جيتوڻيڪ اسان پاڻ تي “هومو سيپينس” يعني “سياڻو انسان” جو نالو رکيو آهي، پر اِها ڳالهه بحث طلب آهي ته اسان پنهنجي رکيل نالي تي هن وقت تائين ڪيترو پُورو لٿا آهيون.
گذريل هڪ لک سالن ۾ اسان انسانن يقينن تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجن دريافتن، ايجادن ۽ ڪاميابين جا فقط نالا ۽ عنوان لکون ته به ڪتابن جا ڪيترائي جُلد لکجي ويندا، پر سکڻي طاقت، ڏاهپ ناهي هوندي، ڇو ته انسانن جي هڪ لک سالن جي دريافتن، ايجادن ۽ ڪاميابين انسان ذات کي وجودي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اسان کي پنهنجِي طاقت جي نشي، ماحولياتي خطرن جي ڪنڌِي تي پهچائي ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ اسان اڃان وڌيڪ پيچيده ۽ خطرناڪ ٽيڪنالاجي يعني هٿرادو ذهانت(Artificial Intelligence or AI) ٺاهڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ ۾ مصروف آهيون. هن ٽيڪنالاجي ۾ اُهو دم ۽ خم آهي جيڪو اسان کي مڪمل بيوس بڻائي ڇڏي يا وري مورڳو اسان جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏي. هن صورتحال ۾ بجاءِ ان جي ته اسان سڀ انسان گڏجي هن وجودي بحران ۽ للڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيون، اسان جي ڌرتيءَ تي روز بروز بين الاقوامي جهيڙا وڌندا پيا وڃن، عالمي سطح تي انساني تعاون ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي، انساني تباهي جي موتمار هٿيارن ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڌرتيءَ مٿان ٽين عالمي جنگ جو خطرو وڌندو ٿو وڃي. جيڪڏهن انسان واقعي به سياڻو آهي ته پوءِ اسان پاڻ کي ايترو تباهه ڪندڙ ڇو بڻجي چڪا آهيون؟
جيتوڻيڪ اسان علم جي باريڪين کي تسخير ڪندي ان قابل بڻجي چڪا آهيون ته هر شيءِ يعني ڊِي اين اي(DNA) کان ڏورانهِيَن ڪهڪشائن بابت ڪافي ڪجهه ڄاڻي سگھون، پر ڏسجي ايئن ٿو ته ايترو سارو علم به اسان کي زندگي بابت بنيادي سوالن جا جواب فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي: اسان ڪير آهيون؟ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي يا ڇا حاصل ڪرڻ گھرجي؟ هڪ سٺِي زندگي ڇا آهي ۽ ڪيئن گذارڻ گھرجي؟ تمام گھڻي معلومات تائين رسائي جي باوجود اسان کي پنهنجن قديم ابن ڏاڏن وانگر اڃان تائين خيالي ۽ پُرفريب ڳالهيون ۽ نظريا پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڇڪين ٿا. نازي- ازم ۽ اسٽالن- ازم وڏي پيماني تي عوامي بيوقوف- پڻي جا تازا مثال آهن، جن جي ڌٻِڻ ۾ اڄڪلهه جا معاشرا به اڃان تائين ڦاسي پون ٿا. هن ڳالهه جو ڪو به انڪاري ناهي ته اڄڪلهه جا ماڻهو علم ۽ طاقت جي حوالي سان پٿر جي دور جي ماڻهن کان تمام مٿاهان آهن، پر يقينن اسان پاڻ کي سمجھڻ ۽ ڪائنات ۾ پنهنجي ڪردار کي سمجھڻ ۾ اڃان پوئتي ئي آهيون.
