تاريخ 17 مارچ 2026 تي اسرائيل ۽ آمريڪا ايران جي رهنما علي لاريجاني کي ان وقت حملو ڪري شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن هو پنهنجي ڌيءَ سان ملاقات ڪرڻ ويو هو. اسرائيل خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ خوفزده ايران کان آهي. اسرائيل جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايران جي رجيم چينج نه ڪئي وئي ته اسرائيل جو طاقتور ٿيڻ ان جي لاءِ هڪ خواب بڻجي ويندو ۽ ايران اڃان وڌيڪ طاقت حاصل ڪري وٺندو. ڇو ته هن وقت موجوده رجيم ۾ ڪيترائي هارڊ لائينر رهنما موجود آهن، جن مان ڪيترن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ اڃان ڪيترائي نشاني تي آهن. حقيقت ۾ علي لاريجاني هڪ معتدل مزاج ليڊر هو ۽ هن چاهيو ٿي ته خطي ۾ پرامن طريقي سان ايران جا لاڳاپا ٻين ملڪن سان قائم ڪيا وڃن ۽ هو ايران ۽ اولهه جي وچ ۾ ڳالهين ۽ ڊپلوميسي جو حامي هو. سندس وڃڻ کانپوءِ ايران جي اندر سياست ۾ توازن برقرار رکڻ شايد مشڪل ٿي وڃي. هن وقت لڳي ٿو ته ايران جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي نظام ۾ تمام گهڻا سنجيده مسئلا موجود آهن، اهوئي سبب آهي جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي کانپوءِ علي لاريجاني جهڙي اعليٰ شخصيت جي شهادت ۽ غلام رضا سليماني جيڪو بسيج متضعفين جو سربراهه هو انهن کي هڪٻئي جي پويان شهيد ڪيو ويو آهي. علي لاريجاني ايران جي سياست ۾ هڪ تمام تجربيڪار حڪمت عملي جوڙيندڙ ۽ بااثر شخصيت رهيو. سندس تعلق هڪ طاقتور مذهبي ۽ سياسي گهراڻي سان هو. سندس والد آيت الله مرزا هاشم آمولي هڪ وڏو عالم هو. علي لاريجاني ايران جي رياستي نظام ۾ وڏن اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو. هو 2008ع کان 2020ع تائين مسلسل ٻارنهن سال ايران جي پارليامينٽ جو حصو رهيو. ڏهن سالن تائين ايران جي سرڪاري ريڊيو ۽ ٽي وي جي نيٽورڪ جي قيادت ڪئي. هو هڪ عمل پسند، پر گڏوگڏ قدامت پسند شخص پڻ هو. هو وقت ۽ حالتن کي ڏسي پنهنجون حڪمت عمليون جوڙڻ ۽ انتها پسندي بدران سياسي مصلحت ۽ ڊپلوميسي تي وڌيڪ يقين رکندو هو. هو هڪ اسڪالر پڻ هو، هن فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي، کيس مغربي فلسفي توڙي اسلامي فڪر تي عبور حاصل هو. هو آيت الله علي خامنائي جو خاص صلاحڪار به رهيو ۽ سندس راءِ ملڪ جي لاءِ وڏين وڏين پاليسي ٺاهڻ وارن اهم فيصلن ۾ تمام اهم حيثيت رکندي هئي.
خاص طور تي چين سان اسٽريٽيجڪ لاڳاپن جو انچارج به رهيو. جنهن ۾ پنجويهن سالن واري تاريخي تعاون جي معاهديYear Strategic Partnership-25 جي نگراني ۽ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ جي ذميداري به وٽس هئي. سندس شهادت صرف هڪ سياستدان جو قتل يا وڇوڙو ناهي، پر ايران لاءِ هڪ گهرو ڌڪ آهي، هو ايٽمي پروگرام جي ڳالهين کان وٺي علاقائي معاملن تائين ايران جي سڀني معاملن کي تمام گهرائي سان سمجهندو ۽ پاليسيون ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو. ايئن کڻي چئجي ته هو ايران جي سياست جي بساط جو هڪ وڏو رانديگر هو. ايران هڪ تمام ذهين شخص وڃايو آهي. ايران هن وقت جنگ جي صورتحال ۾ آهي، معاشي ۽ علاقائي خطرن ۾ گهيريل آهي، لاريجاني جهڙي شخص جو زيان ايران لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. اسرائيل ۽ آمريڪا علي لاريجاني ۽ غلام رضا سليماني جي شهادت کي پنهنجي وڏي ڪاميابي طور پيش ڪري رهيا آهن. اسرائيل هن حملي ۾ ٻنهي شخصيتن کي شهيد ڪرڻ جي کلي عام ذميداري قبول ڪئي آهي. نيتن ياهو جي آفيس مان بيان جاري ٿيو ته انهن ٻنهي شخصيتن جو قتل ايران جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اسرائيلي فوج جو موقف آهي ته هاڻي ايران جي فوجي صلاحيتن کي منظم انداز ۾ هلائڻ واري صلاحيت کي وڏو نقصان رسايو ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ لاريجاني جي موت کي پنهنجي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي ۽ هن چيو آهي ته ايران جا اڳواڻ هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. آمريڪا لاريجاني سميت ڪيترن ئي ايران عملدارن بابت معلومات ڏيڻ تي هڪ ڪروڙ ڊالرن جو انعام رکيو هو، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته اهي شخصيتون آمريڪا جي هٽ لسٽ تي ته هيون، پر ايران جي اندر به اهڙا غدار موجود هئا، جن ان انعام کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو نقصان ڪيو آهي.
هن وقت اسرائيل ۽ آمريڪا جو گڏيل موقف اهو آهي ته اهي جلد ئي ايران جي موجوده قيادت کي ختم ڪري رجيم چينج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، پر تجزيه نگارن جو اهو خيال آهي ته اها صورتحال ايتري آسان ناهي اڃان رجيم چينج ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي لاءِ تمام گهڻيون رڪاوٽون موجود آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايران هن وقت پنهنجي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور موڙ تي بيٺل آهي. اڃان ڪجهه چئي نٿو سگهجي ته ايران وٽ پنهنجي رجيم کي بچائڻ لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون موجود آهن. ايندڙ چند هفتن ۾ يقينن ان جو پتو پئجي ويندو.