بلاگنئون

غربت جا حيران ڪندڙ سبب

پاڪستاني نوجوان جا بهترين ڏهه سال “سرڪاري نوڪري” جي انتظار ۾ سڙي ويندا آهن. اهي 25 هزار جي خانگي نوڪري يا ننڍي ڪاروبار کي بي عزتي سمجهندا آهن ۽ 30 سالن جي عمر تائين پنهنجي والدين جي خرچن تي وڏا ٿيندا آهن. جڏهن اهي هوش ۾ ايندا آهن، وقت ۽ عمر ٻئي ضايع ٿي چڪا هوندا آهن. کيسي ۾ پئسا نه هجن، پر 10 لک جي شاديءَ جي ماني ۽ 5 لک جو ڏاج ڏيڻ هڪ “نڪ” جو مسئلو آهي. هيءَ قوم صرف 4 ڪلاڪن جي تقريب ۾ ماڻهن کي کارائي پنهنجي زندگيءَ جي سڄي بچت ضايع ڪري ٿي ۽ پوءِ ايندڙ پنجن سالن تائين قرض ادا ڪندي رهي ٿي. مون وٽ ماسٽرز جي ڊگري آهي، پر مون کي خبر ناهي ته پيشه ور  اِي-ميل ڪيئن لکجي. اسان جي تعليمي نظامَ صرف نوڪر پيدا ڪيا آهن، ماهر ماڻهو نه. ڊگريءَ کي قابليت سمجهڻ سڀ کان وڏي بيوقوفي آهي. ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ ڊگرين جي بدران صلاحيتن جي قيمت ادا ڪري ٿي. اهو گڏيل خانداني نظام جو تلخ سچ آهي ته جيڪڏهن هڪ ڀاءُ ڪمائڻ شروع ڪري ٿو ته باقي پنهنجا پير پکيڙي ڇڏين ٿا. هتي “پيراسائيٽي” (مفت کائڻ وارو) بڻجڻ جو رواج آهي، جنهن جي ڪري ڪمائيندڙ ڪڏهن به امير نٿو ٿي سگهي. ڇو ته سندس پئسا سيڙپ نه ڪيا ويندا آهن، پر ٻين کي کارائڻ تي خرچ ڪيا ويندا آهن. پاڪستاني سيڙپڪاري کان ڊڄن ٿا، پر انهن کي “ويسيون” رکڻ جو شوق آهي. ويسيون (مئل پئسا) آهن. ٻن سالن کانپوءِ ملندڙ هڪ لک رپيا مهانگائي جي هن دور ۾ 60 هزار جي برابر هوندا آهن. هيءَ بچت نه آهي، اهو توهان جي پئسن جو قدر گهٽائڻ جو هڪ طريقو آهي. مان چوڌري/چڱي مڙس جو پٽ آهيان. هن ڪُوڙي انا لکين گهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هتي ماڻهو بک مرندا، پر ڪوبه ننڍڙو ڪم شروع ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آهن. ياد رکو، ڪم ننڍو ناهي، نوڪر جي سوچ ننڍي آهي. اسان اها قوم آهيون جيڪا 40 سالن جي عمر تائين تيل ۽ کنڊ گهڻي مقدار ۾ واپرائڻ سبب پنهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏيون ٿا ۽ 50 سالن جي عمر تائين پهچڻ کانپوءِ پنهنجي سموري ڪمائي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کي ڏئي ڇڏيندا آهيون. صحت کي نظرانداز ڪرڻ غربت جو سڌو رستو آهي. اسان امير ٿيڻ چاهيون ٿا، پر محنت کانسواءِ. ڪڏهن ڊبل ڪنگ، ڪڏهن ڪرپٽو فراڊ ۽ ڪڏهن لاٽري. پاڪستاني ماڻهن کي عمل جي پڪ ناهي، انهن کي هڪ معجزي جي ضرورت آهي ۽ نسلن جا نسل ان معجزي جي انتظار ۾ غريب رهندا آهن. اسان سدائين ٻين تي الزامَ ڌريندا آهيون ته فلاڻا ماڻهو يا فلاڻا ادارا ڪرپٽ آهن. نظام ڪونه سڌرندو. اُن آڙ ۾ پاڻ کي بي قصور ڄاڻندا آهيون ۽ پاڻ کي بدلائڻ ۽ پاڻ ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون. اسان اهي ماڻهو آهيون جيڪي قسطن تي “آئي فون” وٺندا آهيون ته جيئن اسان انهن ماڻهن کي متاثر ڪري سگهون جيڪي اسان کي پسند به نٿا ڪن. غير ضروري شين (ذميوارين) لاءِ قرض وٺڻ مالي خودڪشي آهي، جيڪو هتي هر ٻيو ماڻهو ڪري رهيو آهي.

ڪتاب ڊگري حاصل ڪندي ئي بند ٿي ويندا آهن. سراسري طور تي، هڪ پاڪستاني سال ۾ هڪ به ڪتاب نٿو پڙهي. جڏهن توهان پنهنجي ذهن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ بند ڪندا آهيو ته توهان جو کيسو پاڻمرادو خالي ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. غربت جو هڪ وڏو سبب رڳو “گهڻا ٻار پيدا ڪرڻ ۽ سندن تربيت تي ڌيان نه ڏيڻ” آهي. هڪ غريب ماڻهو رڳو ٻار پيدا ڪري ٿو، پر سندن ھنر، ڌنڌي ۽ نوڪري جو ڪو خاص خيال نٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته ان جي سوچ رڳو اھا آهي ته “اهي وڏا ٿي پئسا ڪمائيندا” هو اهو نٿو سوچي ته جيڪي ٻار وسيلن ۽ تربيت کانسواءِ وڏا ٿين ٿا اهي “سرمايو” نه آهن، پر سماج ۽ والدين تي “بار” بڻجي ويندا آهن. پئسا نه ٻڏڻ گهرجن، هن خوف جي ڪري، ماڻهو بينڪ ۾ پئسا سڙڻ ڏين ٿا يا پلاٽ خريد ڪري ڇڏيندا آهن. ڪاروبار ڪرڻ، خطرو کڻڻ جي ڪا به همت ناهي ۽ جيڪي خطرو نٿا کڻن اهي ڪڏهن به ترقي نٿا ڪري سگهن. هڪ امير ماڻهو کي ڏسڻ کان سکڻ بدران، اسان اهو چئون ٿا ته هو ڪيئن امير ٿيو؟ هن اهو پئسو غير قانوني طور ڪمايو هوندو. توهان امير کان نفرت ڪندي ڪڏهن به امير نٿا ٿي سگهو، ڇاڪاڻ ته لاشعوري طور تي توهان اهو نٿا چاهيو جيڪو توهان خراب سمجهو ٿا. چانهه جي هوٽلن تي سياسي بحثن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ٽڪ ٽاڪ تي اسڪرولنگ ۽ بيڪار گڏجاڻيون. هڪ غريب ماڻهوءَ وٽ پئسن کان علاوه سڀ کان قيمتي شيءِ “وقت” آهي ۽ هو ان کي سڀ کان وڌيڪ بي رحمي سان ضايع ڪري ٿو. ٻين تي يا قسمت تي پنهنجي مصيبت جو الزام لڳائڻ بند ڪريو، ڇاڪاڻ ته سچ اهو آهي ته توهان جا کيسا خالي نه آهن، پر توهان جو ذهن بنجر آهي. جيستائين توهان پنهنجي غلط انا ۽ سُستي کي ڇڏي نٿا ڏيو، غربت توهان جي نسلن کي چٽيندي رهندي.