شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪ ڀارت ڳالهين جو امڪان رد
وفاقي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جا پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. جتي اهي رسمي ملاقات ڪندا ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ سشما سوراج وچ ۾ ڪابه طئي ٿيل ملاقات نه ٿيڻي آهي. ياد رهي ته ٻنهي وزيرن وچ ۾ گذريل ٽن سالن ۾ ڪابه ملاقات نه ٿي آهي، 2018 ۾ به آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ طئي ٿيل ميٽنگ ڪينسل ٿي وئي هئي ۽ پلوامه حملي بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف وڌي ويا هئا. واضح رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي هي ميٽنگ 21 ۽ 22 مئي تي چين جي شهر شنگهائي ۾ ٿيڻي آهي.

