خاصنئون

گڏيل قومن ۾ مذهب ۽ تعصب جي بنياد تي دهشتگردي خلاف قرار داد منظور

گڏيل قومن ۾ مذهب ۽ تعصب جي بنياد تي دهشتگردي خلاف قرار داد منظور ڪئي وئي آهي. هي قرار داد نيوزيلينڊ حملي ۽ اسلام دشمن رويي خلاف ترڪي پاران پيش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته قرار داد کي تيار ڪرڻ ۾ پاڪستان به ترڪي جي مدد ڪئي آهي. قرار داد بابت ڳالهائيندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته هي قرار داد اسلام دشمن روين کي مسترد ڪري ٿي. اسان جي خطي ۾ به انتها پسند انتشار ڦهلائي رهيا آهن. وڌندڙ اسلام دشمن رويا اسلام لاءِ خطرناڪ آهن. ديوارون ٺاهڻ بجاءِ امن پسند پُليُون ٺاهڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه قومن، مذهبن ۽ تهذيبن کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ۽ حمايت ڪئي آهي. ڪنهن کي به مذهب نسل ۽ رنگ جي بنياد تي ماڻهن کي نفرت ۽ انتها پسندي جو نشانو بنائڻ نٿو ڏئي سگهجي.  مغرب ۾ پلجندڙ انتها پسند، نسل پرست سوچ عالمي ڀائيچاري جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي.