بلاگنئون ننڍڙا جهيڙا ۽ وڏا مقصد April 3, 2026 Zahida Abro انسان جي زندگي ۾ سڀ کان قيمتي شيءَ وقت ناهي، بلڪه ڌيان ۽ توانائي هوندي آهي. وقت ته سڀني وٽ هڪ جهڙو هوندو آهي، پر هر انسان پنهنجو ڌيان ڪٿي خرچ ڪري ٿو، اهوئي سندس شخصيت ۽ ڪاميابي جي مقرري ڪري ٿو. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو پنهنجي زندگي جا قيمتي سال اهڙن جهڳڙن ۾ وڃائي ڇڏين ٿا جن جو نه ڪو اخلاقي فائدو هوندو آهي، نه فڪري ۽ نه ئي عملي. ڪجھه ماڻهو هر ڳالھه جو جواب ڏيڻ ضروري سمجهن ٿا. جيڪڏهن ڪو انهن جي باري ۾ ڳالھه ڪري ته جواب، جيڪڏهن ڪو تنقيد ڪري ته جواب، جيڪڏهن ڪو نظرانداز ڪري ته به جواب ڄڻ ته انهن جي زندگي ٻين جي رد عمل جي چوڌاري گهمڻ لڳي ٿي. نتيجو اهو نڪري ٿو ته انسان پنهنجي اصل منزل کان ڏور ٿيندو وڃي ٿو. ڏاها ماڻهو هڪ مرحلي تي اها ڳالھه سمجهي وڃن ٿا ته هر ويڙهه وڙهڻ ضروري ناهي هوندي ڪي ويڙهون اصل ۾ اسان جي ڌيان کي چڙوچڙ ڪرڻ لاءِ هونديون آهن. بي معنيٰ تنقيد، چغل خوري، خانداني انا جا جهڳڙا يا معاشرتي اميدن جي نالي تي ٿيڻ واري ڇڪتاڻ. اهي سمورا اهڙا ميدان آهن جتي انسان کٽي به وڃي تڏهن به اصل ۾ هارائي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي توانائي اتي خرچ ڪئي، جتي هن جي ڪا حقيقي حاصلات نه هئي.ڪامياب ماڻهو پنهنجون جنگيون پاڻ چونڊين ٿا، اهي پنهنجي طاقت انهن مامرن تي هڻن ٿا جيڪي انهن جي سوچ، خواب ۽ مستقبل سان ڳنڍيل هوندا آهن. اهي پنهنجو ڌيان ان ڳالهھ تي رکن ٿا ته انهن جون صلاحيتون ڪهڙي ريت وڏي مقصد ۾ پوئجي سگهن ٿيون. ان مرحلي تي اهي ڪيترن ئي آوازن کي نظرانداز ڪرڻ سکي وٺن ٿا. انهن کي پتو هوندو آهي ته جيڪڏهن هر آواز جو جواب ڏنو وڃي ته منزل تائين پهچڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. اصل ڏاهپ اها آهي ته انسان اهو طئي ڪري ته هن کي ڪنهن شيءِ جي لاءِ وڙهڻو آهي ۽ ڪنهن شيءِ کي نظرانداز ڪري ڇڏڻو آهي. ڪجھه جهڳڙا اهڙا هوندا آهن جيڪي وقتي سڪون ته ڏئي ڇڏين ٿا، پر زندگي جي وڏن مقصدن کي نقصان پهچائي ڇڏين ٿا. جڏهن ته ڪا جدوجهد اهڙي هوندي آهي، جيڪا ظاهر ۾ مشڪل هوندي آهي، پر انسان جي تقدير بدلائي ڇڏي ٿي. زندگي جي بصيرت شايد اهائي آهي ته انسان ننڍڙن جهڳڙن کي ننڍڙو سمجهڻ سکي ڇڏي ۽ پنهنجي توانائي انهن خوابن تي هڻي ڇڏي جيڪي هن جي شخصيت کي بلند ۽ هن جي زندگي معنيٰ واري بڻائي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته جڏهن انسان ننڍڙين ويڙهن کان مٿي کڄي وڃي ٿو ته اهو وڏين ڪاميابين ڏانهن وکون وڌائي سگهي ٿو. Post Views: 46