اسان علم ۽ طاقت جي حصول ۾ ڇو اڳ کان اڳرا ۽ ڪامياب آهيون، جڏهن ته ڏاهپ جي حصول ۾ ڇو اوترا ڪامياب ناهيون؟ انساني تاريخ ۾ ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون جيڪي هن ڳالهه ۾ يقين رکن ٿيون ته انسان جي خمير ۾ ڪا خامي آهي، جيڪا وقت بوقت ان کي اهڙين طاقتن حاصل ڪرڻ لاءِ اُڪسائي ٿي، جن کي هُو سنڀالي نٿو سگھي. انهن مان فائٿن (Phaethon) نالي هڪ ڇوڪر بابت هڪ يوناني ڏند ڪٿا پڻ آهي. هن ڏند ڪٿا مطابق فائٿن کي اهو معلوم ٿيو ته هُو هِيليوس(Helios) يعني سج ديوتا جو پُٽ آهي. پنهنجِي الهامي قوت کي پرکڻ لاءِ هُن هڪ ڏينهن لاءِ سج کي ڇِڪڻ وارِي گھوڙي-گاڏِي کي هڪلڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هِيليوس هن کي خبردار ڪيو ۽ منع ڪيو ته ڪوبه انسان سج کي ڇِڪيندڙ گھوڙي-گاڏِي ۾ واڙِيل آسماني گھوڙن کي هڪلي نٿو سگھي، پر فائٿن ايستائين ضد ڪندو رهيو جيستائين هِيليوس کيس اها اجازت نه ڏني. ٻئي ڏينهن فائٿن آسمان ڏانهن روانو ٿيو. هن فخر سان سج کي اُڀاريو ته سهي پر اهو ترت ئي سندس ضابطي ۽ رستي کان ٿِڙي ويو. نتيجي ۾ ٿِڙيل سج وڻ ٽڻ، ٻوٽن، فصلن ۽ ڀاڄين کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيو؛ ڪيترين ئي ساهوارين مخلوقن کي فنا ڪري ڇڏيو؛ نه رڳو ايترو پر زمين جو وجود پڻ خطري ۾ پئجي ويو. ايتري ۾ خدائن جي خدا زِيوس(Zeus) مداخلت ڪئي ۽ فائٿن کي کِنوڻ جو اُلو هنيو ته هُو آسمان تان ٻرندڙ تاري وانگر هيٺ زمين تي اچي ڪِريو. اهڙيءَ ريت هڪ دفعو وري خدائن آسمان ۽ زمين کي سنڀالڻ جي ذميواري سنڀالي ورتي.
ٻن هزار سالن کانپوءِ جڏهن صنعتي انقلاب انساني سماج ۾ پنهنجا قدم رکي رهيو هو ۽ ڪيترن ئي ڪمن ۾ مشينن انسانن جي جاءِ والارڻ شروع ڪئي هئي ته ان وقت وولفگينگ وون گوئٽي(Wolfgang von Goethe) پڻ ساڳئي قسم جِي هڪ منظوم ڪهاڻي ڇپرائي هئي، جنهن جو عنوان هو “شيطاني جادوگر جو شاگرد” (بعد ۾ هن پلاٽ تي ٻڌل والٽ ڊِزني جِي جڳ مشهور مِڪِي مائوس ڪارٽون تي مشتمل هڪ ٽيليوزن فلم پڻ ٺاهي وئي). گوئٽي جي هن ڪهاڻي ۾ هڪ شيطاني جادوگر ٿوري دير لاءِ پنهنجو شيطاني قوتن وارو ورڪشاپ پنهنجي هڪ اڻڄاڻ ۽ نوجوان شاگرد جي حوالي ڪري ٿو. هو کيس ايستائين ڪجهه معمولي ۽ ننڍا ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ٿو جيستائين پاڻ درياءَ تان پاڻي ڀري نٿو اچي. شاگرد پنهنجي سولائي خاطر جادو جو هڪ منتر هڪ ٻُوهاري مٿان پڙهِي شُوڪاري ٿو ۽ ان کي حڪم ڏئي ٿو ته اهو هِن لاءِ پاڻي کڻي اچي ۽ هڪ ٿانوَ ۾ لاهي. منتر پڙهيل ٻوهاري ايئن ئي ڪيو، پر ڳالهه اتي ختم نه ٿِي ۽ ٻوهارو مسلسل پاڻي آڻيندو ۽ لاهيندو رهيو، ڇو ته شاگرد کي ٻوهاري روڪڻ جو منتر نه پئي آيو. جڏهن ٿانءُ ڀرجي هارجڻ لڳو ۽ پاڻي ورڪشاپ ۾ گڏ ٿيڻ لڳو ته خوف وچان شاگرد منتر پڙهيل ٻُوهاري کي ڪهاڙِي سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. هاڻي هڪ جي بدران ٻه ٻُوهارا پاڻي آڻڻ لڳا ۽ ورڪشاپ کي ٻوڙڻ لڳا. ايتري ۾ شيطاني قوتن وارو پوڙهو جادوگر پڻ واپس آيو. سندس شاگرد کيس ڏسندي ئي چيو، “جن روحن کي مون ڪم لاءِ حڪم ڏنو هو، هاڻي مان ان حڪم مان پنهنجي جان نٿو ڇڏائي سگھان.” پوڙهي جادوگر ترت ئي پڙهيل منتر کي ٻيو منتر پڙهي ٽوڙيو ۽ ورڪشاپ کي ٻڏڻ کان بچايو. هيءَ ڪهاڻي شاگرد ۽ انسان ذات لاءِ هڪ واضح سبق پيش ڪري ٿي: ڪنهن کي به ايتري طاقت نه آڇيو ۽ سونپيو جيڪا اهو سنڀالي نه سگھي.
