زمانو هو.” (الانا، 2006: 163)، ڊاڪٽر الانا موضوع جي مطابقت سان انهيءَ دور جي ڪن شاعرن جي ڪلام جا نمونا ڏئي، سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن تي ٻين شاعرن جي ڪلام جا جيڪي اثرات نمايان ٿيا تن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. مثال؛ سنڌي زبان جي نالي واري شاعر قاضي قادن جي ڪلام تي، بابا فريد گنج شڪر جي ڪلام جا جيڪي اثرات نظر آيا آهن، تن مثالن کي آڏو رکي سمجهايو ويو آهي. درويش نوح هوٿياڻي، ماموئي فقيرن، سيد علي شيرازيءَ ثانيءَ، شيخ حماد، پير صدرالدين، قاضي قادن، ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام جا نمونا ۽ انهن جي خيالن جي اظهار کي صوتي، صرفي ۽ نحوي لحاظ کان، سنڌي ٻوليءَ جي اڄ جي سٽاءَ کان جيڪا ڌار ڏسڻ ۾ اچي ٿي تنهن کي پڻ اسم، ضمير، صفتن ۽ ظرف ۽ فعلن جي استعمال ۽ ٻين وياڪرڻين وارين صورتُن ۾ ڏٺو ۽ جاچيو ويو آهي ۽ سمن جي دور ۾ شاعريءَ کانسواءِ نثرجا جيڪي نمونا مليا آهن انهن جو به ذڪر ملي ٿو. غير ملڪي حڪمرانن (مغل نوابن جي زماني:  (1555-1700ع)، متعلق معلومات ڏني وئي آهي ته: “جيتوڻيڪ ارغون ۽ ترخان غير ملڪي حڪمران هئا، پر تنهن هوندي به هن زماني ۾ سنڌي زبان گهڻي ترقي ڪئي.” (الانا، 2006:179)، هن دور جي ڪن شاعرن جو ڪلام مان ڪي نمونا پيش ڪيا ويا آهن، جن مان ڪي هي آهن: مخدوم نوح سرور، شاهه عبدالڪريم بلڙائي، شاھ لطف الله قادري، مخدوم بلاول، قاضي قادن وغيره وغيره. “قاضي قادن جي ڪلام ۾ ڪم آندل سنڌي ٻوليءَ تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌي ٻولي سمن جي زماني ۾ به هڪ ترقي يافته زبان هئي: جنهن ۾ ڳوڙها مضمون ۽ اونها خيال بيان ڪيا ويندا هئا.” (الانا، 2006:194)، اهڙي نموني هن باب ۾، سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جو راجسٿان ۽ گجرات جي رياستُن تائين پهچڻ، دادو ديال جي شاعريءَ کان ويندي ڍاٽڪي لهجي ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ جهڙائي ۽ قديم فارسي نسخن ۽ سنڌي لفظن جي لکت جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. باب ستون: شاھ لطيف جو زمانو (1690-1782) هن دور ۾، سنڌي ٻولي جيڪا ترقي ڪئي تنهن کي نهايت سنجيده نموني ذڪر هيٺ آندو ويو آهي. شاھ عبداللطيف واري دور کي مطالعي هيٺ آڻڻ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي ادبي اصولن کي اڀياس هيٺ رکندي انهيءَ دور ۾ جيڪي عالم، فاضل، سخنور، شاعر، اديب، مورخ، محدث، مفسر، علم اللغات جا ماهر، لوڪ ادب جا اڪابر، سگهڙ ۽ نثر نويس موجود هئا، جن سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ادب، لوڪ ادب، مذهبي ۽ ديني، ادب ۽ ٻين ميدانن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪتاب لکيا تن جو پيرائتو ذڪر ملي ٿو. اهڙي طرح شاعريءَ جي صنفن بيت واين جا نمونا ملن ٿا، تن بابت ڪتاب جي صفحن کي ٻن ڪالمن ۾ ورهائي هڪ طرف بيت ۽ انهن ۾ استعمال ويڄن، ڪنڀارن، لوهارن، کَٽيُن، ڪاپائتين ۽ ڪورين، جهانگين ۽ سانگين، ٻيڙيائتن ۽ ناکوئن، زيورن، ريتن، رسمن، مهاڻن سان لاڳاپيل لفظن جو ذڪر ملي ٿو تن کي بيتن ۾ مثال ڏئي سمجهايو ويو آهي ۽ بيتن جي مصراعن ۾ متصل ضميرن جو استعمال، حالت تغيري (حالت پادان) جي استعمال جا مثال ۽ بيت جي مصرع ۾ حالت ڏيکاريندڙ صورتون ۽ شاھ جي ٻوليءَ ۾ استعمال معياري ۽ لاڙي لهجي، شاھ جي بيتن مان حرف جرن، زير اضافت کان ويندي شاھ جي ڪلام ۾ مرڪب فعلن ۽ مرتب، مفرد لفظن، ڌاتوئن، ضمير متصل، ضميري پڇاڙيءَ، اصطلاحن، پهاڪن، لفظن جي مخفف صورتن، عربي ۽ فارسيءَ جي استعمال، شاھ صاحب جي قومي جذبي جا مثال ڏنا ويا آهن. اهڙيءَ طرح هن باب ۾، ڪلهوڙن جي دور ۾ نثر جي