بلوچستان ۾ ليويز فورس پوليس ۾ ضم ٿي وئي، نوٽيفڪيشن جاري
بلوچستان جي داخلا واري کاتي پاران جاري نوٽيفڪيشن مطابق گوادر، لسٻيلا ۽ ڪوئيٽا اندر ڪم ڪندڙ ليويز فورس کي پوليس ۾ ضم ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت ڪل بي ايرياز کي اي ايرياز ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب چيو ويو آهي ته ايراني بارڊر تائين پوليس مقرر رهندي. جڏهن ته مهراڻ ڪوسٽل هاءِ وي تي به پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