فائٿن ۽ شيطاني جادوگر جي شاگرد جون مٿيون خبردار ڪندڙ ڪهاڻيون هلندڙ 21 هين صدي لاءِ اسان کي ڇا ٿيون ٻڌائين؟ ظاهر آهي اسان انسان مستقبل جي لاڳاپيل خطرن ۽ خبردارين کان لاتعلق بڻيل آهيون. اسان اڳ ۾ ئي ڌرتي جو ماحولياتي توازن بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ اربين جادوئي ٻُوهارن يعني ڊرونس، چيٽ-بوٽس ۽ هٿرادو ذهانت جي اوزارن مٿان مختلف الگورٿمن جا منتر پڙهِي، انهن کي مختلف حڪم ڏئي ڇڏيا آهن جيڪي مستقبل ۾ يقينن اسان جي هٿ وس رهي نه سگھندا؛ نتيجي ۾ غير متوقع ۽ تباهه ڪندڙ نتيجن جا سيلاب اسان تي ڇوهه پيا ڇنڊيندا.
پوءِ ڇا ڪجي؟ مٿيِون ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون ته ڪو جواب نٿيون ڏين، سواءِ ان جي ته اسان ڪنهن خدا يا جادوگر جو انتظار ڪريون، جيڪو اچِي بگڙيل شين کي سنڀالي. اهو جواب ته تمام خطرناڪ آهي، ڇو ته اهو اسان کي پاڻ تان ذميواريون ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي بدران اڻ ڏٺل خدائن ۽ شيطانن تي ڀاڙڻ لاءِ اُتساهي ٿو. ان کان وڏو ظلم اهو آهي ته اهو جواب اُن جو به انڪاري آهي ته خدائن، جادوگرن يا شيطانن جا تصور آفاقي نه، پر خود انسان جا بڻايل آهن، جيئن ٻُوهارا، گھوڙي گاڏيون، الگورٿمس وغيره اسان انسانن جا ٺاهيل آهن. غير متوقع نتيجا ڏيندڙ طاقتور شين جِي تخليق جِي شروعات، ٻاڦ واري انجڻ يا هٿرادو ذهانت سان شروع ناهي ٿي، پر تخليق جو اهو سلسلو ته مذهب جي ابتدا سان شروع ٿيو هو. پيغمبرن ۽ مذهبي رهنمائن بار بار انهن طاقتور روحن مٿان منتر پئي پڙهيا جيڪي اصل ۾ ته پيار ۽ خوشي جا پيروڪار ۽ پيامبر هئا، پر انهن غير متوقع طور تي مِلِي دنيا کي رت جي درياءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو.
فائٿن جي ڏند ڪٿا ۽ گوئٽي جو نظم ڪا ڪارائتي صلاح نٿا ڏين، ڇو ته اهي انسانن کي طاقتور بڻائيندڙ سچائي کي کوليندڙ نه، پر ان تي پردو وجھندڙ آهن. ٻنهي ڪهاڻين ۾ هڪ انسان کي مها طاقتور بڻجندڙ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو بعد ۾ غرور ۽ لالچ جو شڪار ٿي تباهه ٿي وڃي ٿو. هنن ڪهاڻين مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته اسان جِي بگڙيل انفرادي نفسيات، اسان جِي طاقت جي غلط استعمال ۽ تباهي جِي ذميوار آهي. هي خام خيالي تي ٻڌل تجزيو اها اهم ڳالهه وساري ٿو ڇڏي ته انساني طاقت ڪڏهن به هڪ فرد جي انفرادي عمل تي انحصار ڪندڙ نه رهِي آهي، ڇو ته انسانن جو وڏي پيماني تي باهمي تعاون ئي هميشه تاريخ ۾ طاقت جو سرچشمو رهيو آهي.
