خاصنئون

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس، ماڊل ايان علي گرفتاري خلاف ڪورٽ سان رابطو

ماڊل گرل ايان علي پنهنجي دائمي گرفتاري وارنٽ خلاف عدالت سان رابطو ڪري ڇڏيو آهي هن اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته هوءَ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ چاهي ٿي جنهن لاءِ کيس هڪ موقعو ڏنو وڃي ۽ ڪسٽم عدالت پاران جاري ڪيل گرفتاري جو وارنٽ واپس ورتو وڃي. واضح رهي ته راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت مسلسل غيرحاضري تي ماڊل گرل ايان علي کي اشتهاري قرار ڏيندي ملزمه جي اثاثن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جو پسمنظر

14 مارچ 2015 تي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ اسلام آباد تان ايان علي کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن هوءَ 5 لک آمريڪي ڊالر غير قانوني طريقي سان دبئي کڻي وڃي رهي هئي جنهن بعد عدالت ان کي ضمانت تي رها ڪيو ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي پر ان کان پوءِ ڪافي دفعا عدالت پاران طلب ڪرڻ تي به هوءَ پيش نه ٿي آهي.