بلاگنئون

ايراني اعليٰ عملدارن جون شھادتون؛ سسٽم جي ڪمزوري يا سورمن جي سچائي؟

ھميشه اھي قومون امر بڻبيون آھن جن جا اڳواڻ سولين تي سوار ٿي به پاڻ ناھن جھڪندا، پر دشمن کي جھڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آھن ۽ اھي ويندي ويندي پنھنجي قوم کي اھڙو شعور ڏئي ويندا آھن جو اھا قوم دشمن جي ھر چئلينج سان مھاڏو اٽڪائڻ جي طاقت پيدا ڪري وٺندي آھي. جمھوري اسلامي ملڪ ايران مٿان مڙھيل ھاڻوڪي ايران آمريڪا اسرائيل جنگ، جنهن ۾ پهرين ڏينهن کان ئي نه فقط وڏي پائي جا فوجي سپهه سالار پر جھان اسلام جي قيادت ڪندڙ عظيم شخصيت آيت الله علي خامنائي به جام شھادت نوش ڪري پنھنجي حقيقي مالڪ سان ملاقاتي ٿيا. انھن شھادتن جي ڪري عام ماڻھن بلڪه ڪٿي ڪٿي ته چڱي ڀلي، سُلجھيل ۽ پڙهيل لکيل، ديني ۽ مذھبي طبقي ۾ به ھڪ غلط فھمي ٿيڻ لڳي جيڪا اڃان تائين به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته ايران پنھنجن حڪومتي عملدارن جي سيڪيورٽي ۽ حفاظت جي حوالي سان بلڪل ڪمزور آھي. ھو پنھنجي اڳواڻن جي ڪا حفاظت نٿو ڪري سگھي، جنھن جي ڪري جنھن مھل دشمن کي موقعو ملي ٿو ۽ جنھن شخصيت کي ٽارگيٽ ڪرڻ چاھي ٿو ته ان کي ٽارگيٽ ڪري ھليو ٿو وڃي. تنھنڪري ان ڳالھه ڏانھن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي ته اھا ڳالھه حقيقت به آھي يا فقط ھڪ غلط فھمي ۽ مسئلي کي صحيح نه سمجھڻ جي بنياد تي آھي؟ ان غلط فھمي کي دور ڪرڻ لاءِ اھو چوڻ ضروري آھي ته ھميشه اھي اڳواڻ ئي پنھنجي قوم کي منزل تائين پھچائڻ جي سگھه رکندا آھن جيڪي پنھنجي قوم سان ھر ڏک سک ۾ ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلندا آھن. ايراني ليڊر به ان خاصيت جي بنياد تي ھميشه پنھنجي قوم سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلڻ جا ھميشه کان عادي رھيا آھن، پوءِ چاھي انھن جي قومي خوشي جا ڏھاڙا ھجن، چاھي ملڪ جي سالميت ۽ حمايت جي حق ۾ ٿيندڙ مظاھرا ھجن، چاھي شھيدن جا جنازا هجن، اھي اڳواڻ ھر ميدان ۾ عوام سان گڏ علي الاعلان ميدان تي ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ٻي ڳالھه ته ڪيترائي وڏا وڏا حڪومتي عملدار عام ماڻھن سان گڏ عام فليٽن ۽ عام علائقن ۾ زندگي گذاريندي ڏٺا ويا آھن. جڏھن انھن مخلص اڳواڻن جي زندگي ان انداز ۾ ھوندي ته واضح آھي ته کين ٽارگيٽ ڪرڻ دشمن لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناھي، پر اھا انھن ليڊرن جي قوم سان سچائي آھي جو اھي سوچي ميدان ۾ حاضر ٿين ٿا ته عام عوام ۽ اسان ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ اھي دنيا جي ٻين اڳواڻن وانگر پنھنجي قوم کي ڍال نٿا بڻائڻ چاھين، جتي قوم پنھنجي خاندان سان ميدان تي بيٺل آھي ته اتي اھي به ان قوم جو حصو بڻجي ميدان تي حاضر ٿي پنھنجو سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ھوندا آھن. ان حقيقت جو ھڪ دليل اھا تحرير آھي جيڪا شھيد علي لاريجاني سندس شھادت کان اڳ لکي ھئي ۽ جنھن جو اردو ترجمو حامد مير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ھو ته جڏھن شھيد علي لاريجاني رھبر معظم تي حملي بابت بلڪل پڪيون رپورٽون ملڻ کانپوءِ ملاقات ڪندي کين پناھگاھه ۾ وڃڻ لاءِ تمام گھڻو اصرار ڪيو ۽ رھبر معظم ان جو انڪار ڪندي فرمايو ته جڏھن قوم ميدان ۾ آھي ۽ ان مٿان بمباري ٿيندي رھي ته ان جي ليڊر لاءِ پناھگاھه ۾ وڃڻ بلڪل نٿو جڳائي. اھوئي سبب آھي جو چاليھه ڏينھن کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود به دنيا جي نگاھه ۾ تمام طاقتور دشمن ھڪ قدم به ھن قوم کي پوئتي ھٽائي ناھي سگھيو، بلڪه ان جي ابتڙ سپر پاور جي کوکلي نعرن تي پوري دنيا کي بليڪ ميل ڪرڻ واريون طاقتون جمھوري اسلامي ايران جي طاقت آڏو گوڏا کوڙيندي نظر اچي رھيون آھن. اھا انھن ليڊرن جي سچائي آھي جو چاليھه ڏينھن کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود به پوري قوم ڏينھن جو پنھنجي گذر سفر لاءِ ڪشالا ڪٽڻ کانپوءِ به روزانو لکن جي تعداد ۾ رات جو ٻارن ٻچن سميت ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊن ۽ چوڪن تي ويھي پنھنجي سورمن سان وفاداري جو اظھار ڪري رھي آھي ته ٻاھرين دشمن سان توھان مھاڏو اٽڪايو ۽ اندروني دشمن کي اسان پاڻ راتيون جاڳي انھن جي اکين مان آرام ڦٽائي ڇڏينداسين. ان عوامي بيداري جو ٻيو مثال اهو آھي ته پنھنجي وطن جي دفاع لاءِ نالو درج ڪرائڻ واري مھم کي اڃان ٻه ھفتا مس ٿيا آھن جو ھيستائين ٻه ڪروڙ  ھڪ لک کان مٿي جانثار پنھنجا نالا لکرائي چڪا آھن.

