ڀارت پاڪستان جو اضافي پاڻي روڪي ورتو
ڀارت پاران جنگي جنون بعد هاڻي آبي دهشتگردي جو محاذ کولي ڇڏيو آهي. ڀارت جي پاڻي وارن وسيلن جي وزير ارجن ميگوال چيو آهي ته ڀارت اولهه وارن دريائن ستلج، بياس ۽ راوي مان پاڪستان ايندڙ پاڻي ۾ کوٽ ڪري ڇڏي آهي، روڪيل پاڻي جو مقدار 5 لک 30 هزار ايڪڙ فوٽ آهي. ڀارتي وزير مطابق ان پاڻي کي ذخيرو ڪيو ويندو ۽ وقت اچڻ تي راجسٿان ۽ پنجاب لاءِ پيئڻ زراعت لاءِ استعمال ڪيو ويندو ۽ اهي ٽئي درياءَ سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت جا آهن ۽ اسان ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي.

