خاصنئون

نواز شريف جي ڇهه هفتن جي ضمانت منظور

سپريم ڪورٽ ۾ نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ 50 لکن جي عيوض نواز شريف جي ڇهه هفتن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. جڏهن ته هن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه هوندي ۽ هو پاڪستان ۾ ئي پنهنجي مرضي جي ڊاڪٽر ۽ اسپتال مان علاج ڪرائي سگهندو. سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق نواز شريف 50 لکن سان گڏ ٻن ڄڻن کي به ضمانت طور پيش ڪيو آهي. ڇهن هفتن بعد پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي گرفتار ڪيو ويندو. واضح رهي ته ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف کي دل، گُردن ۽ شوگر جا مرض آهن، جنهن جو ميڊيڪل بورڊ معائنو ڪري نواز شريف کي اسپتال منتقل ٿيڻ جي سفارش ڪئي آهي.