دنيا ترقي ڪري عورت کي بنا ڪنهن صنفي فرق جي پاڻ سان گڏ بيهاري ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهي آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته هن وقت اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ عورت هڪ ٽارچر سيل ۾ قيد نظر اچي ٿي. هن وقت عورتن کي تسلسل سان ڪاري ڪري ماريو پيو وڃي. ان طرح عورت جو مرڻ هن سماج جي پسماندگيءَ جو ڀرپور اظهار به آهي ۽ محسوس اهو ٿئي ٿو ته ڄڻ عورت جو آزاد هجڻ هن معاشري جي لاءِ قابل قبول ناهي. ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جون عورت رهنمائون جيڪي هن وقت پنجاهه کان وڌيڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ويٺل آهن، جن ۾ آصفه ڀٽو به شامل آهي، انهن جي هوندي به عورتن سان سنڌ اندر اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته اهي عورتون سياست ۾ جمهوري قدرن جي حصول جي لاءِ نه، پر پاور پوليٽڪس جو حصو بنجڻ جي لاءِ ويٺل آهن، جيڪا پيپلز پارٽيءَ جي عورتن جي لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي.
هن بدترين وقت ۾ جڏهن عورتون ذبح ٿي رهيون آهن افسوس ته ڪنهن به هڪ عورت رهنما جو بيان نظر نٿو اچي جيڪو عورتن جي هانءُ تي ڇنڊو وجهي سگهي. هاڻي ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو آهي ته اهي اسيمبلين ۾ ويٺل عورتون اکين تي پٽي ٻڌي ويٺل آهن، انهن جي ڪنن ۾ ڪپهه پيل آهي ۽ انهن جا چپ سبيل آهن. جيڪڏهن اهي انهن ايوانن ۾ ويهي عورتن جي ڪاري ٿيڻ تي يا عورت جي ڪسجڻ تي ڳالهائي نٿيون سگهن يا شيما ڪرماني جهڙي عورت جنهن سنڌ جي سماج ۾ ترقي پسند سوچ، انساني حقن ۽ عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان وٺي مختلف محاذن تي ڪم ڪيو آهي. سندس مزاحمت جو ذريعو سندس ڪلاسيڪل رقص آهي. هوءَ صوفي طبيعت رکندڙ ترقي پسند ۽ انسانيت دوست شخصيت آهي، جڏهن 2017ع ۾ لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي خودڪش حملو ٿيو ته هوءَ ٻئي ڏينهن تي اتي پهچي وئي ۽ درگاهه جي اڱڻ تي ڌمال وجهي ماڻهن جو خوف دور ڪيو ۽ سندس ڌمال جون تصويرون ۽ وڊيوز سڄي دنيا ۾ وائرل ٿيون. اهڙي شخصيت جي گرفتاريءَ تي ڪو بيان نٿيون ڏئي سگهن ته پوءِ انهن کي ايوانن مان ٻاهر نڪري پنهنجي گهرن ۾ ٿانو ٻُهاري ڪرڻ گهرجي. اهي عورتون اسان جي ووٽن جي ذريعي انهن ايوانن تائين پهتيون آهن، اسان جي ٽيڪسن مان پگهارون ۽ مختلف سهولتون حاصل ڪري رهيون آهن، پر انهن کي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ زيادتي نظر نٿي اچي. سنڌ حڪومت جي لاءِ شرمندگيءَ جي ڳالهه آهي ته جڏهن شيما ڪرماني جيڪا عورت مارچ تنظيم جي اڳواڻ آهي اها ڪراچي پريس ڪلب تي مائرن جي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي ساٿين سان هڪ گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ جمع ٿئي ٿي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي ٿو. ڇا شيما ڪرماني ڪا ڏوهاري عورت آهي، جنهن پنهنجي ڪردار سان امن امان جو ڪو مسئلو پيدا ڪيو هجي آخر کيس ڇو گرفتار ڪيو ويو؟
اصل ڳالهه اها آهي ته هن وقت پيپلز پارٽي پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ عوام جي جمهوري حقن کي طاقت جي زور سان چيڀاٽي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جڏهن به ڪا طاقتور ڌر عوام جي آئيني ۽ جمهوري حقن جي مٿان ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته عوام ان کان چونڊن جي ذريعي پنهنجو انتقام وٺندو آهي ۽ پيپلز پارٽي کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته سڄي پاڪستان مان سندس تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي وٽس وڃي سنڌ جو ٽڪرو بچيو آهي ۽ سنڌ ۾ به سندس خراب حڪمراني جي ڪري جيڪا حالت هن وقت سماج جي ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ بد انتظامي چوٽ تي چڙهيل آهي ۽ عورت سان ظلم جي انتها ٿي رهي آهي، ان جو بدلو عورتون چونڊن دوران وٺنديون. صرف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪجهه پئسا ڪجهه عورتن کي ڏيڻ سان پارٽي عورت دوست هجڻ جي دعويٰ نٿي ڪري سگهي. پيپلز پارٽي جيڪا هڪ روشن خيال، لبرل ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار سمجهي ويندي هئي، هن وقت پنهنجي منشور جي ابتڙ ڪم ڪندي نظر اچي رهي آهي. انساني حقن جي تنظيمن کي اڳتي وڌي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت تي کليل لفظن ۾ تنقيد ڪرڻ گهرجي ته هڪ بزرگ فنڪاره کي آخر ڇو گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪاري ڪيل عورتن جي قتل خلاف آواز بلند ڪري اهڙي ڪڌي رسم کي هميشه ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وڃي. هيستائين جيڪي عورتون ڪاري ڪري ماريون ويون آهن اتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي جوابده ڪري ڪورٽن ۾ طلب ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي سخت سزائون ڏيڻ جي گهر ڪئي وڃي. اميد آهي ته آصفه ڀٽو زرداري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي عورتن جي حقن لاءِ اڳتي وڌي ڳالهائيندي ۽ عورتن سان ٿيندڙ زيادتين تي پنهنجي پارٽي جي اندر احتجاج ڪندي ۽ پنهنجي پارٽيءَ کان سوال ڪندي ته سنڌ ۾ آخر عورت سان ايتري زيادتي ڇو ٿي رهي آهي؟ جيستائين وچئين طبقي مان باشعور عورتون سياست ۾ نه اينديون تيستائين شيما ڪرماني جهڙيون عورتون روڊن تي گهيلبيون رهنديون ۽ هر ٻئي ڏينهن تي ڪنهن نه ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ عورتون ڪاريون ڪري ماريون وينديون.