گذريل ڪيترن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ نهايت ڪريل ۽ افسوسناڪ مهم هلي رهي آهي. ڪجھه ٽي وي چينل عورت اينڪرن جي تصويرن کي ڄاڻي واڻي ان نقطهءِ نظر کان ڪٽي پيش ڪيو پيو وڃي ته انهن جي خاص بدن جا حصا چٽا ڏيک ڏين ٿا ۽ پوءِ انهن ئي تصويرن تي فحش تبصرا، جنسي چسڪا ۽ بازاري جملا لکيا پيا وڃن. افسوسناڪ سبب اهو آهي ته اهو سڀ ڪجھه صرف اهي ماڻهو نه پيا ڪن جيڪي روايتي مذهبي شدت يا عورت دشمن ذهنيت لاءِ بدنام آهن، بلڪه پاڻ کي“لبرل” “پروگريسو” “ليفٽسٽ” ۽ “تعليم يافته” سڏرائڻ وارا ماڻهو به ساڳئي غليظ ذهنيت جو مظاهرو ڪندي ڏيک ڏين ٿا. روايتي مذهبي شدت پسندي جي ڪن ڌرين کان ته اهڙي تنگ نظري ۽ عورت دشمن سوچ جي اميد اڳ ئي ڪئي ويندي رهي آهي، پر افسوس ۽ حيرت ان وقت وڌي وڃي ٿي جڏهن اهي ئي ماڻهو جيڪي پاڻ کي جديد، روشن خيال ۽ عورتن جي حقن جا علمبردار چورائين ٿا. عملي طور تي انهيءَ غليظ ذهنيت جو مظاهرو ڪندي نظر اچن ٿا. زبان تي آزادي، برابري ۽ عورتن جي وقار جا نعرا؛ پر ذهن جي اندر اهائي پستي ۽ جنسي حوس سان ڀريل گندي سوچ.
اهو به ممڪن آهي ته ڪڏهن ڪئمرا اينگل يا پوءِ ايڊيٽنگ جي سبب کان تصوير جو ڪو اهڙو رخ اچي وڃي جيڪو مناسب نه هجي. ان معاملي ۾ پروگرامن جي پروڊيوسرن جي وڌيڪ ذميداري بڻجي ٿي ته اهي ڪئمرامين جي اهڙي ڪڌي حرڪت کي چيڪ ڪن ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا تصوير اچي ٿي ته ان کي ايڊيٽنگ جي ذريعي ختم ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪٿي اهڙو پل اتفاقن اچي به وڃي ته مهذب معاشرن ۾ ان کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، نه ته ان کي ڄاڻي واڻي ڪٽي ڪري سوشل ميڊيا تي پکيڙيو وڃي ۽ ان تي جنسي لطيفا يا ڪڌا تبصرا ڪيا وڃن. اصل مسئلو تصوير ۾ نه، بلڪه انهن ذهنن ۾ آهي، جيڪي هر شيءِ کي جنسي عينڪ سان ڏسڻ جا عادي ٿي چڪا آهن. حقيقت اها آهي ته ان قسم جي پوسٽن ۽ تبصرن کان اهو چٽو ٿي وڃي ٿو ته ڪي نام نهاد لبرلز ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ به عورت جي باري ۾ غلط ۽ غليظ سوچين ٿا. مون پاڻ به اهڙين محفلن ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي ته ظاهر ۾ تمام گهڻو ترقي پسند نظر ايندڙ ماڻهو پنهنجن ئي حلقن جي عورتن جي باري ۾ هڪ ڀيري پاڻ کي ڪميونسٽ سڏرائڻ واري هڪ شخص کي مون اهو چوندي ٻڌو ته “فلاڻي عورت نهايت سيڪسي ڪپڙا پائي ٿي” انهيءَ جملي سندس سمورين نظرياتي دعوائن جي ڳنڍ کولي ڇڏي هئي. اها به سخت حقيقت آهي ته ڪي ماڻهو لبرل ازم ۽ فيمينزم جا نعرا اصل ۾ عورتن سان گڏ ذاتي قربتن پيدا ڪرڻ لاءِ يا دوستين جا ڄار وچائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. نظرين جي اوٽ ۾ لڪل اها “غليظ سوچ” اصل ۾ عورت کي هڪ انسان جي طور نه بلڪه هڪ خواهش جي موضوع طور ڏسي ٿي.
ان موقعي تي عورتن کي به سوچڻ گهرجي، جيڪي مرد سوشل ميڊيا تي ان ريت جا غليظ تبصرا ڪن ٿا، انهن سان فيس بڪ يا ذاتي زندگي ۾ تعلقات رکڻ اصل ۾ انهيءَ ذهنيت کي سگھه ملي ٿي. اهڙين عورتن کي گهرجي ته اهڙن ماڻهن کي هڪدم انفرينڊ ڪن ۽ اهڙن ماڻهن کان مفاصلو اختيار ڪن. ڇاڪاڻ ته جيڪو شخص عوامي طور تي عورتن تي ٺٺول ڪري ٿو، اهو حقيقت ۾ هر عورت جي وقار جي بيعزتي ڪري رهيو آهي. پچاڙي ۾ ڳالھه چٽي آهي، تعليم، لبرلزم يا ترقي پسندي جو اصل امتحان لفظن جي نعرن سان نه بلڪه ڪردار ۽ زبان سان ٿيندو آهي. جيڪڏهن اظهار جي آزادي جو مطلب عورتن جي بيعزتي ۽ جنسي ٺٺول بڻجي وڃي ته اها آزادي نه بلڪه ذهني پستي، اخلاقي ڏيوالپي ۽ بيمار معاشرتي ذهنيت جي نشاني آهي. اهڙن ماڻهن جي منهن تان لبرلزم جو پردو لهي چڪو آهي، انهن جي پٺيان لڪل غليظ حقيقت هاڻي سڀني جي سامهون اچي چڪي آهي.