بلاگنئون

“معلومات جو خزانو” ايوارڊ يافته ڪتاب

ٻالڪپڻ اهو مرحلو آهي جنهن ۾ جيڪا به ٻار جي ذهني اوثر ٿيندي، جيڪي هن جي سکيا جا مرحلا، دڳ هوندا اهي سڄي زندگيءَ جي شخصيت جو بنياد بڻجن ٿا. ڪتاب پڙهڻ سان ٻار جو ذهن جامد رهڻ بدران تخليقي ۽ متحرڪ صورت اختيار ڪري ٿو. ٻاراڻي ادب ذريعي ٻارن ۾ سماجي قدر، اجتماعي شعور، مثبت سوچ ۽ سرگرم صلاحيتون وڌن ٿيون. ڪتاب ٻار کي ذهني طور مضبوط، اخلاقي طور سڌريل ۽ سماجي طور ذميوار فرد بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ٻارن جي شخصيت ۾ توازن، برداشت ۽ خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي. ڪتاب ٻار کي اصولي موقف اختيار ڪرڻ جي صلاحيت ڏين ٿا ۽ منطقي سوچ ۾ اضافو ڪن ٿا. ڪتاب ٻار جي شعوري ڍانچي کي ترتيب ڏين ٿا. بقول فرائيڊ جي “انسان جا ڪيترائي رويا لاشعوري خواهشن ۽ خوفن سان جڙيل هوندا آهن.” جڏهن ٻار ۾ تنقيدي سوچ وڌندي ته هو سوال ڪرڻ جي قابل ۽ خود مختيار وجود تسليم ڪندو ۽ پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ لڳندو. پنهنجي شخصيت ۾ لڪيل خوفن کي شڪست ڏئي خود شناس بنجڻ جي ڪوشش ڪندو.

ٻاراڻو ادب  ٻار جي شعور کي ترتيب ڏيڻ جي هڪ ننڍڙي ڪڙي آهي. انهن ڪتابن مان ئي ٻار پنهنجي سڃاڻپ(identity)  جوڙڻ شروع ڪري ٿو. ادب ۾ معنيٰ جي ٺهڻ/ٺاهڻ جي پويان مخصوص قوتون آهن، جيئن ڪوبه فرد غير جانبدار نٿو ٿي سگهي ائين ئي ادب پڻ جانبدار هوندو آهي. نفسيات مطابق ٻار جو لاشعور (unconscious) اببتدائي تجربن سان ٺهندو آهي ۽ ڪتاب ذريعي ٻار جي ذهن کي ڪتابن سان جوڙي نئين رخ ڏانهن مائل ڪري سگهجي ٿو، بلڪل ائين جيئن چوندا آهن جهڙي سوچ تهڙو ڪردار هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪتاب پڙهڻ  ذهني تشڪيل جو عمل آهي. اهوئي  دنيا کي سمجهڻ، پاڻ کي سڃاڻڻ ۽  سماج  ۾ پنهنجو ڪردار طئي ڪرڻ سيکاري ٿو.  ٻاراڻي ادب ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪم شعوري ۽ فڪري جدوجهد جو حصو آهي، جنهن ۾ ڄاڻ، علم، اخلاق ۽ جماليات جا عنصر شامل آهن. اهوئي ادب سماجي ڍانچي، قدرن ۽ فڪري نظام جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. اهڙائي ٻار پنهنجي تجربي ۽ احساسن وسيلي دنيا کي سمجهن ٿا. ليکڪا ٻاراڻي ادب کي نه صرف مضبوط بنياد ڏئي ٿي، پر ان کي مستقبل لاءِ به علم جو خزانو بڻائي ٿي. هوءَ ٻار  جي شعور جي تعمير ۾ ادب کي هڪ وسيلي طور استعمال ڪري ٿي. هُن جي ٻولي مواد کي ٻار جي احساسن سان هم آهنگ ڪري کين پڙهڻ ڏانهن راغب ڪري ٿي. اهڙو ادب ٻارن جي ذهنن ۾ علم، سوال ۽ تخليق جا ڏيئا روشن ڪندو آهي.

بقول ماريا مونٽيسوري جي “ٻار پنهنجي سکيا جا پاڻ معمار آهن، ادب انهن کي خود دريافت جو رستو ڏيکاري ٿو.” ٻاراڻو ادب آزادي، حسن ۽ فطرت سان محبت پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي. ادب ٻار کي مشڪلاتن سان وڙهڻ جي طاقت ڏئي ٿو. تڏهن جي ڪي رولنگ چوي ٿي “ٻارن جي ادب ۾ اميد، همت ۽ سچائي جا عنصر هجڻ لازمي آهن.” اهڙوئي ادب مسئلا حل ڪرڻ، نوان خيال پيدا ڪرڻ ۽ مختلف حالتن ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائي ٻار جي علم ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ اهو علم ذميداري سان گڏ ضمير کي جاڳائي رکي ٿو. اهو ٻارن کي اهڙي رخ ڏانهن وٺي وڃي ٿو اهڙي دنيا سان واقف ڪري ٿو جتي خوف، اميد، محبت، انصاف ۽ آزاديءَ جا اصول زندگيءَ جي رواجي سرحدن کان آزاد ٿي پنهنجو پاڻ کي اظهارين ٿا. ائين ئي سوالن تي سوچڻ ۽ جواب ڏيڻ سان ٻار جو تجزيو، تنقيد ۽ تخيل وڌي ٿو. هو وڌيڪ ذهني سرگرمي ۾ مشغول ٿئي ٿو.

ڪتاب “معلومات جو خزانو” ٻارن لاءِ هڪ اهڙو علمي خزانو آهي، جيڪو سوالن ۽ جوابن جي ذريعي ٻارن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو. جتي اهي نوان خيال، حيرت انگيز حقيقتون ۽ علمي راز ڄاڻڻ سان پنهنجي شعور کي وسيع ڪن ٿا. هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل معلومات ٻارن جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن سان تعلق رکي ٿي. سائنس، فطرت، تاريخ، سماج ۽ ثقافت شامل آهي. اهڙا ڪتاب  پڙهڻ سان ٻارن جي علمي بنياد مضبوط ٿئي ٿي ۽ اهي پنهنجي روزمره زندگي ۾ سٺو فيصلو ڪرڻ جي قابل بڻجن ٿا. ڪتاب ۾ پيش ڪيل مواد ٻارن جي تجسس، مشاهدي ۽ منطقي سوچ کي وڌائڻ ۾ مددگار آهي.

سال 2024ع ۾ ترقي پسند ادب مصنفين جي پاران ٻالڪ ادب جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ هن ڪتاب کي مليو.

***