بلاگنئون

هن جي شاعري ڪنهن ڪٿا کان گهٽ ناهي…!

اتهاس  لکڻ ٿي چاهيان

ڪجهه خاص لکڻ ٿي چاهيان!

هوءَ پاڻ  به سندر آهي، خوبصورت آهي، پر پوءِ به هوءَ سدائين سُندرتا جي متلاشي رهي آهي. ڊان اخبار جي رائيٽر اَردشير ڪائوسجي ڊان ۾ ڪالم وڏي عمر ٿيڻ کانپوءِ لکڻ شروع ڪيا، هن به شاعري دير سان لکڻ شروع ڪئي آهي. “پر دير آيد درست آيد..!” هن جي شاعري ڄڻ هن بدبودار ۽ خراب نظام جي هڪ ڏک ڀري درد ڪٿا هجي. حالانڪه خرابي هن گندي نظام ۾ ناهي، پر ان کي هلائيندڙ بدعنوان ٺيڪيدار قسم جي ماڻهن ۾ آهي.

هوءَ اتهاس لکڻ ٿي چاهي يعني رڳو عام رِواجي تاريخ لکڻ نٿي چاهي، پر اهڙي تاريخ لکڻ جي حسرت، خواهش ۽ تمنا رکي ٿي، جيڪا ٻين کان نرالي هجي، الڳ هجي، مختلف هجي..! جنهن ۾ سراپا سچ، احساس، تڪليفون، جدوجهد، وساريل ۽ ڌڪاريل آواز شامل هجن. هتي “ڪجهه خاص لکڻ” مان مراد اها آهي ته تاريخ صرف بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽ ڪنيزن، وزيرن ۽ مشيرن، جنگين يا تختن تائين محدود نه هجي، پر الف عام ماڻهن جي زندگين، سندن سورن، خوابن، اميدن ۽ قربانين کي به لفظ ۽ ڀيٽائون مِلن..! اهڙي تاريخ قلم سان نه، پر ضمير سان لکي ويندي آهي؛ جنهن ۾ خوشامد ناهي، پر حقيقت ھوندي آهي، جنهن جو مُهوَر طاقتور نه، پر مظلوم عوام هوندو آهي. مطلب ته زاهده ابڙو چاهي ٿي ته سندس لکڻي وقت جي دَرٻار ۾ سچ جي شاهدي بڻجي، رڳو ڪتابن جي زينت نه…!

صيفو (Sappho)  قديم يونان جي وڏي ۽ مشهور شاعره هئي.

سندس شاعري خاص طور محبت، احساس، عورت جي دل، وڇوڙو ۽ سونهن بابت هئي. زاهده ابڙو جديد دور جي شاعره آهي جيڪا پڻ سونهن جي ڳولائو آهي. جيئن هيٺئين گيت ۾ هوءَ سونهن جي تلاش ۾ سرگردان ۽ سراپا احتجاج بڻيل آهي. هوءَ ظاهري صورت بدران اندروني سونهن تي زور ڏئي ٿي. هوءَ چوي ٿي جيڪي چهرا ڪارا يا ڪوجها  آهن ۽ جيڪي ماڻهو اٻوجهه، سادا يا سماج جي نظر ۾ گهٽ سمجهه وارا آهن، تن ۾ به مان سونهن ڳولهيان ٿي. هتي “سندرتا” رڳو چهري جي خوبصورتي ناهي، پر دل جي صفائي، سچائي، محبت، انسانيت ۽ اخلاص آهي. هنن سٽن ۾ ھوءَ اهو پيغام ڏئي ٿي ته حقيقي حسن رنگ، صورت يا ظاهري چَمڪ ۾ ناهي، پر انسان جي اندر جي نيڪيءَ ۾ آهي. سماج ۾ ماڻهو جنهن کي نظر انداز ڪري ٿو يا گهٽ سمجهي ٿو، انهن ۾ به وڏي انساني عظمت ۽ سونهن لڪل هوندي آهي، شرط رڳو اهو آهي ته ڏسڻ واري نظر سچي ۽ دل صاف هجي.

