بلاگنئون

مارڪس ۽ جنگ جو سوال

اوڻيهين صدي ۾ جڏهن يورپ ۾ صنعت تيزي سان پکڙجي رهي هئي ۽ سماجي ڍانچا بدلجي رهيا هئا ته ڪارل مارڪس جنگ ۽ سياست کي هڪ نقطهءِ نظر کان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. مارڪس جي ويجهو جنگ صرف رياستن يا قومن جي وچ ۾ ٽڪراءَ ناهي بلڪه ان جي پٺيان سماج جي اندر موجود معاشي مفاد ۽ طبقاتي ٽڪراءَ به ڪارفرما هوندا آهن. مارڪس جو بنيادي نظريو اهو هو ته انساني تاريخ کي سمجهڻ جي لاءِ طبقاتي تعلقات کي ڏسڻ ضروري آهي. انهيءَ لاءِ هن The Communist Manifesto ۾ لکيو ته اڃان تائين سمورن معاشرن جي تاريخ طبقاتي جدوجهد جي تاريخ آهي. ان جي مطابق سماج سدائين حڪمران ۽ محڪوم طبقن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کان گذري ٿو، جيڪا ڇڪتاڻ ڪڏهن هڙتالن ۽ بغاوتن جي شڪل اختيار ڪري ٿي ۽ ڪڏهن رياستن جي وچ ۾ جنگ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. مارڪس جي مطابق رياست ڪا غير جانبدار ادارو ناهي هوندي، بلڪه اڪثر ان طبقي جي مفادن جي حفاظت ڪندي آهي، جنهن وٽ معاشي طاقت هوندي آهي. سرمائيداراڻي معاشري ۾ رياست عام طور تي بورزوا طبقي جي مفادن جي نمائندگي ڪندي آهي. انهيءَ لاءِ مارڪس چيو ته جديد رياست اصل ۾ بورزوازي جي گڏيل مفادن کي هلائڻ واري ڪميٽي جيان ڪم ڪندي آهي. جڏهن رياست جي سڃاڻپ اهڙي هجي ته ان جي پرڏيهي پاليسي ۽ جنگيون به اڪثر انهن ئي معاشي مفادن سان ڳنڍيل هونديون آهن.

مارڪس سرمائيداري جي هڪ اهم خاصيت ڏانهن اشارو به ڪيو ته سرمائيداري کي مسلسل نئين منڊين ۽ وسيلن جي ضرورت هوندي آهي. ان ضرورت جي سبب کان سرمائيدار طبقو دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ٿو ۽ معاشي و سياسي مقابلو پيدا ٿئي ٿو. بيٺڪيتي مهمون، عالمي واپار جي لاءِ مقابلو ۽ فوجي ٽڪراءَ انهيءَ عمل جو حصو بڻجي وڃن ٿا، پر مارڪس صرف حڪمران طبقن وارين جنگين جو تجزيو نٿو ڪري بلڪه هو مزدور طبقي جي نقطهءِ نظر کي به اهميت ڏئي ٿو. ان جي ويجهو مزدورن جا مفاد اڪثر قومي سرحدن کان اڳتي وڃن ٿا. انهيءَ  لاءِ هن چيو ته مزدورن جو ڪو وطن ناهي. ان جملي جو مقصد اهو هو ته قومي سياست اڪثر مزدورن کي اهڙين جنگين ۾ شامل ڪري ڇڏي ٿي جن کان اصل فائدو سرمائيدار طبقي کي ٿيندو آهي. مارڪس ڪجھه جنگين کي تاريخي طور تي ترقي پسند به قرار ڏنو. مثال طور تي هن American civil war کي غلامي جي خاتمي جي سبب کان هڪ اهم تاريخي مرحلو سمجهيو. ان جي مطابق جتي اڇي چمڙي وارو انسان غلام هجي، اتي اڇي چمڙي وارو مزدور به حقيقي آزادي حاصل نٿو ڪري سگهي. مارڪس جي مطابق رياست ڪا غير جانبدار ادارو ناهي هوندي بلڪه اڪثر ان طبقي جي مفادن جي حفاظت ڪندي آهي، جنهن وٽ معاشي طاقت هوندي آهي. سرمائيداراڻي معاشري ۾ رياست عام طور تي بورزوا طبقي جي مفادن جي نمائندگي ڪندي آهي. انهيءَ لاءِ مارڪس چيو ته جديد رياست اصل ۾ بورزوازي جي گڏيل مفادن کي هلائڻ واري ڪميٽي جيان ڪم ڪندي آهي. جڏهن رياست جي سڃاڻپ اهڙي هجي ته ان جي پرڏيهي پاليسي ۽ جنگيون به اڪثر انهن ئي معاشي مفادن سان ڳنڍيل هونديون آهن. انهيءَ ريت 1871ع ۾ جڏهن  Paris Commune قائم ٿي ته مارڪس ان تجربي جو ڳوڙهو تجربو ڪيو. پنهنجي لکڻي The civil war in France۾ هن چيو ته مزدور طبقو صرف موجوده رياستي مشينري تي قبضو ڪري پنهنجا مقصد حاصل نٿو ڪري سگهي بلڪه انهيءَ کي پراڻي رياستي مشينري ٽوڙي ڪري هڪ نئين سماجي طاقت قائم ڪرڻي پوندي.

ان ريت مارڪس جي ويجهو جنگ کي صرف فوجي حڪمت عملي يا سفارشي جهڳڙي جي طور تي سمجهڻ ناڪافي آهي. جنگ اصل ۾ معاشي نظام، رياستي طاقت ۽ طبقاتي مفادن سان گڏ ڳوڙهو تعلق رکي ٿي. انهيءَ لاءِ مارڪس تجزيي ۾ جنگ کي ڪشادي سماجي ۽ تاريخي عمل جي اندر رکي ڪري سمجهيو وڃي ٿو. مارڪسي روايت ۾ اهو به چيو ويندو آهي ته رياست ۽ عوام هڪ ئي شيءِ ناهي هوندي. رياست هڪ طبقاتي ادارو هوندي آهي، جيڪا خاص معاشي مفادن جي نمائندگي ڪري ٿي. انهيءَ لاءِ ڪنهن رياست جي صرف ان بنياد تي حمايت ڪرڻ ته اها ڪنهن وڏي طاقت جي خلاف آهي، مارڪسي نقطهءِ نظر کان ان جنگ يا پاليسي جو اثر مزدور طبقي ۽ عام ماڻهن تي ڇا ٿئي ٿو. مارڪس جو بنيادي نقطو اهوئي هو ته حڪمران طبقا اڪثر قومي نعرن ۽ جذبن جي وسيلي عوام کي اهڙين جنگين ۾ شامل ڪري ڇڏين ٿا جيڪي اصل ۾ انهن جي پنهنجن معاشي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ هونديون آهن. ان جي ڀيٽ ۾ مزدور طبقي جي اصل طاقت سندس بين الاقوامي ٻڌي ۽ آزاد سياسي موقف ۾ آهي.