ساڳيءَ ريت اها اسان جي انفرادي نفسيات ناهي، جنهن اسان جي طاقت کي تباهه ڪيو آهي. اسان انسانن ۾ فقط لالچ، غرور ۽ ظلم ڀريل ناهي، پر انهن سان گڏ اسان ۾ پيار، همدردي، انڪساري ۽ خوشي جا احساس پڻ موجود آهن. ها، اهو سچ آهي ته اسان جي نسلن جي بدترين فردن منجهه لالچ ۽ ظلم اُتم درجي جي اِنتها تي پهتل رهيا آهن ۽ اهي لاڙا کين طاقت کي غلط استعمال ڪندڙ ۽ بدڪردار بڻائين ٿا، پر هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان جا ماڻهو اهڙن بدڪردارن کي طاقت ۽ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڇو ٿا ڏين؟ مثال طور: 1933ع ۾ جرمنين جي اڪثريت نفسياتي مريض ته نه هئي، پر پوءِ به انهن هٽلر کي پنهنجو حڪمران ڇو چونڊيو هو؟
اهڙي طاقت، جنهن کي اسان سنڀالي نٿا سگھون، جو لاڙو اسان جِي انفرادي نفسيات سان گھٽ ئي واسطو رکي ٿو، پر اصل ۾ اهو مسئلو تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن انساني مخلوق وڏي تعداد ۾ هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ شروع ڪري ٿي. هن مضمون جو اهم نقطو اهو آهي ته انسان ذات رابطن جي وڏن وڏن نيٽ ورڪن جوڙڻ وسيلي پاڻ کي طاقتور بڻايو آهي، پر اهي نيٽ ورڪ بذاتِ خود پنهنجي اندر اهو خطرو رکن ٿا ته ان طاقت کي غير مناسب مقصدن ۽ ڪمن لاءِ پڻ استعمال ڪري سگھجي ٿو. ان ڪري اسان انسانن جو مسئلو اصل ۾ نيٽ ورڪن جو مسئلو آهي.
سادن لفظن ۾ چئي سگھجي ٿو ته اهو معلومات جو مسئلو آهي. معلومات اها کونئر آهي جيڪا مختلف نيٽ ورڪن کي جوڙي رکي ٿي. تاريخ ۾ انسانن هزارن سالن کان تصوراتي ڪهاڻين، خوابن ۽ گمراهه ڪُن تصورن تي ٻڌل انساني باهمي تعاون جا وڏا وڏا نيٽ ورڪ پئي ٺاهيا آهن، جيڪي خدائن، جادوئي منترن، هٿرادو ذهانت ۽ ٻين ڪيترين ئي شين بابت آهن. توڙي جو هڪ ماڻهو پنهنجي باري ۾ ۽ ٻاهرئين دنيا جي باري ۾ سچ ڄاڻڻ چاهي ٿو، پر ان جي ابتڙ وڏا وڏا انساني تعاون جا نيٽ ورڪ تصوراتي ڪهاڻين، دلڪش خوابن ۽ منزلن جي هٿ ٺوڪِي معلومات ڦهلائڻ وسيلي پنهنجو وجود برقرار رکندا آهن. اهوئي سبب آهي جو اسان جي دنيا ۾ نازِي ازم ۽ اسٽالينزم جهڙا نظريا موجود رهيا آهن. اهي اصل ۾ بيحد طاقتور نيٽ ورڪ هئا، جيڪي بيحد گمراهه ڪندڙ تصورن تي ٻڌل ۽ ڳنڍيل هئا. جارج آرويل جِي انهن متعلق هي چوڻي ڪافي مشهور پڻ ٿي: “جهالت طاقت آهي.”