آءُ ته سندرتا ڳولهيون

ڪارن ڪوجهن چهرن ۾

ماڻھن ڪجهه اٻوجهن ۾

اسان جو سماج پدر شاهي آهي، ڇو ته عبراني لفظ “آدم” جي معنيٰ به مرد آهي “مرد.” پدر شاهي سماج ۾ پٽ جي ڄمڻ تي جهمريون هڻندا ۽ مشالا ٻاريا ويندا آهن ۽ ڌيءَ جي پيدا ٿيڻ تي جيجل جي ڪُسڻ جا ڪيهاٽ ٻڌبا آهن. پدر شاهي سماج ۾ ڀيڻ کي مليل ملڪيت به ڀاءُ زوريءَ ڦٻائي گوڏي هيٺان لڪائي ويٺو هوندو آهي، پدر شاهي سماج ۾ ڇُورو ڇوڪري ڀَڄائي ته خَير آهي، پر جيڪڏهن ڇوڪري پسند جو ورُ چونڊي ته ڪارِي آهي، پدر شاهي سماج ۾ اسان عورت کي ٻارُ يعني اڌ ماڻهو Sub-human سمجهي جيئن وڻي تيئن ورتاءُ ڪيون يا جنس وارو وکر سمجهي استعمال ڪيون ته به ٺيڪ آهي. يعني مرد کي جيئن وڻي تيئن ڪري باقي عورت ويچاري آهي، هيڻي آهي، هچا آهي. پدر شاهي سماج جي اهڙي حالت ڏسي زاهده ابڙو به لکي ٿي؛

هيءُ ڪهڙو سماج آ..!

جتي پٽ ڄمي…

سارو لوڪ نچي.!

۽ ڌيءَ ڄمي…

ته ماءُ ڪسي..!

زاهدا ابڙو فيمينسٽ شاعره ته ناهي، پر پدر شاهي سماج ۾ جيڪي عورتن سان جُٺيون ٿين ٿيون انهن  جي حقن لاءِ آواز ضرور اٿاري ٿي. هوءَ پدر شاهي سماج جي هن  ٻٽي معيار(double standards)  تي سخت تنقيد ڪندي رهندي آهي. عورت هڪ ئي هوندي به ڪڏهن بدنام، ڪڏهن ڪڃري ته ڪڏهن محبوب بڻجي ٿي، فيصلا سندس ڪردار نه، پر سماج جي نگاهه ڪندي آهي. شاعره سماج جي اهڙي جوڙجڪ ڏسي هيٺين سٽن ۾  عورت جي نه، پر سماج جي اخلاقي ڪمزوري کي بي نقاب ڪري ٿي.

لقب ملن ٿا ڪيئي هن کي،

ڪڏهن آ وئيشيا ڪڏهن هوءَ يارِ!

ڪارو ڪاري(Honor Killing)  ڪنهن هڪ هنڌ يا هڪ قوم جي رسم ناهي، پر اها سوچ دنيا جي ڪيترن ئي سماجن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود رهي آهي. هن رسم جي پاڙَ قبائلي ذهن، مرداڻِي ڪوڙي انا ۽ عورت کي انسان بدران مالُ ملڪيت سمجهڻ واري خيال ۾ پَيل آهي. يعني پدر شاهي سماج ۾ مرد اها دعويٰ ٿو ڪري ته هو وڌيڪ Possessive  آهي ان کي عورت جي جيئڻ ۽ مرڻ تي پوري پوري مالڪي ۽ اختيار آهي. حالانڪه اها مرد جي کوکلي دعويٰ آهي، پر عورت ته مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪPossessive  ٿيندي آهي. اهڙي خالي ۽ کوکلي سماج ۾ مرد سڀ حدون پار ڪري عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري ٿو.  جنهن تي زاهده ابڙو لکي ٿي؛

اڄ هوءَ ڇو آ ڪاري ٿي.!

رات امڙ تي ڀاري ٿي..

نيڻن جو، جا نور هئي.

ڪڏهن تنهنجو غرور هئي..!

شاعري رڳو لفظن جو سنگم ۽ سينگار ناهي، پر انساني روح جي گونج ۽ آواز به هوندي آهي. جڏهن شاعريءَ ۾ سندر جذبن جي خوشبو ۽ انساني سوچ جي لاٽ گڏجي وڃي ٿي، تڏهن اها شاعري انسان کي انسان سان جوڙي ٿي، نفرتن کي نرم ۽ گهٽ ڪري ٿي ۽ سماج ۾ موجود اونداهين ۾ اميد جو ڏيئو ٻاري ٿي. اهڙي شاعري تخليق ڪندڙ عورت شاعره، صرف شاعره نه، پر هڪ حساس ضمير، هڪ باشعور فرد ۽ انسانيت جي علمبردار بڻجي وڃي ٿي. اهڙي حساس دل رکندڙ هيومنسٽ شاعره جي ڌرتيءَ جا ڄاوا جڏهن گوادر ۾ ڪُٺا ويا ته هوءَ به ڀِنل نيڻن سان قلم کڻي پنهنجي ديس واسين لاءِ نوحو لکي ٿي؛

سنڌ ڄاوا ڪٺا هن گوادر ۾!

