سنڌ جي غريب ۽ پورهيت عوام جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو الميو اهو بڻجي ويو آهي ته هو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي لاوارث بڻيل آهن. جيئرا هجن ته سندن ڪو وارث ڪونهي ۽ جيڪڏهن قسمت کين پرديس ۾ موت ڏئي ته پوءِ به سندن لاشن جي واپسي لاءِ وارثن کي در در جون ٺوڪرون کائڻيون پون ٿيون. هي صرف هڪ خاندان جو درد ناهي، پر پوري سنڌ جي اُن مظلوم طبقي جو سوال آهي، جيڪو پنهنجي ٻچن جي بک مٽائڻ لاءِ پنهنجو وطن، پنهنجا عزيز، پنهنجا دوست ۽ پنهنجون خوشيون ڇڏي پرڏيهه وڃڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
تازو غوثپور جي علائقي سان تعلق رکندڙ اسان جو عزيز محمد صديق ملڪ روزگار جي تلاش ۾ عراق جي شهر بغداد ويو هو، جتي هو چائنا جي هلندڙ هڪ پروجيڪٽ تي مزدوري ڪري رهيو هو. سندس خواب صرف ايترو هو ته پنهنجي گهر ڀاتين جي زندگي بهتر بڻائي سگهي، پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ ڪجهه بچائي سگهي ۽ پنهنجي گهر جي ڏکن کي گهٽائي سگهي، پر قسمت کيس وڌيڪ مهلت نه ڏني ۽ پنج ڏينهن اڳ بغداد ۾ دل جي دوري سبب سندس انتقال ٿي ويو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود سندس لاش اڃان تائين وارثن حوالي نه ٿي سگهيو آهي. هڪ غريب خاندان پنهنجي پياري جي آخري ديدار لاءِ تڙپي رهيو آهي، پر سندن دانهن ٻڌڻ وارو ڪوبه نظر نٿو اچي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر غريب عوام جو ڏوھه ڪهڙو آهي؟ ڇا صرف غريب هجڻ ئي سڀ کان وڏو جرم آهي؟ ڇا انهن پورهيتن جي زندگين ۽ موت جي ڪا قيمت ناهي؟
جڏهن ملڪ جا حڪمران ۽ ذميوار ادارا پنهنجن شهرين جي تحفظ ۽ سندن تڪليفن ۾ ساٿ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا ته پوءِ عوام جي دلين ۾ بيچيني، مايوسي ۽ احساسِ محرومي وڌي وڃي ٿي. سنڌ حڪومت هجي يا پاڪستان حڪومت، ٻنهي جي ذميواري آهي ته هو پرڏيهه ۾ فوت ٿيندڙ پورهيتن جي لاشن جي واپسي لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کڻن. اهي ماڻهو ملڪ لاءِ زرِمبادلو موڪلين ٿا، پنهنجا گهر هلائين ٿا ۽ معيشت جو حصو بڻجن ٿا، پوءِ سندن موت کانپوءِ بيحسي ڇو؟ اسان حڪومتِ پاڪستان، سنڌ حڪومت، پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ عراق ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني کي اپيل ٿا ڪريون ته انساني همدردي جي بنياد تي محمد صديق ملڪ جو لاش جلد کان جلد وطن واپس آڻڻ لاءِ فوري انتظام ڪيا وڃن، جيئن سندس وارث آخري ديدار ڪري سگهن ۽ کيس پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفنائي سگهن. غريب عوام تي رحم ڪيو. انهن جي درد کي سمجهو. ڇو ته جيڪو معاشرو پنهنجي پورهيتن ۽ غريبن جي عزت نٿو ڪري، اُهو ڪڏهن به حقيقي ترقي نٿو ڪري سگهي.