ان ڳالهه، جيڪا هڪ حقيقت هئي ته نازِي ۽ اسٽالن جون حڪومتون ظالم خوابن ۽ شرمناڪ ڪُوڙن تي ٻڌل هيون، انهن کي تاريخي طور نه ته غير معمولي بڻايو هو ۽ نه وري انهن کي ٽوڙڻ جو سبب بڻي هئي. نازِي اِزم ۽ اسٽالن ازم انسانن جي طاقتور ترين نيٽورڪن مان ٻه اهم نيٽ ورڪ هئا. 1941ع جي آخر ۾ ۽ 1942ع جي مُنڍ ۾ دنيا جي طاقتور قوتن هڪٻئي سان ملي “ٻئين عالمي جنگ” ۾ ڪاميابي جي راهه هموار ڪئي هئي، جڏهن ته اسٽالن اُن جنگ جو ڪاميابي ماڻيندڙ هيرو بڻجي اڀريو هو. ٻئي پاسي هن کي ۽ سندس وارثن کي 1950ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪن ۾ “سرد جنگ” کي کٽڻ جو موقعو مليو هو. توڙي جو 1990ع جي ڏهاڪي ۾ آزاد خيال جمهوريتون دنيا ۾ طاقت جو سرچشمو رهيون ۽ ٻين حڪومتن مٿان حاوي رهيون، پر هاڻي نظر اهو پيو اچي ته اها ڪاميابي عارضي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته 21 هين صدي ۾ ڪجهه نيون ڊڪٽيٽرشپ تي ٻڌل حڪومتون انهن جاين تي به ڪامياب رهنديون جتي هٽلر ۽ اِسٽالن ناڪام ويا هئا. مستقبل جون اُهي ظالم حڪومتون هٿرادو ذهانت کي استعمال ڪندي مطلق العنان طاقت جا حامل نيٽ ورڪ جوڙي وٺنديون، جيڪي ان دور جي نسلن کان مٿن مڙهيل هٿ ٺوڪِين تصوراتي ڪهاڻين ۽ ڪُوڙن کي وائکو ڪرڻ جي سگهه پڻ ڦُري وٺنديون. اسان کي ان خوش فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته اهي گمراهه ڪُن نيٽ ورڪ يقيني طور ناڪام ٿيندا. جيڪڏهن اسان ٺڳن جي ڪاميابي کان واقعي بچڻ چاهيون ٿا ته اسان کي هِن وقت صحيح رُخ ۾ تمام گھڻي جفاڪشي ڪرڻي پوندي!
معلومات جو نئون تصور:
گمراهه ڪُن نيٽ ورڪس جي طاقت جاچڻ ۽ پرکڻ ڏکيو ڪم آهي، ڇو ته معلومات جا نيٽ ورڪس، چاهي اهي گمراهه ڪُن هجن يا سچائي تي ٻڌل هجن، جو دائره ڪار ڪيتري قدر وسيع آهي بابت اسان غلط فهمي ۾ مبتلا رهندا آهيون. معلومات جي هن غلط فهمي کي آئون “معلومات جي نئين تصور” سان جوڙيان ٿو. هڪ پاسي “فائٿن” (سج، گاڏِي جي گھوڙن کي هڪ ڏينهن لاءِ هڪلڻ واري ڇوڪر جي يوناني ڏند ڪٿا)” ۽ “پوڙهي جادوگر جو اڻ ڄاڻ شاگرد” (گوئٽي جي ڇپايل ڏند ڪٿا تي ٻڌل منظوم ڪهاڻي) جون ڪهاڻيون انسان جي انفرادي نفسيات جو ناڪاري پاسو پيش ڪن ٿيون ته ٻئي پاسي وري معلومات جو نئون تصور وڏي پيماني تي پکڙيل انساني نيٽ ورڪس جو بنهه هاڪاري پاسو پيش ڪري ٿو.
“معلومات جو نئون تصور” دليل ڏئي ٿو ته هڪ انسان جي ڀيٽ ۾ گھڻن انسانن طرفان تمام وڏي پيماني تي معلومات کي گڏ ڪرڻ ۽ ان کي ڇنڊڻ ڇاڻڻ يعني وڏن انساني نيٽ ورڪس وسيلي اسان دوائن، فزڪس، معاشيات ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جي باري ۾ نه رڳو بهتر سمجهه حاصل ڪري سگھون ٿا، پر ان طريقي سان اهي انساني نيٽ ورڪس مسلسل بهتر ۽ ڏاهپ سان ڀرپور پڻ ٿيندا رهن ٿا. مثال طور: بيماري پيدا ڪندڙ مواد (Pathogens) تي وڏي پيماني تي تحقيق وسيلي فارماسيوٽيڪل ڪمپنيون ۽ صحت سان لاڳاپيل ادارا بيمارين جي اصل سببن تائين پهچي ويندا آهن، نتيجي ۾ اهي انهن جي موثر علاج ۽ بچاءُ جو دوائون يا ٽُڪا ٺاهي وٺندا آهن ۽ وڌيڪ طاقت ۽ ڏاهپ حاصل ڪري وٺندا آهن. جهالت ان جي مقابلي ۾ ڪو ميدان نٿي ماري سگھي. گمراهه ڪُن ۽ دوکي وارا معلوماتي نيٽ ورڪس تاريخ جي نازڪ دور يعني ڪنهن تنازعي يا جنگ دوران ٿوري عرصي لاءِ اڀري ۽ ڪامياب ٿي سگھن ٿا، پر اهي اڳتي هلي سندن صاف گو ۽ ايماندار حريفن کان گوءِ نٿا کڻي سگھن. اهو صحت جو ادارو جيڪو بيماري پيدا ڪندڙ مواد ۽ سببن کي نظرانداز ڪري ٿو يا وري اها فارماسيوٽيڪل ڪمپني جيڪا هٿ وٺي غلط معلومات ٿي ڦهلائي ته اهڙي قسم جو ادارو انهن حريفن جي سامهون ٽِڪي نه سگھندو جيڪي معلومات جو صحيح استعمال ڪري ڏاهپ وارا فيصلا ڪن ٿا. ان ڪري معلومات جو نئون تصور ان تي اصرار ڪري ٿو ته گمراهه ڪُن معلوماتي نيٽ ورڪس فقط هڪ خرابي يا گندگي آهي، جڏهن ته معلومات جا وڏا نيٽ ورڪ عام طور تي طاقت کي ڏاهپ سان سنڀالڻ لاءِ ڀروسي جي قابل آهن.
