بلاگنئون

عورت ۽ عورت دشمن سماج

دنيا ۾ جتي انساني عقل ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري بنا ڪنهن جنسي فرق جي عورت ۽ مرد ڪلهوڪلهي سان ملائي سماج ۾ تعليمي، سماجي ۽ اقتصادي طور پنهنجي معاشري کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي رهيا آھن ۽ ان جي ڀيٽ ۾ افسوس ته اسان جي عورت دشمن سماج ۾ عورت کي مرد کان حقير ۽ ڪمزور سمجهي کيس ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي معاشري ۾ هر روز ڪا نياڻي هڪ نئين ڪهاڻي بڻجندي وحشت پڻي ۽ سفاڪيت جو شڪار ٿي رهي آھي. ڪڏهن اها هوا ڄائي سماج ۾ موجود ڪڌي رسمن جو  شڪار ٿيندي غيرت جي نالي تي ماري وڃي ٿي ته ڪڏهن ڪا هوا ڄائي ڪن درندن جي ور چڙھندي زيادتين جو شڪار ٿيندي رهي ٿي ته وري ڪڏهن ڪا نياڻي ڪنهن سفاڪ ۽ ظالم جي بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿيندي پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهي ٿي ته ڪڏهن ڪا نياڻي آدم زادن هٿان گهريلو تشدد جو بي رحمي سان شڪار ٿيندي رهي ٿي. توڙي جو دنيا جي هر مذهب ۾ هميشه عورت کي خاص مان ۽ مرتبو ڏيندي معاشري ۾ برابري جا حق ڏئي کيس ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ جيون ساٿي جهڙن عظيم رشتن ۾ منسلڪ ڪري سماج ۾ پيش ڪيو ويو آھي ۽ دنيا جي هر خطي ۾ عورت کي مذهبن ۽ انساني بنيادن تي پنهنجو پنهنجو معيار حاصل ٿي رهيو آھي ۽ اتي اهي عورتون برابري واري زندگي گذاريندي پنهنجي وطن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ مردن سان برابر پنهنجو پنهنجو حصو وجهي اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آھن، پر افسوس اسان وٽ اڄ به عورت جي روپ ۾ هر رشتي جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي. برابري ته پنهنجي جاءِ تي، پر کيس صرف انسان جي ئي نظر سان ڏسي هن معاشري ۾ کيس جيئڻ ڏنو وڃي ته آئي ڏينهن ڪا به هوا ڄائي نياڻي مظلوميت جو شڪار ٿيندي ڪا نئين ڪهاڻي نه بڻجي.

خبر ناهي ڇو؟ پر عورت هميشه ازل کان ئي مظلوم بڻجي مرد طبقي طرفان مختلف طريقن سان مظلوميت جو شڪار ٿيندي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسبي رهي آھي، پر وقت سان گڏ اهڙي ذهنيت واريون دنيا جون ٻيون قومون مهذب ۽ تهذيب يافته بڻجي انهن ڪڌين رسمن مان جان آجي ڪري ترقي طرف وڌي رهيون آھن، پر اسان جا ذهن اڄ به عورتن جي حقن جي معاملن ۾ مفلوج بڻيل آھن، جنهن جي نتيجي ۾ اسان وٽ هر روز عورت کي تعليمي ۽ سماجي يا اقتصادي طور برابري ڏيڻ بدران عورت کي ڪڌين رسمن جو شڪار بڻائيندي سندن زندگي مفلوج بڻائي وڃي ٿي. روزاني جي بنياد تي اهڙا ڪيترائي واقعا جيڪي اسان جي سماج ۾ هر روز رونما ٿي رهيا آھن، انهن ۾ يا ته نياڻي غيرت جي نالي تي بيدردي سان گولين جو کاڄ بڻجندي رهي ٿي يا ته اڻ برابري واري سلوڪ جو شڪار ٿي رهي آھي ۽ جيڪڏهن ڪي مھذب ۽ سلجهيل خاندان پنهنجي نياڻين کي برابري جي سطح تي رکي کين سماج ۾ سٺو مقام ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته وري اڪثر واقعن ۾ اهي نياڻيون سفاڪ درندن جي ور چڙهنديون رهن ٿيون. اهڙن ڪيسن جو جيڪڏهن پاڻ مختصر جائزو وٺنداسين ته اڪثر مظلوم نياڻين جون دانهون، فرياد ۽ انصاف جون منتظر خاموش تصويرون پنهنجي سامهون نظر اينديون. تازو سنڌ جي شاگرد نياڻي فهميده لغاري، ان کان اڳ به مختلف مظلوم شاگرد نياڻيون جهڙوڪ: ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي، نائلا رند، ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي ۽ ڊاڪٽر سنيها ڪسواڻي سميت ڪيتريون ئي شاگردياڻيون خودڪشين جي نالي تي موت جي بک بڻيون آھن ۽ تعليمي ادارن ۾ ٿيل سندن موت هن وقت تائين ڳجهارت بڻيل انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي.

ان کان علاوه به خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان عورتن جي حقن ۽ آزادي جي معاملن ۾ ڪيترين ئي نياڻين جي موت جي قصن سان ڀريا پيا آھن، جيڪي اسان جي ذهنن جي کلي نموني عڪاسي ڪري رهيا آھن ته اسان عورتن جي حقن ۽ آزادي جي معاملي ۾ ڪٿي ۽ ڪهڙي صف ۾ بيٺا آھيون؟ تازو سنڌ جي شھر ٽنڊي مستي ۾ غيرت جي نالي تي ڪارو ڪاري رسم جي ور چڙهندي بيدردي سان ماڻهن جي هجوم ۾ قتل ڪيل نياڻي روبينا چانڊيو جو واقعو هجي يا ان کان اڳ بلوچستان ۾ ساڳي غيرت جي نالي تي قتل ڪيل نياڻي نور بانو بيبي هجي، انهن کان علاوه به ڪيترائي واقعا جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي وڏو واقعو بڻجي ظاهر ٿين ٿا نه ته اهڙا ته روزاني ڪيترائي واقعا پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ظاهر ٿيندا رهن ٿا، پر انهن واقعن خلاف لاڳاپيل ڌريون خاموش تماشائي بڻجي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ خاطر خواهه قدم ڪٿي به کڻندي نظر ڪو نه ٿيون اچن. عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ قانون ته ڪيترائي متعارف ڪرايا ويا آھن، پر انهن تي عملدرآمد ٿيندي نظر نٿو اچي. جيڪڏهن قانون جي بالادستي ۽ رٽ قائم هجي ها ته هر آئي ڏينهن ڪابه نياڻي ڪنهن به وحشي يا درندي هٿان لاقانونيت جو تماشو نه بڻجي ها. ان لاءِ حڪمرانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائيندي انهن وحشي درندن ۽ نياڻين جي سفاڪ قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائي کين ڪنهن عبرت جو نشانو بڻائيندي سماج ۾ موجود باقي اهڙن ڪارندن لاءِ مثال بڻائين ۽ سماج ۾ رهندڙ هر فرد کي به عورتن جي حقن ۽ تحفظ بابت سنجيدگيءَ سان سوچيندي عورت کي اظهار ۽ خوابن جي آزادي جو حق ڏيندي مرضيءَ موجب زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.