پاڪستان جي مدرسن ۾ معصوم ٻارڙن سان جنسي زيادتيون هڪ سنگين مسئلو اختيار ڪري چڪو آهي، جتي هر روز ڪنهن نه ڪنهن مدرسي ۾ ڪو اهڙو واقعو ميڊيا تي نمودار ٿئي ٿو، جيڪو اسان باشعور انسانن کي ڇرڪائي ڇڏي ٿو. باوجود ان جي حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ به نٿي چُري. حقيقت ۾ اهو بيحس رويو اسان جي معاشرتي ۽ اخلاقي قدرن تي هڪ سواليه نشان آهي ۽ اهو مسئلو نه صرف سني بلڪه شيعه مدرسن ۾ به هڪ روايت بڻجي چڪو آهي. ڏٺو وڃي ته مملڪت خداداد ۾ مدرسن جي تاريخ صدين تي قائم آهي، جتي ديني تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت ميسر ڪرڻ جي دعويٰ به عام آهي. باوجود ان جي وقت سان گڏوگڏ ۽ ذرائع ابلاغ ۾ ترقي جي بدولت مدرسن ۾ ٻارڙن سان جنسي زيادتين جا واقعا سامهو اچڻ لڳا، جيڪي انهن مقدس مدرسن جي ساک کي متاثر ڪري رهيا آهن. ان حساب ۾ ويجهڙائي ۾ ئي شايع ٿيندڙ سسٽين ايبل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (SSDO) جي رپورٽ مطابق سال 2019ع کان 2026ع جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ٻارڙن خلاف جنسي زيادتين جا 5398 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. انهن مان 62 سيڪڙو پنجاب، 1.25 سيڪڙو خيبر پختونخواھ، 8-5 سيڪڙو سنڌ ۽ 5 سيڪڙو بلوچستان ۾ رپورٽ ٿيا، جيڪي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته اهو مسئلو سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهي.
ڪي ماڻهو مدرسن ۾ ٿيڻ وارن جنسي زيادتي وارن واقعن جو دفاع ڪندي چون ٿا ته اهي واقعا اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ ٿين ٿا. انهيءَ قسم جو دليل ڏيڻ ايئن ئي آهي جيئن بيماري جو علاج ڪرڻ جي بجاءِ هي چوڻ ته “ٻيا به ته بيمار آهن” حقيقت اها آهي ته مدرسا پاڻ کي اخلاقي تربيت جو مرڪز قرار ڏين ٿا ۽ عالم پاڻ کي مذهبي ممبر جو وارث قرار ڏين ٿا. انهيءَ لاءِ انهن مان سماج کي بلند معيار جي اميد آهي، پر ان جي ابتڙ اتي جيڪو ڪجهه معصوم ٻارڙن سان ٿئي ٿو ان سماج جون اميدون ختم ڪري ڇڏيون آهن. ان حوالي سان حڪومتي ۽ عوامي سطح تي قدمن کڻڻ جي اشد ضرورت آهي ته جيئن اسان پنهنجن ٻارڙن کي مدرسن ۾ ٿيڻ وارين جنسي زيادتين کان بچائي سگهون. ٻارڙن کي ديني تعليم بنيادي سطح تي عورت استاد به ڏئي سگهن ٿيون. انهيءَ کانسواءِ مدرسن جو نظام بهتر ۽ فعال بنائڻ لاءِ هتي ٿيڻ وارن استادن جي ڀرتين جو نظام شفاف بڻايو وڃي ۽ ڀرتين کان اڳ انهن جو نفسياتي ٽيسٽ ورتو وڃي. مدرسن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي مڪمل طور تي مدرسن کي محفوظ بنائڻ لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن ۽ انهن جي نگراني پوليس جي ڪنهن اسٽيشن تان ڪئي وڃي. ان کان علاوه شڪايتون درج ڪرائڻ لاءِ ڪا خاص هيلپ لائين هجڻ گهرجي جتي ٻار يا والدين هڪدم رابطو ڪري مدد حاصل ڪري سگهن. ان کان علاوه والدين جو به اهو فرض آهي ته پنهنجن ٻارن کي ان ڳالهه بابت آگاهي ڏين ته انهن جي جسم جي ڪهڙن حصن کي ڪوبه ماڻهو نٿو ڇهي سگهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڇهڻ جي ڪوشش ڪري ته انهن کي رڙيون ڪرڻ ۽ پنهنجي بچاءُ جي لاءِ سڏ ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي. خبر ناهي ته ڪيترا ٻار ننڍپڻ ۾ جنسي زيادتي جو شڪار ٿي سڄي عمر نفسياتي بيمارين جو شڪار بڻجي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي اڳتي هلي خود سماج جي لاءِ هڪ روڳ بڻجي وڃن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻارڙن کي مدرسن ۾ صرف مذهبي تعليم ڏيڻ ڪافي ناهي، بلڪه انهن کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ڀرپور نصاب پڙهايو وڃي ته جيئن اهي هنرمند ۽ تعليم يافته بڻجي بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. نه صرف ايترو بلڪه اهي دنيا سان گڏ هلڻ جي قابل ٿي سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن کان به پوئتي ۽ گهٽ نه سمجهن.