ڏاهپ
معلومات
سچائي
طاقت
(معلومات جو نئون تصور)
معلومات جو نئون تصور يقينن ان ڳالهه جو اقراري آهي ته معلومات کان سچائي تائين جي سفر ۾ ڪيتريون ئي شيون غلط رستي ڏانهن ڀٽڪِي سگھن ٿيون. اسان معلومات جي گڏ ڪرڻ ۽ ان جِي ڇنڊ ڇاڻ ۾ ڪيتريون ئي ايماندار غلطيون ڪري سگھون ٿا. لاڳاپيل ڌريون ۽ ادارا لالچ ۽ نفرت تحت سچي معلومات ۽ اهم حقيقتون لڪائي سگھن ٿا يا اسان کي دوکو ڏئي سگھن ٿا. نتيجي ۾ معلومات سچائي بدران غلطي تي پهچي سگھي ٿي. مثال طور: جزوي معلومات، ناقص تجزيو يا غلط پروپيگنڊا وغيره ايستائين جو ماهرن کي پڻ ڪنهن بيماري جي اصل سبب کان ڀٽڪائي غلط سبب جي نتيجي ڏانهن وٺي وڃي سگھي ٿي.
ان جي باوجود معلومات جو نئون تصور، غلط معلومات ۽ غلط تجزين خلاف وڌيڪ معلومات ۽ وڌيڪ تجزين سان ان کي درست ڪرڻ ۽ معروضي سچائي تائين پهچڻ جو ترياق آهي. جيتوڻيڪ اسان غلطي جو امڪان مڪمل طور تي ختم نٿا ڪري سگھون، پر پوءِ به وڌيڪ معلومات جو مطلب وڌيڪ صحيح هجڻ آهي. هڪ اڪيلو ڊاڪٽر هڪ اڪيلي مريض جي تپاس ۽ چڪاس وسيلي هڪ عالمي وبائي بيماري جي سببن، علاج ۽ بچاءُ جي طريقن ڳولهڻ جي سلسلي ۾ هزارن ڊاڪٽرن طرفان لکين مريضن جي تپاس ۽ چڪاس جي نتيجن کان يقينن گھٽ ڪامياب ئي رهندو. جيڪڏهن اهي هزارين ڊاڪٽر بذاتِ خود سچائي لڪائڻ چاهين ته ان صورتحال ۾ به جيڪڏهن اهڙي ناقص معلومات وڏي پيماني تي عوام ۾ ۽ ميڊيڪل جرنلس ۾ ڇاپي ويندي ته به سچائي آخرڪار سامهون اچي ويندي ۽ انهن جي ٺڳيءَ جو ٺاهه کُلي پوندو.
فطرتي طور تي جيڪڏهن اسان معلومات جو صحيح نموني تجزيو ڪريون ۽ اهم نتيجن کي دريافت ڪري به وٺون، تڏهن به ان جي ڪا گارنٽي ناهي ته اسان اهي نتيجا ڏاهپ سان استعمال ڪري سگھنداسين. ڏاهپ کي عام طور تي “صحيح فيصلا ڪرڻ” طور ڄاتو ويندو آهي، پر هتي “صحيح” جو مطلب ان ڳالهه تي انحصار ڪري ٿو ته مختلف خطن، ثقافتن ۽ نظرين جا ماڻهو ان جو ڪهڙو مطلب ٿا وٺن. فرض ڪريون ٿا ته سائنسدانن هڪ نئين بيماري معلوم ڪئي آهي ۽ انهن ان جي بچاءُ جا ٽُڪا ايجاد ڪري ورتا آهن، پر سائنسدانن يا وري خدا بڻيل حڪومتي ڌرين هڪ مخصوص ڏتڙيل لساني طبقي کي ڪمتر سمجھي انهن کي حفاظتي ٽُڪن کان محروم رکڻ ۽ باقي عوام کي حفاظتي ٽُڪا لڳرائڻ جو فيصلو صادر ڪيو، ته ان صورت ۾ اهو لساني ۽ طبقاتي ذهنيت جو لاڙو ۽ نئين طبي معلومات انهن خلاف هڪ حياتياتي هٿيار طور استعمال ٿي سگھي ٿو، جيڪو هزارين نه، پر لکين ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري سگھي ٿو.
