خاصنئون

سعودي عرب پهرين جولاءِ کان پاڪستان کي اڌارو تيل ڏيندو

سعودي عرب کان پاڪستان کي تيل ملڻ جو اعلان ٿي ويو. سعودي عرب پهرين جولاءِ کان پاڪستان کي اوڌر تي تيل ڏيندو. خزاني واري سيڪريٽري عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته سعودي عرب سالانه ٻه ٽي ارب ڊالرن جو تيل اڌار تي ڏيندو. ان قدم تحت پاڪستان تي ادائگين جو بار گهٽ ٿيندو. ٽن سالن اندر ڪل 9.6 ارب ڊالرن جو تيل اڌار تي ملندو. هن موقعي تي ملڪ جي روينيو واري وزير جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي هن عمل سان پاڪستان جو خسارو گهٽجي ويندو ۽ جلد ئي معيشيت بهتر ٿي ويندي.