تاريخ آ هي ڪهڙو ڪَلور ڪيو…

ٻولي پنهنجي ڳالهه کي ٻين تائين پهچائڻ جو هڪ ذريعو آهي. ماڻهو جنهن ڌرتيءَ تي پيدا ٿئي ٿو ته هو پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ سان بيحد پيار ڪري ٿو، ٻيو ان جيجل ماءُ سان جيڪا هن کي پيدا ڪرڻ جو وسيلو بڻجي ٿي ۽ ٽيون ان ٻوليءَ سان جنهن سان هو پهريان ٻاتڙا ٻاتڙا ٻولَ ٻولي ڳالهائڻ سکي ٿو. زاهده ابڙو به پنهنجي ٻوليءَ سان بيحد پيار ڪري ٿي ۽ ان جو اظهار هيٺين سٽن ۾ برملا ڪري ٿي…!

ڌرتيءَ جي جا ٻولي آهي،

تنهن کي ڪڏهن مرڻو ناهي.!

آزادي هڪ اهڙو عظيم احساس آهي جنهن ۾ ماڻھو پاڻ کي ايئن آزاد سمجهندو آهي جيئن آزاد هوا هجي، بنا ڪنھن روڪ، ٽوڪ ۽ رنڊڪ جي پوري دنيا جون سرحدون تَياڳي ۽ لتاڙي..! پر هيٺين سٽن ۾ زاهده ابڙو آزاديءَ جي ڪوڙي، جعلي ۽ فَريبي چَهري تي عَلامتي ۽ طَنزيه طور تنقيد ڪري ٿي. هوءَ چئي ٿي اسان وٽ آزادي جو چهرو سهڻو، سچو يا روشن ڪونهي، پر اهو ته ڪوجھو آ! ڪارو آ! وڏو هيبتناڪ ۽ ڀيانڪ آهي…! جيڪو ڏائڻ وانگر ڏند ڪڍي اسان تي ٽوڪون ٿو ڪري، ٺٺوليون ٿو ڪري. ههڙي به ڪا آزادي ٿيندي آهي ڇا..؟ جيڪا ڊريڪولا بڻجي هارين، مزدورن ۽ شاگردن جي رت ڪڍي ٿي پئي..!

آزاديءَ جو چهرو هوندو

اهڙو ڪوجھو اهڙو ڪارو،

ڏند ڪڍي مون تي کلندي

بڻجي ڊريڪولا رت پيئندي..!

زاهده ابڙو جي شاعري هڪ دردن ڀري طويل ڪٿا آهي. هن جي شاعريءَ ۾ درد رڳو لفظن ۾ بيان ٿيل ناهن، پر اهي جيئري سچ جو اظهار به آهن. هن جو هر شعر ڄڻ ڪنهن تازي زخـم جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، جتي احساسن کي لڪائڻ بدران بيباڪيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. سندس لفظن ۾ اٺين مارچ جي نالي ماتر ريلي، دانشورن جي نام نهاد دانش گردي، اڪيلائپ جي خاموشي، سماجي ناانصافين جو ڏک ۽ عورت جي اندروني جنگ صاف محسوس ٿئي ٿي. هن جي شاعري روئڻ لاءِ نه، پر سوچڻ لاءِ روئاڙي ٿي؛ ڇو ته هن درد کي لفظن ۾  ائين اُڻيو آهي، جو پڙهندڙ پاڻ کي به ان وڏي درد ڪٿا  جو ڪردار سمجهڻ لڳي ٿو. سندس شاعريءَ جي هر سِٽَ هڪ درد جي ڪَڙي بڻجي ٻي ڪڙيءَ سان ڪڙي ملائي هڪ طويل درد ڪٿا بڻجي دل کي ڇُهي ٿي ۽ رُوحَ ۾ لَهرون پيدا ڪري ٿي.

نه گهٽ آهيان،

نه وڌ آهيان،

ڪلھه کي اڄ سان ملائي جا،

هڪ اهڙي ڪَڙي آهيان..!

***