هن معاملي ۾ پڻ معلومات جو نئون تصور يعني وڏي پيماني تي معلومات جي فراهمي، انهن نظرانداز ڪيل اقليتن جو ڪجهه ڀرجھلو ٿي سگھي ٿو. هن تصور مطابق پاڻ کي حياتياتي طور برتر سمجھڻ ۽ ڪنهن طبقي کي حياتياتي طور گھٽ ۽ ڪمتر سمجھڻ پڻ اصل ۾ صحيح معلومات جي عدم موجودگي يا وري غلط معلومات تي اکيون پوري اعتبار ڪرڻ ئي آهي. مطلب ته ڳالهه ڦِري گِھري وري به معلومات جي وڏي پيماني تي عوام ۾ فراهمي تي وڃي بيهي ٿي. هن تصور مطابق تعصبي ماڻهو اصل ۾ گمراهه ڪُن معلومات جا شڪار آهن، جن کي حياتيات ۽ تاريخ جي صحيح ۽ معروضي معلومات تائين رسائي ناهي ۽ انهن جو ذهن فرسوده طبقاتي برتري ۽ ڪمتري وارن سازشي نظرين ۾ قيد آهي. ان ڪري تعصبي سوچ کي جديد حياتياتي ۽ تاريخي معلومات جي فراهمي وسيلي مِٽائي سگھجي ٿو. ان ۾ ظاهر آهي ته ڪجهه عرصو درڪار هوندو، پر معلومات جي آزاد مارڪيٽ ۾ سچائي جو ظهور ۽ غلبو دير سوير ٿيڻو آهي.
توڙي جو معلومات جو نئون تصور ايترو سادو ناهي جو اهو چند سٽن يا صفحن ۾ بيان ڪري سگھجي، ڇو ته اهو وڌيڪ ڳُوڙهو ۽ اُونهو آهي؛ ها ايترو ضرور آهي ته ڪثير معلومات ان جو مغز آهي، ان ڪري جيتري وڌيڪ معلومات ميسر آهي اوتري بهتر آهي. جيڪڏهن ڪافي ساري معلومات فراهم ڪئي وڃي ۽ ڪافي سارو وقت ڏنو وڃي ته وائرل بيمارين کان وٺي طبقاتي تعصبن تائين جي باري ۾ سچائي ضرور ڄاڻي سگھنداسين، جنهن سان اسان نه رڳو وڌيڪ طاقتور بڻباسين، پر ان طاقت کي مناسب ۽ موثر طريقي سان استعمال ڪرڻ جهڙا ٿينداسين.
هي نئون تصور وڌيڪ طاقتور انفارميشن ٽيڪنالاجيز جي سچائي کي سهارو ڏئي ٿو ۽ موجوده ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا جو ڄڻ ته غير سرڪاري تسليم ٿيل نظريو بڻجي چڪو آهي. جُون 1989ع ۾ ديوارِ برلن (Berlin Wall) ۽ لوهي پردي (Iron Curtain) جي ڪِرڻ کان ڪجهه مهينا اڳ رونالڊ ريگن اعلان ڪيو هو ته “دنيا جي ڊڪٽيٽرشپ جي گوليئيٿ مهاديوَ جي ضابطي کي مائڪروچپ جو ڊيوڊ تڪڙو ئي ڪيرائيندو،” ۽ “وڏن ڀائرن مان وڏو، ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي سامهون ڏينهون ڏينهن ڪمزور بڻجي رهيو آهي… معلومات جديد دنيا جي آڪسيجن آهي… اها خاردار تارن وارين ڀِتين منجھان سيمو ڪري وهي ٿي. اها سرحدن تان گول گول ويڙهيل بجلي جي گرم تارن وارين ڀِتين مٿان هوا جو جُهوٽو بڻجي ٽِپي ٿي. برقي اليڪٽراني شعاعن جا جھُوٽا لوهه جي پردن مان ايئن گذرن ٿا جيئن انهن پردن ۾ ڪي ڪَهيون هجن.” نومبر 2009ع ۾ براڪ اوباما ساڳئي جذبي سان شنگھائي جي دوري دوران چائنا جي ميزبانن کي اهو چيو هو، “مان ٽيڪنالاجي ۾ وڏو يقين رکندڙ آهيان ۽ جڏهن ڳالهه معلومات يعني انفارميشن جي هجي ته مان اتي کُليل ۽ کَري معلومات ۾ وڏو يقين رکندڙ آهيان. مان سمجھان ٿو ته جِتي جيتري آزادي سان انفارميشن هڪ کان ٻي جاءِ تائين وهي ٿي اُتي اهو معاشرو اوترو وڌيڪ طاقتور بڻجي ٿو.”
