مئي مهيني جي ٻئي آچر تي مائرن جو ڏهاڙو ملهائڻ نه صرف هڪ رسم، پر ان ڏينهن تي مائرن جي عظمت، اهميت ۽ سندن مقدس رشتي کي دنيا آڏو اجاڳر ڪرڻ آھي. ان ڏينھن جي شروعات 1908ع ۾ ٿي، جڏهن اناجاروز نالي عورت طرفان ماءُ جي يادگيري طور سينٽ اينڊريئو ميٿئيوڊسٽ چرچ گرافٽن اولهه ورجينا ۾ پنھنجي ماءُ کي ڀيٽا ڏئي ماءُ جو ڏينھن ملهايو ويو. ماءُ دنيا جو اهو عظيم ۽ مقدس رشتو رهيو آھي، جنھن جي متبادل ڪوبه رشتو جڳهه ڪو نه والاري سگهيو آھي. عورت جي روپ ۾ ماءُ نه صرف هڪ رشتو، بلڪه ماءُ لازوال قربانين جو هڪ مثال هجي ٿي. هونئن ته هر ڏينھن ئي ماءُ جي اهميت ۽ عظمت جو ڏينھن هوندو آھي، پر مائرن جي عالمي ڏينھن تي خصوصي طور ماءُ جي لازاول قربانين کي ياد ڪندي سندس اهميت، عظمت ۽ خصوصيت سان گڏ هن مقدس رشتي کي ڀيٽا ڏئي اهو احساس ڏياريو ويندو آھي ته انسان هر رشتي ناتي کان بغير گذارو ته ڪري سگهي ٿو، پر ماءُ جهڙي مقدس رشتي کان بغير جياپو اڌورو ۽ نامڪمل بلڪه جيئڻ ئي مشڪل ٿي وڃي ٿو. اهڙي ڪيفيت جو اظهار اهي يتيم ٻار ئي ڪري سگهن ٿا، جن کان سندن مائرون هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويون آھن. ماءُ جي شفقت ۽ ماءُ جي پيار جو اظهار ۽ ممتا جي رشتي جي ڇانو جو قدر هميشه اها ئي زبان بيان ڪري سگهي ٿي جيڪو ان کان محروم رهيو هجي. ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪي به لفظ يا جملا نا ڪافي آھن ۽ دنيا ۾ اهڙو ڪو ماپو ئي وجود ۾ ڪو نه آيو آھي، جيڪو ماءُ جي لازوال قربانين ۽ اولاد لاءِ برداشت ڪندڙ تڪليفن کي ماپي يا توري سگهي.