خاصنئون

آسٽريليا جي سينيٽر جي جذباتي تقرير انٽرنيٽ تي وائرل ٿي وئي

نيوزي لينڊ جي مسجدن ۾ حملن بعد آسٽريليا جي سينيٽر فريزر ايننگ پاران مسلمان مخالف بيانن تي آسٽريليا جي سينيٽ جي ميمبرن پاران مٿس سخت تنقيد جو اظهار ڪيو ويو آهي. خميس ڏينهن آسٽريليا جي پارليامينٽ جي ميمبر ساراهنسن پاران فريزر ايننگ تي تنقيد ڪندي چيو ته نيوزي لينڊ ۾ ماڻهن پنهنجون زندگيون وڃايون آهن ۽ هي انسان ان کي مذاق ٿو سمجهي. هن جهڙي انسان کي پارليامينٽ ۾ ويهڻ جو ڪوبه حق نه آهي. هي آسٽريليا جي ماڻهن جي نمائندي ڪرڻ جي لائق نه آهي هي پاڻ کي آسٽريلين چورائڻ جي لائق نه آهي ۽ هي اسان مان نه آهي. ياد رهي ته فريزر ايننگ نيوزي لينڊ جي مسجدن ۾ حملي واري ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته ان رتو ڇاڻ جو سبب مسلمانن کي اميگريشن ذريعي نيوزي لينڊ ۾ رهائش ڏيڻ آهي.