مختلف سرمائيدارَ ۽ ڪاپوريشنز، ٽيڪنالاجي جي باري ۾ اڪثر ڪري اهڙا ئي خوبصورت خيال پيا ونڊيندا آهن. 1858ع ۾ دي نيو انگلينڊر اخبار، ٽيليگراف (تار) جي ايجاد جي موقعي تي هڪ ايڊيٽوريل ڇاپيو هو، ان ۾ لکيو هو، “اهو ناممڪن آهي ته هاڻي پراڻا تعصب ۽ پراڻيون دشمنيون ڪي وڌيڪ جاري رهِي سگھن، ڇو ته ڌرتيءَ تي سڀني قومن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي-وٺ لاءِ هڪ اهڙي اوزار جي ايجاد ٿي چڪي آهي.” تقريبن ٻن صدين ۽ ٻن عالمي جنگين کانپوءِ مارڪ زَڪربرگ چيو آهي ته “فيس بُڪ جو مقصد ماڻهن جي اهڙِي مدد ڪرڻ آهي جو اهي هڪ ٻئي سان معلومات کي وڌيڪ ونڊين ته جيئن دنيا کي وڌيڪ کُليل ۽ وسيع بڻائي سگھجي، ان کان سواءِ ان جو مقصد ماڻهن کي هڪ ٻئي کي سمجھڻ ۾ مدد ڪرڻ پڻ آهي.”
مشهور مستقبل شناس، دُور انديش ۽ سرمائيدار ري ڪُرزويل(Ray Kurzweil) 2024ع ۾ پنهنجي تازي ڇپايل ڪتاب “وحدت ويجِهي آهي” (The Singularity is Nearer) ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تاريخ جي ورق گرداني ڪندي هن نتيجي تي پهچي ٿو ته، “اها هڪ حقيقت آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي بدولت زندگي جو هر شعبو ۽ هر حصو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو ۽ بهتر بڻجندو پيو وڃي.” هُو انساني تاريخ ۾ پوئتي جھاتِي پائيندي ۽ هڪ وڏي وٿ بابت ويچاريندي مثال ڏئي ٿو ته ڪيئن نه پرنٽنگ پريس هڪ صدقه جاريه مثل انفارميشن ٽيڪنالاجي جِي ايجاد بڻجي چڪي آهي “جنهن جو دائره ڪار انساني چڱ ڀلائي جي هر شعبي تائين پکڙيل آهي ۽ اهو مسلسل پکڙجي رهيو آهي، جيئن خواندگي، تعليم، دولت، صفائي سٿرائي، صحت، جمهوريت ۽ تشدد ۾ گھٽتائي وغيره.”
معلومات جي نئين تصور کي شايد گوگل جي مِشن (نصب العين) بهتر نموني قيد ڪيو آهي. ان مطابق، “دنيا جي معلومات کي ترتيب ڏيڻ ۽ ان کي سڄي دنيا ۾ هڪ جهڙائي سان پهچائڻ ۽ ڪارائتو بڻائڻ آهي.” گوئٽي جي “پوڙهي جادوگر ۽ اڻ ڄاڻ شاگرد” واري ڪهاڻي جي خدشن جي حوالي سان گوگل جواب ڏئي ٿو ته “جيتوڻيڪ هڪ سيکڙاٽ شاگرد سندس جادوئي منترن واري ڪتاب مان هڪ منتر ٻُوهاري تي پڙهي تباهي مچائي سگھي ٿو، پر معلومات جي مفت عالمي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي صورت ۾ جڏهن لاتعداد سيکڙاٽ جادوئي منتر پڙهندا ته اهي نه رڳو ڪارائتا جادوئي ٻُوهارا تخليق ڪندا، پر انهن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ جو هنر پڻ سکي ويندا.”