ھاڻي اھي ماڻھو پنھنجي رھبر جي راھه ۾ سندن سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ لاءِ آتا نظر اچن ٿا. ان عظيم شھيد ليڊر سندس شھادت کان ئي ڪجھه ڏينھن اڳ فرمايو هو ته “الله سائين ھن قوم کي مبعوث ڪندو” اھو اکين سان ڏسي رھيا آھيون. جڏھن حيدر ڪرار جي حقيقي فرزند اھي جملا فرمايا ھئا ان وقت ته ان جملي جو مطلب چڱن ڀلن جي ذھن ۾ نه پيو اچي، “جيڪڏھن آئون ھليو وڃان، بلڪه مون جھڙا ڪيترائي خامنائي ھليا وڃن، پر ھن قوم جو ھر ٻچو ٻچو خامنائي بڻجي تمام ٿوري عرصي ۾ دشمن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. اھو سڀ ڪجھه ٿي رھيو آھي ۽ اڄ پوري دنيا بزدل دشمن جي شڪست ۽ ان جي رسوائي ۽ ذلت کي چڱي نموني محسوس ڪري رھي آھي. ھيءَ اھا حقيقت آھي جيڪا ھن سرزمين جي سورمن تاريخ جي سيني تي ھميشه لاءِ لکي ڇڏي آھي. تنھنڪري اھو چوڻ بلڪل بجا ٿيندو ته ايراني اعليٰ عملدارن جون شھادتون؛ سسٽم جي ڪمزوري نه بلڪه سورمن جي اھا سچائي آھي، جنھن زماني جي فرعونن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن.