وزيراعظم پاران قبائلي علائقن ۾ سئو ارب خرچ ڪرڻ جو اعلان
وزيراعظم عمران خان قبائلي علائقن ۾ ڏهن سالن تائين هر سال سئو ارب رپيا خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن اعلان بعد قبائلي علائقي جي ترقياتي پروگرام بابت مشاورتي عمل شروع ڪيو ويندو. جيڪو ٽن هفتن تائين جاري رهندو. وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته قبائلي علائقن جي عوام بي مثال ترقي ڏسندي.

