خاصنئون

خلا ۾ موجود ڪچرو صاف ڪرڻ وارو سيٽلائيٽ

آمريڪا جي رينسيلائر پولي ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ  (Rensselaer Polytechnic Institute) هڪ اهڙي سيٽلائيٽ تيار ڪئي آهي. جيڪا خلا ۾ موجود سيٽلائيٽن ۽ راڪيٽن جي گند ڪچري کي صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندي. هن منصوبي کي OSCAR (Obsolete Space Craft Capture and Removal) جو نالو ڏنو ويو آهي. هن منصوبي ۾ استعمال ٿيندڙ سيٽلائيٽ جي سائيز 10 ڪيوب سينٽي ميٽر آهي. هن قسم جي سيٽلائيٽ جي هڪ  حصي ۾  ٻارڻ ۽ پروپلشن جو نظام آهي. ٻئين ۾ ڊيٽا، جي پي ايس ۽ ڪميونيڪيشن جو نظام رکيو ويندو. جڏهن ته ٽئين ۾ چار عدد بندوق جهڙيون ناليون هونديون. جن کي تارُن ذريعي ڄار سان جوڙيو ويندو. هن منصوبي تحت  سيٽلائيٽ خلا ۾ موجود ڪچري کي ڄار ۾ ڦاسائي ان کي زمين جي مدار ڏانهن آڻيندي ۽ ان کي زمين جي مدار ۾ ڇڏي ڏيندي. جنهن بعد ان ڪچري کي زمين جي فضا جي رڳڙ جي مدد سان  باهه لڳي ويندي ۽ زمين تائين صرف ان جي خاڪ ئي پهچي سگهندي. هن منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ پروفيسر ڪرٽ اينڊرسن جو چوڻ آهي ته ڪاميابي جي صورت ۾ هن قسم جون وڌيڪ سيٽلائيٽس آهستي آهستي خلا ۾ موجود سڄي ڪچري کي صاف ڪري ڇڏينديون. واضح رهي ته گذريل صديءَ ۾ خلائي مدار ۾ راڪيٽن جي ڦاٽڻ، سيٽلائيٽن جي تباه ٿيڻ سبب انهن جي ڪچري جو هڪ ڍير لڳي ويو آهي. ان ڪچري جا ٽڪرا هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ ڪري نئون ڪچرو ٺاهڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.