ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ۾ گرميءَ جي انتها ۽ عوام لاءِ ڪٿي به ٿڌي ڇانو جو انتظام ناهي

بدلجندڙ موسم قدرت جي نظام جو حصو آهي، انسان وقت سان گڏ انهن بدلجندڙ موسمن ۽ موسمي حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو هنر سکي اڳتي وڌيو آهي. دنيا جا ڪجهه ملڪ اهڙا آهن جن ۾ سڄو سال سيءَ واري صورتحال رهي ٿي ۽ ان ۾ ڪجهه مهينن اندر تمام گهڻي شدت اچي وڃي ٿي جنهن جي ڪري ڍنڍن، دريائن ۽ آبشارن جا پاڻي ڄمي وڃن ٿا ۽ عوام انهن ڍنڍن ۽ دريائن کي هڪ راهداريءَ وانگر استعمال ڪري ٿو. ان هوندي به اهي اهڙي موسم کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو هڪ نظام جوڙي بنا ڪنهن تڪليف جي تمام آرام سان زندگي گذارڻ جو بندوبست ڪرڻ سکي ويا آهن. جڏهن ته اسان جو ملڪ جيڪو هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي موسم جي شدت نه ته تمام گهڻي سياري ۾ وڌيڪ آهي ۽ نه ئي گرميءَ ۾، پر ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسان جي پنهنجين غلطين جي ڪري هن وقت گرميءَ جي شدت ۾ تيزيءَ سان خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

خاص ڪري سنڌ ۾ حڪومت وٽ ڪنهن به قسم جي ڪابه پلاننگ نظر نٿي اچي. بنا پلاننگ جي ڪانڪريٽ جون عمارتون مختلف جاين تي ٺهندي نظر اچن ٿيون جنهن جي وچ ۾ گرين بيلٽس ڪٿي به نظر نٿا اچن. جنهن جو نتيجو اهو آهي جو هڪ عام ماڻهو گرميءَ جي ڪري پنهنجي ڪم ڪار جي صلاحيت وڃائي ويهي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو ٻاهر اس ۾ مزدوري ڪن ٿا انهن کي هيٽ اسٽروڪ جو خطرو رهي ٿو. ننڍا ٻار مختلف بيمارين جو شڪار ٿي پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿا. گرميءَ جي موسم ڏٺو وڃي ته قدرت جي طرف کان هڪ وڏي نعمت آهي. ٿڌن ملڪن ۾ رهڻ وارا ماڻهو گرم ملڪن ڏانهن سفر ڪندا آهن ته جيئن اهي گرم علائقن جي موسم جو مزو ماڻي سگهن، پر جڏهن گرم ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو حڪومت جي بيحسي جو شڪار هجن جتي لوڊشيڊنگ انتها درجي تي پهتل هجي ۽ سندن زندگين کي اذيتناڪ بڻائي ڇڏي ته اتي ماڻهن جي اندر چڙ، گهٽ ۽ ٻوسٽ پيدا ٿيندي آهي. تعليمي ادارن جون سرگرميون متاثر ٿينديون آهن، عوام جيڪو غربت جو شڪار آهي اهو پنهنجي کاڌي جو ذخيرو ڪرڻ کان عاجز ٿي وڃي ٿو ۽ سندن صحت تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي.

اسان جي حڪومت ان سنگين مسئلي کي تمام گهٽ خرچ ۽ بهتر پلاننگ سان عوام کي هڪ سٺي ۽ آرامده زندگي فراهم ڪري سگهي ٿي. عوام کي جيڪڏهن صرف روڊن، رستن ۽ گهرن جي اڳيان گرين بيلٽس ٺاهي ڏنا وڃن، جتي مختلف ديسي ڇانو وارا وڻ جنهن ۾ نم، پپر، بڙ، ٻٻر، گل مهر ۽ آمري جو وڻ شامل هجي پوکيا وڃن ته ماڻهن جون زندگيون تبديل ٿي سگهن ٿيون. هڪ ته موسم جي شدت گهٽجي ويندي ۽ ٻيو غريب ۽ پنڌ ڪري هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي پهچڻ وارن ماڻهن کي مختلف راهدارين ۾ ڇانو نصيب ٿيندي. ان کانسواءِ آبهوا جي صفائيءَ جو قدرتي بندوبست ٿيندو ۽ وڻن جي وڌي وڃڻ جي ڪري برسات ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان عوام جي نفسيات تي بهتر اثر نظر ايندو. مٽي ۽ ڌوڙ ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ ٻوڏ جهڙي صورتحال ۾ به گهٽتائي نظر ايندي. حڪومت جي ترجيحن ۾ هن وقت ڪٿي به وڻڪار جي پلاننگ  نظر نٿي اچي. ان معاملي ۾ عام ماڻهو به وڻڪار ۾ دلچسپي نٿو ڏيکاري. اهو ئي سبب آهي جو عوام جي بيحسي جي ڪري ٻيلا وڍڻ وارن کي عوام جي رد عمل جو ڪوبه خوف نظر نٿو اچي. جنهن جي ڪري سنڌ ۾ گرم موسم جي شدت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ ان سان اسان جي سماجي زندگيءَ تي تمام گهڻو منفي اثر هر طرف نظر اچي رهيو آهي. اسان جو ٻيلو کاتو پنهنجو ڪم ڪرڻ جي بجاءِ ٻيلا وڍي رهيو آهي. عالمي معيار مطابق ڪنهن به ملڪ يا خطي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو ٻيلو هجڻ ضروري آهي، پر افسوس ته سنڌ ۾ هن وقت 2 کان 2.5 سيڪڙو ٻيلو وڃي بچيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت اسان جا ٻيلا زراعت جي استعمال هيٺ آهن ۽ اهي زمينون طاقتور طبقي جي ماڻهن جي قبضي هيٺ آهن، جنهن جو سبب عوام جي بيحسي به آهي. سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي جيڪي ٻيلا موجود هئا، انهن تي قبضا ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي ايراضي به گهٽجي رهي آهي. ٻيلن جو گهٽجڻ صرف عام ماڻهو جي لاءِ نقصانڪار ناهي بلڪه اهو هن زمين تي رهندڙ هر امير ۽ غريب کي يڪسان متاثر ڪندو، نه صرف انسان بلڪه اسان جو لائيو اسٽاڪ، پکي پکڻ ۽ جيتن جڻن کي متاثر ڪندو. بلڪه ايئن چئي سگهجي ٿو ته هن وقت اسان جو ايڪو سسٽم تباهيءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي.

مختلف ملڪن ۾ گرين بيلٽ جي گهٽجڻ يا وڻن جي ڪٽجڻ تي احتجاج ڪندڙ مختلف گروهه ڪم ڪن ٿا، جيڪي حڪومت تي دٻاءُ وجهن ٿا ته اهي بين الاقوامي معيار مطابق وڻڪار کي يقيني بڻائي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪوبه گروهه نظر نٿو اچي جيڪو ماحول ۽ وڻڪار لاءِ آواز اٿاري. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جو عام ماڻهو هن شديد گرمي کان متاثر ٿي رهيو آهي ۽ مختلف بيمارين جي ور چڙهي پنهنجيون زندگيون وڃائي رهيو آهي. جڏهن ته ان موسم جي شدت کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان وٽ واحد حل ٻيلن جي ايراضيءَ ۾ اضافو، شهرن جي وچ ۾ گرين بيلٽن کي يقيني بنائڻ، رستن جي ٻنهي پاسن کان وڻن جي پوک، جنهن جي ڇانو گهاٽي هجي اهوئي حل آهي.