اوسر، پهاڪا، ٻهڳڻن جا ٻول کان ويندي سنڌي ٻوليءَ جي درس وتدريس جي سلسلن کان ويندي هر قسم جو مواد ۽ معلومات ڏني وئي آهي. الانا صاحب باب جي آخر ۾ لکي ٿو ته: “مطلب ته شاھ سائينءَ جو زمانو يعني ڪلهوڙن جي حڪومت وارو زمانو، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ ۾ اهم ۽ اعليٰ منزل وارو زمانو هو.” (الانا، 2006: 268) باب اٺون: سچل سرمست ۽ ساميءَ جو زمانو (ميرن جو دور 1783کان 1843ع)، عنوان هيٺ لکيو ويو آهي. “ڪلهوڙن جي حڪومت جو آخري عرصو، سنڌ وارن لاءِ مصيبت وارو زمانو هو. هن دور جي شروع ۾، نادر شاھ جي حملي، غلام نبي ڪلهوڙي ۽ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي پاڻ ۾ جنگين ۽ مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي چڙهائيءَ جي ڪري، لاڙ جي شهرن جي تباھ ٿيڻ، ميان سرفراز خان عباسيءَ جي ظالمانه شهادت ۽ اهڙن ٻين واقعن، سنڌ ۾ افراتفري ۽ بدامني ڦهلائي ڇڏي.” (الانا، 2006: 273)، ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته، هالاڻيءَ واريءَ جنگ کانپوءِ، سنڌ جا حاڪم ٽالپر بڻيا ۽ ملڪ ۾ ٺاپر اچي وئي. عام ماڻهن ۾ خوشيون موٽي آيون، هرهنڌ سڪون ٿي ويو. ٽالپر حاڪمن کي علم ادب ورثي ۾ مليو هو.” ڇاڪاڻ جو ڪلهوڙن جي زماني جي عالمن جيڪا علمي جوت جلائي هئي تنهن روشنيءَ کي وڌيڪ روشن ڪيو ويو. شاھ لطيف جي چاڙهيل ڪُني جو ڍڪڻ سچل سرمست لاهي حق جي ميدان ۾ آيو. شاھ صاحب واري زماني جا بيت ۽ وايون جيڪي ماڻهو جهنگلن، وستين، واهڻن، جبلن ۾ جهونگاريندا رهيا تن ۾ سچل سرمست نئين رنگ ۾ ڪافيون، بيت، جهولڻا عوام ۾ مقبول عام ڪيا جيڪي سنڌ کانسواءِ پنجاب جي سرائيڪي خطي، بلوچستان ۽ راجسٿان جي عوام جي امنگن جو آواز بڻيا. ڊاڪٽر غلام علي الانا انهيءَ زماني جي عالمن ۽ علمي شخصيتن ۽ انهن جي علمي خدمتن ۽ تصنيفات واري ڪم مان ڪي مثال ڏنا آهن جنهن ۾، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جون تصنيفون ۽ تفسير کان ويندي سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام جو فڪري ۽ لساني جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو باب نائون ۽ ڏهون به انتهائي محنت ۽ مشقت سان تحقيق ڪري پيش ڪيا ويا آهن. باب يارهون جنهن ۾ ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ جيڪا ۽ جنهن منظم نموني جدوجهد ڪري هڪ آواز ٿي، سنڌي ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون. ون يونٽ جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. سخت مارشلائن جي زماني ۾ ڏکين امتحانن مان گذريا ۽ ڪامياب ٿي پاڻ کي سرخرو ڪيائون. تحريڪن وسيلي متحد ۽ مضبوط ٿي پنهنجن وسيلن جي مالڪي ڪئي ۽ پنهنجا جمهوري حق وٺي پنهنجي مانُ مرتبي ۾ اضافو ڪيائون. انهيءَ سموري جدوجهد ۽ قربانين کي ڊاڪٽر الانا صاحب ذڪر هيٺ آندو آهي. هن ڪتاب جو باب ٻارهون ۽ تيرهون ڏهين ۽ يارهين بابن جي اهم ڪڙي آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي اکيُن ڏٺا واقعا مدنظر رکي ٻنهي بابن کي ذڪر هيٺ آڻي ڪي تجويزون، رايا، ڪي خيال پيش ڪيا آهن، جن کي هن وقت عملي جامو پهرائڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مذڪوره تعارف ۽ جائزي واري ڪتاب جا 453 ئي صفحا قيمتي مواد تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جي آخر ۾ پندرنهن صفحن ۾ سنڌي، عربي، پنجابي، اردو، انگريزي چونڊ ڪتابن تان استفادو حاصل ڪندي حوالا پيش ڪيل آهن تن کي ملائي ڪل 468 صفحن جو ڪتاب آهي. هيءُ سمورو ڪتابُ انتهائي شاندار تحقيقي ڪتاب مطالعي ڪرڻ ۾ انتهائي وڻندڙ ۽ مفيد معلومات تي مشتمل آهي، جنهن کي هر ڪو پڙهي استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو.

***